ٽيچر جيڪو انگريزي لفظ آھي جنهن جي معنيٰ آھي پاڙھيندڙ، جنهن کي عربيءَ ۾ مُعلم، فارسيءَ ۾ آخوند، سنسڪرت ۾ گُرو، ترڪش زبان ۾ اتالِيق، اردو ۽ سنڌي ۾ استاد ڪري سڏيندا آھن، جنهن جي ھر ٻوليءَ ۾ معنيٰ ۽ مفهوم آھي سيکاريندڙ، علم ڏيندڙ، گِيان ورھائيندڙ، رھبر، جيئن شاھ صاحب جي بيت جي سِٽ آھي ته “امت جي آخوند، اوڀڙ سڀ اڀاريا.” مطلب دنيا جي ھر زبان ۾ ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استاد جو مقام اوچو آھي، بغير استاد جي انسان ڀٽڪيل راھن جو مسافر ٿي پوندو آھي.
بقول “مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ” جي ته استاد جو مثال ان ٻرندڙ ميڻ بتيءَ وانگر آھي، جيڪا پنهنجي وجود کي ختم ڪري ٻين کي روشناس ڪندي آھي.
استاد به ائين ئي پنهنجي شاگردن تي پنهنجي جيءَ جان سان محنت ڪري ان کي علم سان روشناس ڪندو آھي.
استاد جي عظمت کي بيان ڪرڻ لاءِ نه مون وٽ اھو قلم، نه ئي وري اھڙا لفظ آھن. استاد جو مقام ھڪ عليحده مقام آھي، جنهن تي ٻيو ڪو به رَسِي نٿو سگھي. اھو استاد ئي آھي جيڪو پنهنجي علم جي روشني پکيڙي ظالمن جا ظلم، جابرن جا جبر، لاشعوري، ناانصافي ۽ جھالت جي انڌيرن کي مٽائيندو آھي. اھو استاد ئي آھي جيڪو پنهنجي علم سان انڌن کي اکيون، گونگن کي زبان ۽ معذورن کي زماني سان گڏ ھلڻ جي جرئت، ھمت ۽ حوصلو ڏيندو آھي. اھو استاد ئي آھي جيڪو پنهنجي شاگردن کي ا، ب جي سُتِي وجھندو آھي ۽ ھن جي روحاني ۽ ذھني پرورش ڪري زماني سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلڻ جا گُرَ سيکاريندو آھي. اھو استاد ئي آھي جيڪو پنهنجي شاگردن کي علم جي زيور سان سينگاري ان ۾ آسمان کان به اوچي اڏام، سمنڊ کان به گھري سوچ، پھاڙن کان به پختا حوصلا، جبل جھاڳڻ ته ڇا پر ڏونگر ڏارڻ جي به طاقت پيدا ڪري ٿو. دنيا ۾ اھڙو ماپو ئي نه آھي جنهن ۾ استاد جي عظمت سمائي سگھجي. تاريخ گواھ آھي ته جن به پنهنجي استادن جو مانُ رکيو آھي اھي وقت جا امام ٿي ويا.
ان جو ھڪ مثال ھي آھي ته:
“امام غزالي” جيڪو وڏي عمر جو ھو ته کيس احساس ٿيو ته علم حاصل ڪرڻ گھرجي، اھا سوچ رکي اتي جي ھڪ عالم ڏانهن ويو ۽ کين ادب سان عرض ڪيو ته سائين مونکي پنهنجي شاگردي ۾ وٺو. استاد غزالي کي ڏسي کيس ڪجھ پئسا ڏنا ۽ چيائينس ته بازار مان وڃي اوجِھرِي وٺي آ. غزالي پئسا وٺي بازار پھتو ۽ اتان اوجِھرِي خريد ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪاسائيءَ جي دڪان تي پھتو ۽ ان کي پئسا ڏئي چيائين: انهن پئسن جي اوجِھرِي ڏيو. اوجِھرِي ايتري ملي جو ڪجھ پنهنجي ساڄي ھٿ ۾ کنيائين، ڪجھ کاٻي ھٿ ۾ کنيائين، اڃا اوجِھرِي بچي پئي ته ڪاسائيءَ کي چيائين ته اھا منهنجي چَڪَ ۾ ڏي. غزالي اوجِھرِي کڻي استاد جي دروازي وٽ پھتو ته ڏٺائين ته استاد درس ڏيڻ ۾ مصروف ھو ته غزالي مداخلت نه ڪئي ۽ ڪافي پَھر بيٺو رھيو ۽ دل ۾ سوچيندو رھيو ته شايد اھو به استاد جو ڪو امتحان آھي. استاد ڪافي دير بعد ھن ڏانھن نھاري اشارو ڪيو ته اندر اچ. استاد ھن کي ڏسي جملو چيو ته “تون يقيناً پڙھڻ آيو آھين.”
