وڻڪاري منصوبي جو پهريون فيز، سنڌ حڪومت کي ٽي مهينا مهلت

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئين نسل کي سرسبز ماحول فراهم ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي ڀرسان پيپلز اربن فاريسٽ منصوبي جي دوري دوران ڪيو. بلاول کي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ سيڪريٽري منصوبي تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي وڻڪاري منصوبي جو پهريون فيز مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جي مهلت ڏيندي هدايت ڪئي ته لياري جي ٻارڙن لاءِ والي بال، فوٽ بال ۽ باڪسنگ رِنگ تي ٻڌل پلي ايريا به ٺاهيا وڃن، هن چيو ته آئون اربن فاريسٽ منصوبي جي جائزي لاءِ دورا ڪندو رهندس