پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ترقياتي ڪم دير جو شڪار، وڏو وزير ڪاوڙجي پيو، ضلعي ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو

وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ضلعي ترقياتي ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون. جنهن ذريعي مختلف علائقن سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندا اسڪيمون شروع ڪندڙ ادارن سان گڏجي انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ڪم جي معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ رابطو ڪري سگهندا. ٽن ضلعن سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي 17.18 ارب رپين جي لاڳت سان هلندڙ 347 ترقياتي اسڪيمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير نثار کهڙو، سعيد غني، شبير بجاراڻي، ناصر حسين شاهه، سهيل انور سيال، اويس قادر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته مون محسوس ڪيو آهي ته ترقياتي ڪمن ۾ مالڪي ٿيڻ جو فقدان آهي جنهن سبب ڪم سستي جو شڪار آهن، چيف سيڪريٽري ڪجهه ڏينهن اندر ڪاميٽين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو