پنهنجن ٻارن جو هر جڳهه تي خيال رکو
معصوم نينگري ٽرين هيٺان اچي پنهنجون ٻئي ٽنگون وڃائي ويٺي. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ لال ڪوارٽر جي رهواسي ٻارڙي مهناز راند ڪندي ريلوي پٽڙي تي پهچي وئي جتي حيدرآباد کان بدين ويندڙ ٽرين هيٺان اچڻ سبب سندس ٻئي پير ڪٽجي ويا آهن. ٻارڙي کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪراچي موڪليو ويندو.

