بلاول اڄ اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندو

بلاول ڀٽو زرداري اسلام ڪوٽ لڳ هڪ ارب رپين جي خرچ سان تيار ڪيل مائي بختاور ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندو. افتتاحي تقريب لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. افتتاحي تقريب ۾ بلاول، مراد علي شاهه ۽ سول ايوي ايشن جا سينئر نمائندا شامل هوندا. هن ايئرپورٽ جو رن وي ٽن ڪلو ميٽرن جو آهي. هن ايئرپورٽ کي هڪ هزار ايڪڙن تي ٺاهيو ويو آهي ۽ هن جي اڏاوت چئن سالن ۾ مڪمل ڪئي وئي آهي. هڪ ارب رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل هن ايئرپورٽ کي پهرين ٿر ايئرپورٽ جي نالي سان ٺاهڻو هو، پر هن وقت ان کي مائي بختاور لاشاري جي نالي جي مناسبت سان مائي بختاور ايئرپورٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. مائي بختاور هڪ هاري ليڊر هئي جنهن 22 جون 1947ع ۾ هڪ زميندار جي خلاف وڙهندي جان قربان ڪري ڇڏي هئي. مائي بختاور ايئرپورٽ ۾ جديد مشينري موجود آهي جنهن سان هن ايئرپورٽ جو معيار بهتر ثابت ٿيندو. پ پ جي ترجمان مطابق هن افتتاحي تقريب کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ٿر ڪول پراجيڪٽ جو دورو به ڪندو. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *