ملڪ جي مهانگي ترين چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ملڪ جون 11 عام چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق 10 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ووٽر ملڪ جي 85 هزار پولنگ اسٽيشنن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو آهي ۽ شام 6 وڳي تائين جاري رهندو. چونڊ عمل دوران حفاظتي اپائن ڪارڻ 3 لک 71 هزار فوجي اهلڪار پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيا ويا آهن. هن دفعي چونڊن تي ٿيندڙ خرچ جو ڪاٿو گذريل ٻن چونڊن کان به ٽيڻ تي لڳايو ويو آهي. جنهن مان  وڌيڪ رقم حفاظتي انتظامن تي آيل اهلڪارن تي خرچ ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اندازي مطابق چونڊ عمل تي 21 ارب رپين کان به وڌيڪ رقم خرچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته 2008 ۾ ٿيل چونڊن تي هڪ ارب 84 ڪروڙ رپيا خرچ آيو ۽ 2013 جي چونڊن تي 4 ارب 73 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙن جي باوجود رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد صرف 10 ڪروڙ 50 لک ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته ملڪ جي قومي اسيمبلي جي 270 سيٽن لاءِ 3 هزار کان وڌيڪ اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن مان پنجاب جا 16023، سنڌ جا 824، خيبر پختونخواهه جا 775، بلوچستان جا 287 اميدوار حصو وڍي رهيا آهن. جڏهن ته ڪل صوبائي 577 سيٽن لاءِ پنجاب جا 4036، سنڌ جا 2252، خيبر پختونخواهه جا 1165 ۽ بلوچستان جا 943 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments