بلاگخاص

ن ليگ لاءِ آزمائشي مرحلو شروع انور حسين قاضي

ن ليگ لاءِ آزمائشي مرحلو شروع

انور حسين قاضي

نيٺ حمزه شهباز شريف وزيراعليٰ پنجاب جو قسم کڻي ورتو. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صوبو 30 ڏينهن کان بنا ڪنهن وزيراعليٰ جي هلي رهيو هو صرف هڪ ماڻهو جي انا پرستيءَ جي ڪري، هڪ ماڻهوءَ جي بيوقوفي جي ڪري ۽ هڪ ماڻهوءَ جي بدنصيبي جي ڪري ملڪ جي وڏي ۾ وڏي صوبي ۾ آئيني بحران واري صورتحال هلي رهي هئي. 2018ع جي اليڪشن کانپوءِ جڏهن پي ٽي آءِ عثمان بوزدار کي وزيراعليٰ پنجاب طور فائز ڪيو ته عثمان بوزدار کي ملڪ ته ڇا، پر پورو پنجاب به نه سڃاڻندو هو، تونسا شريف جي هڪ سفيد پوش خاندان سان تعلق رکندڙ ننڍڙو زميندار ۽ ٺيڪيدار هو پوءِ هاڻي ڀلي سردار ٿي ويو هجي. هو پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر به پهريون دفعو ٿيو هو. هي ويچارو ته چوڌري پرويز الاهي جا فائل کڻي سندس پويان پويان هلندو هو. هن کي پنجاب جي وزارت اعليٰ ملڻ ۾ شايد سندس خوشقسمتي وڏي ۾ وڏو سبب هئي، جنهن جي ڪري هو وزيراعليٰ ٿيو، بلڪل ايئن جيئن حمزه شريف جي وزيراعليٰ ٿيڻ ۾ به خوشنصيبي جو عنصر نمايان آهي نه ته حمزه شريف جي وزيراعليٰ ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه هو. ان ڪري ته جڏهن آصف زرداري صاحب نواز شريف کان پرويز الاهيءَ جو وزير اعليٰ پنجاب طور نالو مڃرايو ته ن ليگ جا سڀ اڳواڻ انهيءَ ڳالهه ۾ ناخوش هئا، پر ان جي باوجود به ڪنهن ان ڳالهه تي اعتراض نه اٿاريو ۽ پرويز الاهي کي نواز شريف نامزد ڪيو، پر هاءِ ڙي قسمت ڪٿي آيل چيف منسٽري کي ڇڏي ويچارو چوڌري پاڻ کي ڪُٽ پيو کارائي، ڪٿي حمزه شريف وزير اعليٰ جا مزا پيو ماڻي. ن ليگ جيڪا ڪجهه وقت اڳ ڪمزور حالت ۾ هئي ۽ گڏيل اپوزيشن جا سڀ فيصلا مڃي پئي. ڇو ته ن ليگ چاهي پئي ته ڪيئن به ڪري پي ٽي آءِ جي حڪومت مان جان ڇڏرائجي، شايد کين اهو خوف هو ته اگر عمران خان اڃان به ڪجهه وقت ڪڍي ٿو وڃي ته پوءِ سمجهو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ کي ايئن ئي کٽرايو ويندو جيئن گذريل عام چونڊن ۾، پر هاڻي ن ليگ جا ڀاڳ زور تي آهن. ان ڪري جو ڪمزور حالت مان نڪري بهتر حالت ۾ اچي چڪي آهي، وفاق ۾، پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت، سنڌ ۾ ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ جي اتحادين جي حڪومت باقي رهي ٿو ڪي پي ڪي ان کي به منهن ڏيئي ويندا.

ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته هو بهتر حڪمرانيءَ سان پاڪستاني عوام جا مسئلا حل ڪن، ڇا ن ليگ ايئن ڪندي؟ يا انتقامي عمل جي ڪاررواين جو تسلسل جيڪو پي ٽي آءِ شروع ڪيو هو اهو جاري رهندو اگر ايئن ٿيو ته ن جو حشر به پي ٽي آءِ جهڙو ٿيندو. ن کي پنهنجي حڪمراني بهتر ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ پنهنجا هٿ پاڻ ئي ڪپي رهي آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن پي ٽي آءِ کي ڪمزور کان ڪمزور ڪري رهيو آهي. خود ڄڻ پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ن ليگ انهن جي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري ته جيئن کين عوام وٽ مظلوم ٿي وڃڻ جو موقعو ملي ۽ سندن مقبوليت ۾ اضافو ٿئي. بس ن ليگ کي اشوز حل ڪرڻ لاءِ بهتر ۽ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن. امن امان، روزگار ۽ عام واهپي جي شين ۾ سستائي آڻي عوام جي زندگي ڪنهن حد تائين آسان بڻائي، لوڊشيڊنگ گهٽ ڪري ته پوءِ پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن ۾ ڳولهي به نه لڀندي. صرف ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ کي ڪنهن حد تائين ووٽ ملندا باقي ملڪ مان پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي. خود پي ٽي آءِ جا عمل به پارٽيءَ کي انتهائي نقصان ڏيئي رهيا آهن. خاص طور تي مسجد نبي صلي الله عليه و آلهي وسلم واري واقعي ته هنن کي وائکو ڪري وڌو آهي ۽ عام ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جيڪو پي ٽي آءِ سان همدردي رکندڙ هو هاڻي مٿن ڪاوڙيل آهي. اهڙي قسم جا ٻيا به عمل پي ٽي آءِ طرف کان ويجهي مستقبل ۾ نظر ايندا رهندا جنهن سان پارٽي جي عوامي مقبوليت کي ڇيهو رسندو، هي پنهنجي هٿان پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهن. بس ن ليگ جي حڪومت صرف بهتر حڪمرانيءَ تي ڌيان ڏئي جيڪو پيءُ ۽ پٽ جي لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي. ان سان عام ماڻهن جو ڪنهن حد تائين فائدو ٿئي. انتقامي ۽ جذباتي سياست کان پاسو ڪن ۽ ساڃاهه سان حڪومتي ڪاروهنوار جاري رکن. هنن جي قسمت جو ستارو ته چمڪي پيو آهي، ان ڪري ئي پيءُ وزير اعظم ۽ پٽ وزير اعليٰ ڀاڳ ئي ڀاڳ، پر هاڻي قسمت تي انحصار گهٽ ڪن ۽ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي زور وڌيڪ ڏين. عمران خان ۽ ان جي خاص ماڻهن جا ڪيس صرف ڪورٽن ۾ موڪلين ۽ ڪورٽن کان ئي انهن کي سزا ڏيارين ته پوءِ هنن جي چاندي آهي، ڏسون ڇا ٿا ڪن؟