سنڌ جي وڏي وزير جي سڏ تي آيل بلوچستان ڪيبنٽ سان زرداري ملاقات ڪئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۾ حڪومت جي تبديلي اتان جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن جي پختا سوچ ڪارڻ آئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي سڏ تي آيل بلوچستان ڪيبنٽ سان زرداري ملاقات ڪئي. زرداري چيو ته بلوچستان اسيمبلي صوبي ۾ جمهوري طريقي سان تبديلي آندي آهي ۽ جمهوريت کي ڪوبه نقصان ٿيڻ نه ڏنو آهي. هن چيو ته مان بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ڪيبنٽ کي جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اڳوڻي صدر چيو ته هن جي صدارت واري دور ۾ هن پاران آغاز حقوق بلوچستان شروع ڪيو ويو هو. ان کان علاوه بلوچستان NFC ايوارڊ ۾ مناسب حصو ڏنو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته هن خيبر پختونخواهه صوبي کي ان جو نالو ڏنو ۽ سرائيڪي صوبي لاءِ به ڪم ڪيو. بلوچستان ڪيبنٽ کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته مان توهان جي مسئلن کي ٻڌو به ۽ انهن کي حل به ڪيو ته بلوچستان جا ماڻهو سياسي طور تي حساس آهن ۽ تمام معاملن کي سمجهن به ٿا. اسان کي گڏجي بلوچستان جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سنڌ جي وڏي وزير جو ٿوريو مڃيو جنهن هي ملاقات ڪرائي. ان کان علاوه هن سنڌ جي ماڻهن جو بلوچستان جي ساٿ ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. ان موقعي تي اڳوڻي صدر ۽ مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي بلوچستان جي اڳواڻن لاءِ هڪ گهر جيان آهي ۽ اهي اسان جي گهر ڀاتين جيان آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *