خاصنئون

وزرات دفاع جي ڪرنل (ر) انعام الرحيم جي مشروط رهائي جي يقين دهاني

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ لاپتا ماڻهن جي وڪيل انعام الرحيم جي رهائي سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وزارت دفاع انعام الرحيم جي مشروط رهائي جي يقين دهاني ڪرائي. اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪرنل (ر) انعام الرحيم بيمار آهي، کيس بار بار اسپتال وٺي وڃڻو پئجي رهيو آهي. هو پنهنجو پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي ۽ راولپنڊي ۽ اسلام آباد کان ٻاهر به نه وڃي ۽ هو پنهنجي ليپ ٽاپ جي ڪوڊ جو پاسپورڊ به حڪومت حوالي ڪري ته جيئن وڌيڪ تحقيق ٿي سگهي. انعام الرحيم جي وڪيل چيو ته اسان پاسپورٽ ۽ ليپ ٽاپ جمع ڪرائي ڇڏينداسين. ياد رهي ته هڪ مهيني ۽ اٺن ڏينهن کان انعام الرحيم حراست ۾ آهي.