ان کان پوءِ غزالي کي جيڪو سبق ملندو ھو، اھو ھُو ھڪ ٽڪريءَ تي وڃي تنھائي ۾ ياد ڪندو ھو، ان ٽڪريءَ جي پاسي ۾ جبل تان چشمو وھي رھيو ھو ۽ ان چشمي جو ھڪ قطرو ان ٽڪريءَ تي ڪِرِي رھيو ھو، جنهن انھيءَ پٿر ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھو قطرو ان سوراخ مان وَھِي ھيٺ ھڪ تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري چڪو ھو. غزالي اھو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ چيائين: ھل غزالي! سڄي عمر وڃائي ڇڏيئي ان ھڪ قطري وانگر جيڪڏھن ھڪڙو اکر روز پڙھين ھان ته اڄ تو وٽ به علم جو تلاءُ ھجي ھان! پر غزالي! ھمت نه ھار اڃا به ويل نه وئي آھي. ان بعد غزالي محنت ڪئي ۽ جيئن استاد چوندو ويو، اھو ھُو ڪندو ويو، اھو غزالي اڄ “امام غزالي” سڏجي ٿو. اھڙا ٻيا به ڪيترائي مثال تاريخ جي ورقن ۾ موجود آھن ته جن به پنهنجن محترم استادن جي عزت ڪئي ۽ انھن جو ڀرم رکيو ته وقت به انھن جو ڀرم رکيو آھي. اھڙو ھڪ ٻيو مثال جيڪو اسان جي اکين آڏو آھي. اسان جي شھر “قاضي احمد” جو ھڪ نامور استاد جيڪو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آھي، پر سندن ڏنل درس ۽ سندن چيل جملا اڄ به ان جي شاگردن کي بخوبي ياد آھن، جيڪي انھن جي ھر موڙ تي رھنمائي ڪندا آھن. “مرحوم سائين محمد ادريس مھر صاحب” جنهن جو اڌ کان وڌيڪ قاضي احمد شھر شاگرد رھيو. سندن شاگردن مان ڪيترائي شاگرد اڄ وڏن عھدن تي فائض آھن. قاضي احمد کي علم سان روشناس ڪرڻ ۾ وڏو ھٿ سائين مرحوم محمد ادريس مھر جو آھي جنھن پئسي کي نه بلڪه علم کي اھميت ڏني. سندن شفقت ڀرين ھٿن ۾ ڪيترن ئي غريب شاگردن علم پرايو. جنهن جو ھڪ مثال آھي ته:
اسان جي شھر قاضي احمد جو ھڪ ننڍڙو ٻالڪ جنهن جو نالو “باغ جتوئي” ھو، جنهن کي سندس امڙ سائين مرحوم محمد ادريس مھر وٽ وٺي آئي ۽ عرض ڪندي سائين کي چيائين ته مونکي منھنجو ننڍڙو پڙھائي ڏيو. سائين جن تمام شفيق طبيعت جا ھئا، سو امڙ جو مانُ رکيائون ۽ چيائون توهان جي ننڍڙي کي آئون ضرور پڙھائيندس ۽ ھن کي ھڪ آفيسر ڪندس، اھو توھان سان منھنجو واعدو آھي. سائين جن ان تي ڀرپور محنت ڪئي ۽ ان محنت رنگ لاتو ۽ اھو ننڍڙو ٻالڪ باغ جتوئي اڄ “ڊاڪٽر باغ جتوئي” جي نالي سان مشھور آھي. اھڙا کوڙ سارا مثال سائين جن جي شاگردن جي روپ ۾ موجود آھن، جن مان آئون به ھڪ آھيان. اڄ مان جو ڪجھ آھيان يا جيڪو پڙھي ۽ لکي رھيو آھيان سائين جن جي مھرباني آھي.
استاد جي عزت، مانُ، مرتبي، شان و شوڪت، عظمت ۽ ھَشمت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته اڳوڻي دور ۾ بادشاھن جي درٻار ۾ استاد جي ڪرسي بادشاھ جي ڪرسي سان گڏ لڳائي ويندي ھئي.
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حديث مبارڪ آھي ته “استاد پيغمبرن جا وارث آھن.”
بغير استاد جي زندگي بغير ٻيڙيءَ جي سمنڊ پار ڪرڻ جي برابر آھي.
***