نئون

هاڻي پوسٽ آفيس ۾ به شناختي ڪارڊ ٺهي سگهندا

نادرا ۽ پوسٽ آفيس وچ ۾ معاهدي کانپوءِ ملڪ اندر ڏورانهن علائقن ۾ به موجود پوسٽ آفيسون نادرا جا شناختي ڪارڊ ٺاهينديون. هن عمل لاءِ هاڻي ملڪ اندر 200 پوسٽ آفيسون شناختي ڪارڊ ٺاهينديون. نادرا جي نمائندي چيو آهي ته هن تعداد کي اڳتي وڌايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته هن طريقي سان وڌيڪ علائقن ۾ شناختي ڪارڊ جي سهولت مهيا ڪئي ويندي. هن چيو ته هي انقلابي قدم ماڻهن جي سهولت ۽ آساني لاءِ کنيو ويو آهي. اهڙا ڪائونٽر پهريون دفعو شناختي ڪارڊ ٺاهڻ سان گڏ هر قسم جي پراسيسنگ به ڪندا.