بلاگنئون ليکڪ، شاعر، ڊائريڪٽر ۽ يار ويس انسان خالد لطيف December 6, 2024 Zahida Abro پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيائن سان پنهنجي محنت، جذبي، ھنر، ڄاڻ ۽ فن سان گهرو واسطو رکندڙ “ڀائو خالد لطيف جاگيراڻي” ھڪ زنده دل انسان آھي جيڪو ساڻس مليو اھو سندس قرب توڙي محبتن جو اسير ٿيو وڃي. اخباري دنيا سان صحافتي ڏکيا سکيا پنڌ ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حَسين جَلون، جدتن ۽ دلڪش نظارن ۾ پنهنجو فني و ھنرمندي توڙي علمي گذر سفر جاري رکيو اچي. ھدايتڪار خالد لطيف پنهنجي حال ۽ مستقبل کي روشن ۽ ڪارائتو رکڻ لاءِ جستجو ۽ ڪاوشن سان ڀرپور انداز سان رھندي، خوب کان خوب تَر جي ڳولا ڪرڻ وارو شوق رکي ٿو. لڳي ٿو جتي سندس جِيءَ ۾ لطف محسوس نٿو ٿئي اتي پاڻ يَار پَرتل ۽ ميلو مَتل ڇڏڻ کي اوليت ڏيندو آھي. جيئن ته خالد پاڻ سچو کرو ٿڌو مزاج رکندڙ نوڙت پسند ۽ احترام ڪندڙ وسيح القلبي وارو شخص آھي تنهن ڪري ٻين لاءِ به ساڳي طرح جا مزاج پسند ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترا انڊلٺي رنگ ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو پاڻ ڪيترو نفيس نازڪ مزاج وارو وطن دوست نيڪ نيت ۽ محبت ڪندڙ حقيقي شاعر آھي.لڪائي ٿو چھرو جفائن جي ڪک ۾،خنجر ٿو ھڻي ڪو وفائن جي ڪک ۾.خالد لطيف ھڪ حساس طبعيت رکندڙ شاعر ڏسڻ ۾ آيو آھي جنھن ڪري ھو ڳولا به ساڳي طبعيت وارن جي ڪندو رھي ٿو.جڏھن کان اوھان جا رٺل نيڻ آھن،تڏھن کان اسان جا ڀِنل نيڻ آھن.اھا خوش نصيبي ڀلا ڇو نه سمجهان،جو تنهنجي چَپن سان چميل نِيڻ آھن.خالد لطيف ۾ ٻه پيارا نالا اچي وڃن ٿا، پر اھا خبر نه پئجي سگهي ته خالد ۽ لطيف ۾ ڪھڙا ڪھڙا فرق آھن. جڳ مشهور ٽي وي چينل مھراڻ جي عوامي پروگرام “صبح مھراڻ” جو ڊائريڪٽر خالد لطيف کي پنهنجي مليل ذميوارين جو ايترو ته احساس ڪندي ڏسجي ٿو، جو پاڻ هميشه انهيءَ جستجو ۾ رھيو آھي ته سندس پروگرام ھڪٻئي کان ھٽ رهي، مشهور ۽ منفرد رھي مقبوليت ماڻي. ھن پروگرام جون مانائتيون ميزبان طاھره جويو ۽ صدف بخاري آھن جيڪي واري واري سان پروگرام جون ذميواريون نهايت سهڻي انداز ۾ سنڀالين ٿيون. سندن ميزباني ڏسندڙن ۾ مشهور آھي جو پاڻ بطور ميزبان Host جي معيار تي پورو لهن ٿيون. ھن پروگرام ۾ خاص صلاحڪار ۽ اداڪار مرتضا مجبور به پنهنجو تجربو شيئر ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو. مطلب ھڪ بھترين ٽيم ورڪ سان پروگرام “صبح مھراڻ” ٿيندي ڏٺم. ڀلوڙ شخص خالد لطيف پنهنجي ڪم سان بي پناھ لڳاءُ رکڻ وارو شريف مزاج ڊائريڪٽر ھوندي سندن فن گهڻو نکرڻ لڳو آھي. جنھنڪري پروگرام جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آھي. صبح جو اندازن 10:20 تي ھن پروگرام جي Live نشريات دوران پاڪستان خاص طور سنڌ سميت سعودي عرب، دبئي، آمريڪا، ڪيناڊا کان ڪالون اچڻ مان مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پروگرام جي مقبوليت کي ڏسندي خالد صاحب جي ڪوشش رھي ٿي ته سندس پروگرام ۾ شريڪ مهمان به سڄاڻ، ڏاھا، ساڃاھ وند، آبادگار، زرعي ماھر، سماج سڌار، عالم، تعليمدان، علمي، ادبي، فني شخص آرٽسٽ پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ خاص حيثيت رکندڙ رھيا ھجن. تن کي موقعو ڏئي سندن قدرداني سان گڏ ھمت افزائي ڪئي وڃي. جنهن لاءِ “مھراڻ چينل” پاڻ ملھايو آھي. اسان جي دعا آھي ته پنهنجي فيلڊ ۾ خالد لطيف جاگيراڻي جهڙا نوجوان اڃان اڳتي اچي پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نوان نوان بهترين وارا لاڙا متعارف ڪرائي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.ازل کان رڳو، تنهنجي اوسئيڙي ۾،اسان جا دڳن ۾ کتل نيڻ آھن- (خالد) Post Views: 82