ٽرمپ سڄي دنيا جي لاءِ هن وقت هڪ اهڙو صدر بڻيل آهي جيڪو پنهنجن بيانن تان ڪيڏي مهل به يوٽرن وٺي سگهي ٿو، پر خوشقسمتيءَ سان هن وقت پاڪستان آمريڪا جي ‘گڊ بڪس’ ۾ شامل آهي. جڏهن کان پاڪستان ڀارت کان جنگ کٽي پنهنجو دفاعي وقار بلند ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي صدر ٽرمپ پاڪستان تي پنهنجون مهرباني نڇاور ڪري رهيو آهي.
ساڳي جاءِ تي صدر ٽرمپ آمريڪا سان هن وقت تمام گهڻي ڇڪتاڻ ۾ نظر اچي ٿو. ڀارت جي مٿان ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري ڀارت جي ايڪسپورٽ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. چيو وڃي ٿو ته هن وقت ڀارت جي آمريڪا سان ايڪسپورٽ لڳ ڀڳ زيرو تي پهچي وئي آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته ڀارت صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن نوبيل پرائيز لاءِ نامينيٽ ڪرڻ جي درخواست نه ڪئي آهي.
ان کان علاوه ڀارت روس کان وڏي پئماني تي ڪچو تيل خريد ڪري ان کي رفائنريز ۾ صاف ڪري وري ٻين ملڪن کي وڪڻي وڏو ناڻو ڪمائي ٿو، جنهن سان روس کي به تمام گهڻو مالي فائدو حاصل ٿي رهيو آهي، جنهن سان هو يوڪرين سان مسلسل جنگ ڪرڻ جي قابل آهي. اها ڳالهه آمريڪا جي حق ۾ ناهي، پر ان جي ابتڙ پاڪستان پنهنجي ڪامياب پرڏيهي پاليسيءَ جي سبب هن وقت دنيا جي ٻن طاقتور ملڪن آمريڪا ۽ چين سان پنهنجا سٺا لاڳاپا قائم ڪندي گڏگڏ هلي رهيو آهي.
جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا پاڪستان جي مصنوعات تي ڀارت جي مقابلي ۾ گهٽ ٽيڪس (19 سيڪڙو) لاڳو ڪيو آهي، جيڪو يقينن پهرين جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، پر ڀارت جي آمريڪي مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ جي ڪري پاڪستان ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. تازو ئي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وائٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ آمريڪا جي طرفان پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏي خوشخبري ڏني وئي آهي.
پاڪستان هن وقت بين الاقوامي برادريءَ ۾ تمام بهتر پوزيشن حاصل ڪري چڪو آهي. ڇو ته هن وقت پاڪستان نه صرف ڀارت کان جنگ کٽي آهي، پر سعودي عرب سان جيڪو دفاعي معاهدو ڪيو آهي، ان به پاڪستان جي اهميت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي ۽ ان جو سڄو سهرو اسان جي ڪامياب پرامن پرڏيهي پاليسي آهي.
گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ آمريڪا جا پراڻا لاڳاپا هڪ نئون سنگ ميل عبور ڪري ويا، جڏهن وائٽ هائوس ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ خوشگوار ملاقات ٿي ته سڄي دنيا جي توجهه ان طرف هئي. واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزير اعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ۽ وائٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ملاقات ڪئي جيڪا هڪ ڪلاڪ ويهه منٽ جاري رهي، جنهن ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به شريڪ هئا.
ان ملاقات ۾ علاقائي سلامتي ۽ دهشتگرديءَ سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي انٽيليجنس جي شعبن ۾ آمريڪا سان تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ آمريڪي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ان کان علاوه پاڪستان طرفان آمريڪي ڪمپنين کي زراعت، آءِ. ٽي، معدنيات ۽ توانائي ۾ سرمائيڪاري جي پيشڪش به ڪئي. وزيراعظم پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن کي انهن لاڳاپن مان هڪ جيترو فائدو حاصل ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف نيو جرسي ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته آمريڪا پاڪستان ۾ آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ لاءِ چيو آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معدني ذخيرن جي قيمت جو مناسب تعين ڪيو ويندو، پاڪ آمريڪا تجارتي معاهدا گڏيل مفادن جي تحت ڪيا ويندا. آمريڪا جي آءِ ٽي ۽ مائننگ جي شعبي ۾ سرمائيڪاري ۽ تعاون سان پاڪستان کي بنيادي طور تي هيٺيان اهم فائدا حاصل ٿيندا. پاڪستان جي قرضن مان جان ڇٽي پوندي، ڇو ته معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ سان پاڪستان کي مٽا سٽا جا ذخيرا حاصل ٿيندا.
ان کان علاوه پاڪستان جي معدنيات پرڏيهه موڪلي ويندي ان سان به پاڪستان کي مالي فائدا حاصل ٿيندا. نه صرف ايترو بلڪه ملڪ ۾ صنعتي ترقيءَ جو هڪ نئون درو شروع ٿيندو. ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به پاڪستان ٿيندي، جنهن جي ڪري مختلف شعبن ۾ روزگار جا نوان ذريعا پيدا ٿيندا.
ان سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي شعبي ۾ واڌارو ايندو ۽ اسان جا نوجوان جيڪي ان شعبي ۾ مهارت رکن ٿا، انهن جي لاءِ نوان اسٽارٽ اپس شروع ٿيڻ جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ گهڻ پاسائي ۽ متوازن ترقي ٿيندي. جيڪڏهن آمريڪا واقعي پاڪستان ۾ انهن ٻن شعبن ۾ سرمائيڪاري ڪري ٿو ته پاڪستان جي لاءِ هڪ نئون ترقيءَ جو دور شروع ٿيندو.