ناسا جو اسپيس ڪرافٽ سج کي ڇهڻ لاءِ تيار

آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران چنڊ ۽ مريخ بعد هاڻي سج کي تائين پهچڻ  جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ 6 آگسٽ 2018 تي سولر پروب نالي اسپيس ڪرافٽ زمين کان لانچ ڪيو ويندو. سولر پروب کي طاقتور راڪيٽ ڊيلٽا-4 خلا ۾ پهچائيندو، جيڪو عام ڊيلٽا راڪيٽ جي مقابلي ۾ 55 دفعا وڌيڪ طاقت رکي ٿو. اسپيس ڪرافٽ تي لڳايل 5 انچن جي ڪاربن ڪمپوزٽ سولر شيلڊ ان کي سج جي قهر واري روشني ۽ گرمي کان محفوظ رکندي. هن پروجيڪت تي ڪم ڪندڙ ماهر نڪي فاڪس ٻڌايو ته سج تي تحقيق ته ڪافي عرصي کان ٿي رهي آهي پر هن سولر پروب ذريعي ان جي بناوٽ ان جا ڪم ۽ ڪردار تي وڌيڪ تحقيق ڪئي ويندي. جنهن مان اسان کي اهم معلومات ملندي ۽ اهڙو انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو ٿيڻ وارو آهي. ياد رهي ته هائيڊروجن ۽ هيليم سج جي سطح کي بڻائين ٿيون ، جنهن ۾ هائيڊروجن جو مقدار 74 ۽ هيليم جو مقدار 24 سيڪڙو هوندو آهي. ان کان علاوه سلفر، لوهه، نڪل، سليڪان ۽ ٻيا مادا به گهٽ مقدار ۾ هوندا آهن. سج مان خارج ٿيندڙ روشني زمين تي موجود جاندارن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. سج کان روشني کي زمين تي پهچڻ ۾ 8 منٽ 18 سيڪنڊ لڳندا آهن. ان کان علاوه زمين تي موجود موسمن جي بدلجڻ ۾ به هن جو اهم ڪردار رهي ٿو. زمين کان 14 ڪروڙ 95 لک 98 هزار ڪلو ميٽر پري سج نظام شمسي جي مرڪز ۾ موجود هڪ ستارو آهي، جنهن جي چوڌاري زمين سميت ٻيا  سيارا ۽ انهن جا چنڊ گردش ڪندا رهن ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments