تاريخ تي نظر ڦيرائي ڏسو، معلوم ٿيندو ته مٿيون طبقو شروع کان وٺي ھيٺين طبقي تي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ ڪندو آيو آهي، پوءِ اهو قبائلي جهيڙن جي شڪل ۾ هجي يا طبقاتي نظام جي شڪل ۾، مذهب جي آڙ ۾ يا ذات پات جي چڪر ۾ ۽ سنڌ شروع کان وٺي ڏاڍ ۽ جبر جو نشانو بڻيل آهي، عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن ڪاهون ڪيون ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جو وجود ختم ڪري نه سگهيا. سنڌ ابتدا کان وٺي مذمت ۽ مزاحمت ٻئي عمل ڪندي پئي اچي. هينئر جيڪا سنڌ جي نه پر بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صورتحال آهي سا انتهائي نازڪ حالت آهي.
ٻوليءَ جي حوالي سان کڻي ڏسو ته پنهنجي زبان ۽ ثقافت هوندي به هن مهل تائين ان کي قومي ٻولي تسليم نه ڪيو ويو آهي ان جي نسبت اوھان انڊيا کي ڏسو ته هر ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي. سياسي سماجي مسئلا به اڳ کان اڳرا آهن. سياسي نمائندن صرف پنهنجا پيٽ ڀري عوام جو رت چوسي عوام جو ساھ ڪڍڻ ۾ پورا آهن. شاگرد سياست تي پابنديون، مذهب جي آڙ ۾ الائي جي ڇا ڇا نه ٿي رهيو آهي. تازو واقعو ڏسو سوشل ميڊيا تي ٻن هندو ڀينرن کي زوري ڪلمو ڀرائي انهن جي شادي ڪرائي وئي آهي. ملان مٺو وارو واقعو اوھان جي سامهون آهي ڏسو ته ڪيڏي نه ڇوٽ مليل آهي رجعت پسندن کي. لاقانونيت وري ائين آهي جو 2000ع جا ڪيس اڃان پينڊنگ ۾ پيل آهن. هتي قانون صرف غريبن جي لاءِ آهي ذليل ۽ خوار صرف اهي مسڪين ئي ٿين ٿا.
مهانگائي عرش سان ڳالهيون ٿي ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو تيار ڪونهي هن مهانگائي مان اوھان اندازو لڳايو ته هڪ سرڪاري ملازم به صحيح نموني سان گهر هلائي نٿو سگهي ته غريب ماڻهو جي ڇا حالت هوندي ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. تازو قبائلي جهيڙن ۾ اجمل ساوند موت جو شڪار بڻجي ويو هڪ ڏاهي ۽ پڙهيل ڳڙهيل انسان کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، پر هينئر تائين رياست ڪو ايڪشن ناهي ڏيکاريو. هڪ شعور يافته فرد جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي. لطيف سائين جي بيت جي هي سٽ هر گهڙي ذهن تي سوار ٿي بيٺي آهي سنڌ جي هي صورتحال ڏسي ڪري.
ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون! هر شيءِ تي ٽيڪس ڪا سهولت ميسر ناهي دنيا جي ملڪن جي سروي ڪري ڏسو ته ڪٿي کان ڪٿي وڃي بيٺا آهن، پر اسان کي هتي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي! اٿو جاڳو جاڳو، اکيون کوليو ائين نه ته اوهان جون هميشه لاءِ اکيون بند ڪيون وڃن، پنهنجي لاءِ نه ته پنهنجي ٻچن جي آئيندي لاءِ ڪجهه ڪيو منظم ٿي جدوجهد ڪيون ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريون انهيءَ اميد سان ته: