بلاگنئون

بدين ۽ حيدرآباد ضلعن وچ ۾ سفري سھولتن جو فقدان

بدين ضلعي جو ھيڊڪوارٽر بدين، حيدرآباد شهر کان 100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي، جنھن فاصلي جي پوري وچ ۾ بدين ضلعي جو ٻيو وڏو شھر ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو ڪاروباري مرڪز ماتلي شھر اچي ٿو. اتفاق سان حيدرآباد کان گولاڙچي، ٽنڊوباگو، ڊگهڙي شھر به تقريبن 100-100 ڪلو ميٽرن جي فاصلن تي آھن، انھن روٽن تي ھلندڙ ڪوسٽرون ۽ ٻيون گاڏيون به ماتلي کان ئي ڪراس ڪن ٿيون. ماتلي ۾ مويا، راڄو خاناڻي ۽ ٻين شھرن جون گاڏيون به ماتلي مان نڪرن ٿيون، ان ڪري ماتلي شھر اچ وڃ جي حوالي سان ھڪ وڏو مرڪز آھي. ماتلي مان گذرندڙ حيدرآباد، بدين ۽ ڊگهڙي روڊن جو شھري آبادي وارو حصو لڳ ڀڳ 10 ڪلو ميٽرن جو ٿي سگھي ٿو. ماتلي تي آباديءَ جو دٻاءُ انتھائي گھڻو آھي، ان ڪري ماتلي ۾ نيون نيون رهائشي ڪالونيون تيزيءَ سان جڙي رھيون آھن. ڪي به انتظامي ضابطا نه ھجڻ ۽ ٽريفڪ قانونن تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ماتلي بدين ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ روڊ حادثا ماتلي شھر جي آسپاس ٿين ٿا، جيڪو ماتلي واسين لاءِ هڪ ڳنڀير مسئلو آھي، جنھن کي روڪڻ جا ڪي به مناسب انتظام ۽ احتياط نه ھجڻ سبب ماتلي ۽ آسپاس جي روڊ حادثن ۾ ماڻھن جي مرڻ جا امڪان وڌيڪ آھن. روڊن تي چنگچي رڪشا، تيز رفتار ڪوسٽرون ۽ روڊن جي حدن ۾ سامان ۽ انساني آباديون حادثن جا وڏي ۾ وڏا ڪارڻ آھن. ڄام صادق جڏھن وڏو وزير ھو ته ان ٿَر جي ماڻھن جي سفري سھولت لاءِ ڪراچي کان مٺي تائين خاص ڪوچون ھلرايون ھيون، جيڪي ماتلي شھر مان گذرنديون ھيون. ڊاڪٽر فھميدا مرزا جڏھن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٿي ته ان ماتلي ريلوي سيڪشن جي ھفتيوار ريل گاڏي 2008ع ۾ ريگيولر ڪرائي، جيڪا 18 سالن کان رڳو ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندي ھئي، مگر ھاڻ اھا مھيني ۾ ھڪ ڀيرو به نٿي اچي. ماتلي ريلوي سيڪشن انگريزن 1908ع ۾ اڄ کان سوا سئو سال اڳ قائم ڪري حيدرآباد کان بدين تائين ٽائيم جون پابند گاڏيون ھلرائي شھرن کي آباد ڪرڻ جا بنياد وڌا ۽ ماڻھن کي سفري سھولتون مھيا ڪيون. باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي فلمسازي، ماتلي ۾ سينيما گھر قائم ڪرڻ، موسيقي جي شوقن ۾ شدت جي پيدا ٿيڻ جو سبب ريل گاڏي ثابت ٿي جيڪا کيس ماتلي کان ممبئي ۽ ھندستان جي ٻين شھرن تائين پھچائيندي رھي، جنھن ماتلي کي ھڪ وڏي نالي جي سڃاڻپ به عطا ڪئي. انگريزن کانپوءِ به لڳ ڀڳ 1990ع ماتلي ريلوي سيڪشن تي وقت جون پابند ريل گاڏيون ھلنديون رھيون، ان ئي زماني ۾ بدين ۾ کليل ايس آر ٽي سي جو ڊپو به ماڻھن کي سفري سھولتون مھيا ڪندو رھيو ھو. ريل گاڏين ۽ ايس آر ٽي سي جي بسن جا مقابلا ھوندا ھئا، ايس آر ٽي سي جون تيز رفتار بسُون حيدرآباد ۽ بدين وچ ۾ صرف ماتلي ۾ بريڪ ھڻنديون ھيون. تلھار ۽ ٽنڊو محمد خان شھرن ۾ اھي نه بيھنديون ھيون. ان طرح 1990ع تائين حيدرآباد کان بدين تائين ريل گاڏين ۽ ايس آر ٽي سي جي بسن جون خدمتون بھترين سفري سھولتون رھيون، جيڪي بعد ۾ پنھنجن ئي ادارن جي ملازمن جي ھٿان ئي تڪڙيون برباد ٿي ويون. ريل گاڏيون شھر توڙي حيدرآباد ۽ ڪراچي کان به مال پھچائينديون ھيون. ريل گاڏين کي ريلوي جي بُڪنگ، ڪلارڪن، ٽڪيٽ چيڪرن، ريلوي اسٽيشن ماسٽرن، پي ڊبليو آءِ ۽ اي ڊبليو آئيز جي ڪرپشن برباد ڪيو ۽ ايس آر ٽي سي کي وري سندس ئي ملازمن تباھي جي ڪناري لڳايو ۽ بعد ۾ اھي ئي ملازم بيروزگاري کان تنگ ٿي سالن تائين احتجاج به ڪندا رھيا.

حيدرآباد کان بدين جي چئن روٽن بدين، گولاڙچي، ٽنڊوباگو ۽ ڊگهڙي تي ھن وقت سفري سھولت لاءِ ڪوسٽرون ئي بچيون آھن، جن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌڻ بجاءِ گھٽبو رھيو آھي. ڪوسٽرن ۾ ماڻھن کي ٻورين وانگر سٿيو وڃي ٿو ۽ ڇِتين تي به ماڻھو ويھاريا وڃن ٿا. ماتلي مان گذرندڙ چئني روٽن جي ڪوسٽرن ۾ ساڳي صورتحال روز پيا ڏسون، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻڪرا به ماڻھن سان گڏ سفر ڪن ٿا. جتي انسانن کي مختلف وائرس حملو ڪري بيمار ڪري رهيا آهن اهڙي وقت ۾ ڪوسٽرن ۾ ماڻھن کي ٻورين وانگر سٿي لڳائي بيھاريو وڃي ٿو. مسافر ڪوسٽرن ۾ مسافرن جي رش جو سبب رڳو آبادي وڌڻ ۽ سھولتون گھٽجڻ نه آھي، پر ھڪ وڏو سبب اھو به آھي ته بدين جي چئني روٽن تي 50 سيڪڙو ڪوسٽرون ھٿرادو طور تي ٽرانسپورٽرن جي ملي ڀڳت سان سائيڊ تي ڪيل آھن، جيڪي ٻين روٽن تي يا خاص طور تي ڪراچي ۾ شفٽ ڪيل ٻڌايون وڃن ٿيون. گھٽ بسن ۾ گھٽ خرچ تي گھڻا ماڻھو سٿي کڻي، ھر چڪر تي وڌيڪ ڪمائي سگھڻ واري بيقاعدگي سبب بدين ضلعي جا مسافر سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن. سيٽ جي حساب سان ماڻھو کڻڻ ۽ ايڪسپريس بسن وارا قاعدا ھاڻ لاڳو نه رھيا آھن، ھر بس لوڪل بس ٿي ھلي رھي آھي. بسن جي ڇِتين تي ماڻھن جي سٿجي ويھڻ کي به نه خطرو ٿو سمجھيو وڃي نه ئي ٽريفڪ يا عام پوليس يا عام ڳوٺاڻن کي ان عمل تي ھاڻي ڪو اعتراض رھيو آھي. نه ته اڳ ۾ رستي جي پاسي وارا ڳوٺ بسن جي ڇتين تي ماڻھن جي سوارين کي ويھارڻ تي اعتراض ڪندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن بسون روڪي ڇتين تان ماڻھو لھرائي ڇڏيندا ھئا، مگر ھاڻي اھڙي نوعيت جي غيرت به باقي نه رھي آھي. اوور لوڊ ڪوسٽرون ۽ انھن جي تيز رفتاري حادثن جو سبب بڻجندي پئي وڃي. ماتلي سان وڏو مسئلو اهو آهي ته بدين ضلعي جي سمورن روٽن جون بسون ماتلي جي وچ مان گذرن ٿيون. بس اسٽاپ کان نڪرندڙ ھر بس باءِ پاس جي چوڪن تائين 10 کان 15 جاين تان ماڻھو کڻنديون ۽ لاھينديون رھن ٿيون. ٽريفڪ انتظاميه روڊن جي سائيڊن تي ڪابه اهڙي جاءِ تعمير نه ڪئي آهي، جتي بسون بيهي محفوظ طريقي سان سواري کي لاهي ۽ چاڙهي سگهن. روڊن جي وچ تي بسن جو بيھڻ يا آھستي آھستي سرڪڻ سان ماتلي شھر ۾ ھر بس 15 منٽن تائين سراسري طور روڊ کي بلاڪ ڪندي رھي ٿي، ھڪڙي نڪري ٿي ته ٻي اچيو وڃي، ان ڪري ماتلي ۾ ٽنھي طرفن باءِ پاس چوڪن جي شھري حصن ۾ ٽريفڪ جيم جا مسئلا وڌي ويا آھن. جڏھن ته ساڳيو روڊ ٽنڊي محمد خان مان به گذري ٿو، مگر اتي اھڙي مصيبت نه آھي. ماتلي جي صورتحال اھڙي ٿي پئي آھي جو شھري تنظيمون مين بس اسٽاپ کي باءِ پاس چوڪن طرف شفٽ ڪرائڻ جو سوچي رھيون آھن. جيڪڏهن ماتلي جي وچ شھر مان مين بس اسٽاپ ٻئي پاسي منتقل ٿيو ته اندريون ڪاروباري مرڪز برباد ٿي ويندو ۽ ھزارين ماڻھو بيروزگاري جو شڪار به ٿيندا ۽ وچ شھر وارين پراپرٽين جي قيمت ڪري پوندي. ريل گاڏيون بند ھجڻ سبب ريلوي جي قيمتي پلاٽن تي تيزي سان قبضا وڌي رھيا آھن، لوھ، ڪاٺ ۽ ٻيون سامان وڏي پيماني تي چوري ٿي رھيو آھي. ريلوي جي اربين رپين جي ماليت جا اثاثا برباد ٿي رهيا آهن. مين روڊن تي ٽريڪٽرن جا گوبل ھر آزادي سان گھمي رھيا آھن، پراونشنل ھاءِ وي اٿارٽي جون مجاز اختياريون اھڙي عمل جو ڪوبه نوٽيس نه پيون وٺن. جڏھن ته سزائن جي قانون ۾ قومي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جي ڏوھن جون سزائون به مقرر آھن.

حيدرآباد کان وايا ماتلي چئن روٽن بدين، گولاڙچي، ٽنڊوباگو ۽ ڊگهڙي وچ ۾ ھلندڙ ڪوسٽرن جي تمام وڏي کوٽ سبب مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ماتلي شھري حدن ۾ رڳو بدين کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ گذرندڙ ڪوسٽرن کي نظرپور، باءِ باس چوڪ، ڦليلي پل، نوتڪاڻي چوڪ، نيشنل بينڪ، گرلس ڪاليج چوڪ، ميونسپل ڪميٽي چوڪ، الله والا چوڪ، پراڻي نيشنل بينڪ، گرلس ھاءِ اسڪول، بوائز ھاءِ اسڪول، تعلقه اسپتال، نظاماڻي پيٽرول پمپ، بلوچ ھوٽل، علي شير ڪانٽا، ڀرڳڙي اسپتال، علي سي اين جي اسٽيشن سميت تقريبن ھر گھٽي جي منھن تان ماڻھو لاھڻا ۽ چاڙھڻا پون ٿا. روڊ شھري حدن ۾ ايترو ويڪرو ناھي جو ڪوسٽرون روڊ تي بيھي سگھن نه ئي سائيڊن ۾ ڪٿي به ڪو ايترو اسپيس آھي جو ڪوسٽرون سائيڊ ٿي بيھن. ان معاملي تي ماضي ۾ فيصلا به ٿيا ھئا ته ڪوسٽرون مين بس اسٽاپ کانپوءِ شھري حدن واري روڊ تي ڪٿي بيھن ۽ ڪٿي نه بيھن. ماضيءَ جون بيڊ فورڊ لوڪل بسون، کاڄي کپي غائب ٿي ويون آھن، جن جي لوڪل مسافري واري جاءِ ڪوسٽرن والاري آھي، جن کي لوڪل بسن طور ھلڻ جي اجازت به مليل نه ھوندي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سرڪاري ڌر سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندا بدين ضلعي واسين کي جيڪڏهن ڪا سھولت مھيا ڪري سگھن ٿا ته اھا سفري سھولت مھيا ڪرائي ڏين. بدين کي 2 منسٽريون به مليل آھن، پر بدين جي چئني روٽن تي سفري سھولتون برباد آھن. انھن چئن روٽن تان غائب ڪوسٽرون واپس ڪرايون وڃن يا انھن جي ٽائيمنگ ٻين ٽرانسپورٽرن کي اجازت ڏئي ڀري وڃي. ان کان علاوه بدين جي ذڪر ڪيل چئن روٽن تي ايڪسپريس ڪوچون پڻ ھلايون وڃن، جيڪي ماتلي، تلھار ۽ ٽنڊو محمد خان کان سواءِ رستي ۾ ڪٿي به نه بيھن ۽ سيٽ جي حساب سان ماڻھو کڻڻ جو ھر ڪوچ توڙي ڪوسٽر کي پابند ڪيو وڃي. جيڪڏهن چئن روٽن مان ھرھڪ تي 5-5 ڪوچون مجموعي طور تي 20 ڪوچون ھلايون ويون ته ماتلي جي ماڻھن کي حيدرآباد لاءِ ھر ڪلاڪ ۾ ڪوچ جي سھولت مھيا ٿي سگھي ٿي. ان لاءِ پرائيويٽ ٽرانسپورٽر به خوشي سان راضي ٿي سگھن ٿا نه ئي سنڌ سرڪار کي ڪو ناڻو خرچ ڪرڻ جي ضرورت پوندي. اھا افسوس جي ڳالھ آھي ته ماتلي ريلوي سيڪشن تي ريل گاڏين جي بحالي وارو معاملو وفاقي سرڪار سان تعلق رکي ٿو، ماتلي ريلوي سيڪشن بدين بارڊر سان جڙي ٿو، ان ڪري اھو ريلوي سيڪشن دفاعي لحاظ کان به وڏي اھميت رکي ٿو، ان جي بحالي اصل ۾ دفاع جي بحالي جي برابر آھي. ڇو ته ڀارت سان 1965ع ۽ 1971ع ۾ ٿيل جنگين ۾ ماتلي ريلوي سيڪشن دفاعي مورچي طور استعمال ٿيو ھو. بدين بارڊر تي فوجي رسَد ان ريلوي لائين ذريعي رسائي وئي ھئي. ان کان سواءِ جيڪڏهن بدين ۽ حيدرآباد وچ ۾ وقت جي پابنديءَ سان گاڏيون ھلايون ويون ته بدين، پيرو لاشاري، تلھار، ڏندو، حڪيماڻي شاھ، ماتلي، نظام سما، ٽنڊو محمد خان، کٿڙ ۽ حيدرآباد جي ھزارين ماڻھن کي بھترين ۽ محفوظ سفري سھولت ملي پوندي ۽ قديم شھرن جون رونقون به بحال ٿي پونديون. وفاقي سرڪار بدين، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ضلعي واسين تي جيڪڏهن ڪو ٿورو ڪرڻ چاھي ته اھو سڀ کان وڏو ٿورو ٿي سگھي ٿو. ھيءَ يادگيري وفاقي سرڪار کي ڏيارڻ لاءِ ماتلي، بدين، تلھار، پيرولاشاري، ڏندو، نظام سما، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي صحافين جي به ذميداري ٿئي ٿي، اھي ماڻھن جا مطالبا، رپورٽ ڪرڻ جي مھم کان آغاز ڪري سگھن ٿا، ان طرح ذڪر ڪيل مسئلن تي ازخود تحريڪون شروع ٿي سگھن ٿيون ۽ جائز عوامي ۽ وڏي فوڪس وارا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.