نئون

ٽين عورتن جي ڪرڪيٽ ڪوچنگ اڪيڊمي جو افتتاح

لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ڪوچنگ جي ٽين اڪيڊميءَ جو افتتاح اسپورٽس بورڊ پنجاب تحت ڪيو ويو. پنجاب جو راندين جو وزير جهانگير خانزاده ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر ظهير عباس جيڪو ڪرڪيٽ ڪوچنگ اڪيڊمين جو هيڊ آهي ٻنهي گڏجي ان جو افتتاح ڪيو. راندين جي وزير چيو ته اڃان به وڌيڪ اڪيڊمين جو قيام ڪيو ويندو ته جيئن ڪرڪيٽ کي گراس روٽ ليول تي سڄي صوبي ۾ مضبوط ڪيو وڃي.