ايڊيٽوريلنئون

ملڪ ۾ زرعي ٽيڪس جو مسئلو

            زراعت جو شعبو اسانجي ملڪ جي معاشي شهه رڳ آهي. کاڌ خوراڪ کان وٺي اهم صنعتن جو خام مال اهو شعبو پيدا ڪري ٿو. ٻاهرين ملڪن کي زرعي جنسن جي برآمد تي اسان جي ملڪ جو ڏي وٺ جو گهڻو دارومدار آهي. زراعت سان لاڳاپيل روزگار ۽ ماڻهن جو تعداد اسانجي ملڪ ۾ رهندڙ عوام جو 64 سيڪڙو آهي. ائين چئون ته سڄو ملڪ ڄڻ زراعت تي جي رهيو آهي. زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل مال متاع جو شعبو اسانجي ترقي ۾ اهم حصو وٺن ٿا. زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جو اسانجي جي ڊي پي جي واڌ ۾ اهم حصو آهي. گهڻي وقت کان وٺي اسين زرعي شعبي تي ٽيڪس جو ٻڌندا رهيا آهيون، پر ڪابه سرڪار وفاقي توڙي صوبائي انهيءَ تي عمل نه ڪري سگهي آهي. ڇاڪاڻ جو اربابِ اختيار اهو سمجهن ٿا ته زراعت جي شعبي تي هون ئي بار گهڻو آهي. نه ان سيڪٽر کي Inputs سوليون ملن. يعني ٻج ڀاڻ ۽ دوائون. انهن جو حصول آبادگار لاءِ هميشه ڏکيو پئي رهيو آهي. وري جڏهن فصل تيار ٿئي ٿو، تڏهن مارڪيٽ ۾ انهيءَ جي مناسب قيمت انهيءَ آبادگار کي نه ٿي ملي، جيڪو هڪ طرح سان اسان جو ان داتا آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن تي زرعي ٽيڪس تي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوي پيو. ڇاڪاڻ جو آئي ايم ايف زرعي ٽيڪس جا بل صوبائي اسيمبلين ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

            پنجاب صوبي ۾ زرعي ٽيڪس جو بل اڳ ئي منظور ٿي ويو آهي، زرعي آمدني ٽيڪس جي قانون تي وزارت خزانه جو چوڻ آهي ته سڀني صوبن کي پنهنجي قانون سازي ڪري زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ گهرجي ته جيئن عالمي اداري جي مطالبي کي مڃي سگهجي، پر پاڪستان ۾ زرعي شعبي تي ٽيڪس عائد ڪرڻ تي مختلف آبادگار تنظيمن ٽيڪس جي مخالفت ڪئي آهي. پاڪستان ڪسان اتحاد جي هڪ رهنما اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت جي شعبي کي ٻين ملڪن کان گهٽ مراعات حاصل آهن. ٿيڻ ته ائين کپي جو زراعت ۾ سبسڊي ڏني وڃي، پر ابتو انهيءَ شعبي تي ٽيڪس عائد پيو ڪيو وڃي. اهڙو شعبو جنهن سان ملڪ جي عوام جي گهڻائي لاڳاپيل آهي. آبادگارن جي اها شڪايت اسين جائز سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ انهن کي مهانگي بجلي، مهانگا ٻج ۽ ڀاڻ ۽ دوائون ملن ٿيون. ڪنهن ڪنهن سال ته ائين به ٿئي ٿو جو انهن کي وقت سر ۽ گهربل تعداد ۾  ٻج ڀاڻ ۽ دوائون نه ٿيون ملن. انهيءَ ڪري انهن جي زرعي پيداوار گهٽ لهي ٿي. آبادگار کي به نقصان ٿئي ٿو ۽ ملڪي معيشت جو نقصان ته انهيءَ ڳالهه مان صاف نظر اچي ٿو. زرعي شعبي جا ماهرين به اها ڳالهه ڪن ٿا ته زرعي آبادگار کي سهولتون ڏنيون وڃن. انهن کي ڀاڻ، ٻج ۽ اسپري سرڪار جي مقرر ٿيل قيمتن تي ڏنا وڃن ۽ گڏوگڏ انهن جا فصل به سرڪاري قيمتن تي خريد ڪيا وڃن. پنجاب صوبي ۾ زرعي ٽيڪس بل جي منظوري کانپوءِ آبادگارن چيو ته سرڪار هارين کي ٽيڪس ڏيڻ جي قابل ته بڻائي. هو پنهنجي زرعي زمين مان ايترو ڪمائين جو سولائيءَ سان ٽيڪس ڏين. هڪڙي ڳالهه ڪندا هلون ته آبادگار ٽن قسمن جا ٽيڪس اڳ ۾ ئي ڏيندڙ آهن. اهي آهن ڍل، آبيانو ۽ عشر. انهيءَ کانپوءِ اسين سمجهون ٿا ته زرعي آمدني تي ٽيڪس جي نالي ۾ اهو چوٿون ٽيڪس هوندو جيڪو آبادگار ڀريندو، پر اسين سمجهون ٿا ته اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي. عالمي مالياتي ادارن سان اسان جا ٺاهه ۽ معاهدا آهن. انهن تي به عمل ڪرڻو آهي.

            انهيءَ ڪري اسين اهو چونداسين ته صوبائي سرڪارون ٽيڪس تي قانونسازي ڪندي آبادگارن جي آمدني جو تعين ڪن ۽ وڏن آبادگارن جن جي آمدني وڌيڪ هجي انهن تي ٽيڪس هڻن. جيئن پنجاب صوبي ۾ زرعي ٽيڪس جي بل ۾ ڇهن لکن تائين آمدني تي ڇوٽ ڏنل آهي. اسين اهو سمجهون ٿا ته جڏهن باقي صوبائي حڪومتون اها قانونسازي ڪري وٺنديون ته پوءِ انهيءَ ڇوٽ کي وڌائي به سگهجي ٿو. پنجاب صوبي ۾ جيئن ته ايگريڪلچر ٽيڪس انڪم بل منظور ٿيو آهي ۽ سنڌ حڪومت اهو چيو آهي ته سنڌ بورڊ آف روينيو انهيءَ سلسلي ۾ مسودو تيار ڪري ورتو آهي ۽ صوبائي قيادت انهيءَ جو فيصلو ڪندي ۽ تنهن بعد انهيءَ کي صوبائي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. ائين بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به زرعي ٽيڪس جي سلسلي ۾ قانون سازي ٿيندي. اسين هتي ايترو چونداسين ته زرعي ٽيڪس تي قانون سازي ڪندي آبادگارن جي مالي حالت ۽ ان جي حقن سان گڏوگڏ زراعت جي پيداوار تي ٿيندڙ مهانگائيءَ جو اثر جيڪو اڳتي هلي وري عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو، انهن سڀني شين جو خيال ڪري پوءِ قانون سازي ڪئي وڃي.