پاڪستاننئوننيو‍‍ز

ڪراچيءَ ۾ عورتن مٿان ڇُري يا ڪَٽر سان حملا

ميٽرو پوليٽن سٽي ڪراچي ۾ دهشت ۽ وحشت جون روز ڪيتريون ئي وارداتون ٿين ٿيون پر هن وقت ڪراچيءَ جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ هڪ شخص يا گروهه دهشت پکيڙڻ لاءِ عورتن مٿان لڳاتار ڇُري يا ڪَٽر سان حملا ڪري رهيو آهي. هو موٽرسائيڪل تي سوار ٿي اچي ٿو، گهڻو ڪري ڪاري وڳي ۾، ڪارو هيلمٽ پاتل هوندو اٿس پر ساڳي واردات ڪندي هڪ اڇي رنگ جي شلوار قميص ۾ هڪ شخص کي به ڏٺو ويو آهي، جنهن علائقي ۾ نوجوانن ڇوڪرين کان وٺي وڏي عمر جي عورتن ۾ خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو آهي. اسان جي پوليس جنهن کي هر چور ۽ چوريءَ جي خبر هوندي آهي. انٽيليجنس ادارا تمام ڏوهارين تي مڪمل نظر رکن ٿا حيرت ان ڳالهه تي آهي ته اهڙي ڏوهاري کي اڃان گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڇو نه آندو ويو آهي. عورتن جي لاءِ اڳ ۾ ئي ڪيترا مسئلا موجود آهن. هن مسئلي جي ڪري شاگردياڻيون، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مايون ۽ گهر ڌڃاڻيون پنهنجن روزانه جي ڪمن ڪارين لاءِ ٻاهر نٿيون نڪري سگهن. سنڌ حڪومت کي ان لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن ۽ آءِ. جي سنڌ اي. ڊي خواجه کي ان طرف خاص ڌيان ڏئي ڪو پلان ترتيب ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان شخص يا گروهه کي گرفتار ڪري سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي.