پاڪستاننيو‍‍ز

شهباز شريف جي اتر پنجاب جي ناراض رهنمائن سان ملاقات

ٻه ڏينهن اڳ مسلم ليگ جي اتر پنجاب جي ناراض اڳواڻن پاران پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ اڄ پنجاب جي وزير اعليٰ شهباز شريف پاران ساڻن ملاقات ڪئي وئي. هن ملاقات ۾ اتر پنجاب جي اڳواڻن جن ۾ اويس لغاري، عبدالرحمان ڪانجو، امجد فاروق کوسا، ذيشان گراماڻي ۽ ٻين پاران شهباز شريف سان ملاقات ڪئي وئي. هيءَ ملاقات شهباز شريف جي ماڊل ٽائون واري رهائشگاهه تي ڪئي وئي. هن ملاقات ۾ مسلم ليگ سان ناراض ٿي وفاداريون مٽائڻ وارون کي واپس آڻڻ ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ پارٽي ڇڏي ويندڙن جي باڊي ۾ ڳالهايو ويو. هن ملاقات جا نتيجا اڃان منظر تي اچڻا آهن ته پارٽي انهن ناراض اڳواڻن کي واپس آڻڻ سان گڏ انهن جا مطالبا مڃي ٿي يا نه. واضح رهي ته هن کان اڳ به ناراض پارٽي اڳواڻن کي پرچائڻ جا اهڙا ٽاسڪ شهباز شريف کي ڏنا ويندا رهيا آهن. ان کان علاوه ڪجهه عرصو اڳ ۾ مولانا سيالوي سان به شهباز شريف ڪامياب ڳالهيون ڪيون هيون.