ڪينجھر ڍنڍ سڀ کان وڏو ذخيرو هجڻ باوجود سنڌ وارا پاڻيءَ لاءِ تڙپي رهيا آهن: سُپريم ڪورٽ جا پاڻي ڪيس ۾ ريمارڪس

سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جهان جو ڪچرو پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ ڪينجهر ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. سُپريم ڪورٽ ۾ پاڻيِءَ جي قيمتن ۽ استعمال جي طريقيڪار جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ سرڪار جي آفيسرن عدالت کي آگاهي ڏني ته صوبي ۾ 64 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان وٽ پاڻي جا ايترا اثاثا آهن، اُنهن جو ڇا ڪيو؟ ڪينجهر ڍنڍ پاڻي لاءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ سنڌ ۾ آهي ۽ سڄي جهان جو گندو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو ذخيرو هجڻ باوجود سنڌ وارا پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن. آبپاشي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ اڄ به في فصل جي حساب سان پاڻيءَ تي 200 رُپيا اوڳاڙي ويا آهن. جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته هڪ فصل سان ڪروڙين رُپين جي آمدني ٿئي ٿي ۽ پاڻي تي رڳو 200 رُپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا
