خاص

سنڌ سرڪار جو اڏاوت ۾ ڪرپشن جو اعتراف، گاج ڊيم ٺاهڻ کان سنڌ کي ڪير ٿو روڪي؟ سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ ۾ واٽر ڪانفرنس جي سفارشن تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته ڊپٽي سيڪريٽري سنڌ چيو ته سنڌ ۾ 64 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته نئين گاج ڊيم لاءِ وفاق طرفان ڏنل 6 ارب رپيا به ڪرپشن حوالي ٿي ويا. ڊپٽي سيڪريٽري نئين گاج ڊيم ۾ ڪرپشن جو اعتراف ڪندي چيو ته اينٽي ڪرپشن 17 ماڻهن خلاف ڪارروائي جي اجازت گهري آهي. چيف جسٽس پڇيو ته ڇا سنڌ جو وڏو وزير ڪارروائي لاءِ اجازت ڏيندو؟ ڊپٽي سيڪريٽري جواب ڏنو ته انڪوائري به وڏي وزير جي حڪم تي ٿي هئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ ڪينجهر سنڌ ۾ آهي، جڳ جهان جو گندو پاڻي ڪينجهر ۾ وڌو پيو وڃي، سنڌ وارا پاڻي لاءِ سڪندا آهن. ملڪ ۾ فصل اپائڻ جو ڪم نظام نه آهي، اهڙا فصل پوکڻ گهرجن جيڪي پاڻي گهٽ کڻن، هڪ فصل مان آمدني ڪروڙن جي ٿئي ٿي ۽ پاڻي جا صرف 200 رپيا ملن ٿا