رات جيڪا پنهنجي جوڀن جي عروج تي هئي، لاڙ مٿان چنڊ پنهنجي چريائي ۾ رات سان اک اڙائڻ جي چڪر ۾ هو، سارين جا گهاٽا ٻُوڙا هوا ۾ لُڏي رهيا هئا، سارين جي خوشبو هوا ۾ مِلي وئي هئي ۽ ساهه ذريعي اندر وڃي رهي هئي، ربنواز جنهن کي هرڪو ربو چئي سڏيندو هو، جيڪو سارين جي سارسنڀال لاءِ ٻنيءَ تي ئي سُمهي پيو هو.
رات جي هن وچئين پهر ۾ اڌ چنڊ ربُو جي مٿان بيٺل هو، هن جيئن ئي هڪ نظر چنڊ ڏانهن ڏٺو ته هن کي پنهنجي محبوبا بيگيءَ جي تصوير چنڊ تي نظر آئي، هن اَچرج مان تڪيو ۽ سوچيو ته منهنجي محبوبا ته نج ڳوٺاڻي آهي، هُن جي ساهن ۾ ته سارين جي خوشبو آهي، هُن جي نيڻن ۾ ته وڻن جا پاڇا آهن، هُن جي دل ۾ ته منهنجي لاءِ بي پناهه محبت آهي، پر هُن کي جادو ته ايندو ئي ناهي ته پوءِ چنڊ تي ڪيئن وڃي پُهتي آهي.
هن هڪ نظر چنڊ مان ڪڍي چئني طرف ڏٺو، چئني طرف رڳو ساريون ئي ساريون هيون، نظر کٽي رهي هئي، پر ساريون نه پئي کٽيون، ربو پنهنجي اکين کي مهٽي هڪ ڀيرو ٻيهر چنڊ ڏانهن ڏٺو ته بيگي مُرڪي رهئي هئي.
هن سڏ ڪيو “بيگي آهين يا آئون ڀُليو آهيان.”
“ها مان بيگي آهيان تنهنجي بيگي” آواز آيو.
هن پنهنجي بيگيءَ جو آواز سُڃاڻي ورتو، چنڊ ڏانهن ڊوڙيو ۽ ڊوڙندي ڀتر تان ٿِڙي پيو، چنڊ مان اک نڪري ويس، ڌڪ ته ڪونه لڳس، پر ويچارو رات جي هن پهر پريشان ٿي ويو.
ربو ڀانيو ته هن جي ڪن ۾ ڪو آهي جيڪو چئي رهيو آهي:
“جڏهن ماڻهو چنڊ ۽ محبوبا جي پويان ڊوڙندو آهي ته رڳو ڌِڪا ۽ ٿاٻا ئي کائيندو آهي، چنڊ ۽ محبوبا پنهنجا ئي لڳندا آهن، پر جڏهن وڃڻ لڳندا آهن ته انهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.”
ربو پاڻ سنڀالي جو وري چنڊ کي ڏٺو ته ٿوري ڪاوڙ اچي ويس.
“ڪِري پئين ڇا؟” سندس محبوبا هلڪڙو ٽهڪ ڏيندي چيو.
“مان ڪِريو آهيان ۽ تون وري کِلي رهي آهين، چنڊ تي ڇا پُهتينءَ، مون تي ٺٺول ٿي ڪرين.”
کن پل لاءِ پنهنجي محبوبا کي چنڊ تي ڏسندو رهيو ۽ آهستي آهستي هلندو رهيو، هن جون اکيون اُڀ ۾ اٽڪيل هيون، پر هي چڪور نه هو جيڪو چنڊ جو چاهيندڙ هجي، هي ته ربو هو ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي محبوبا بيگيءَ جو متلاشي هو.
هِن جيئن ئي پويان مُڙي ڏٺو ته ڪو وراڙو پئي آيو، هن ڀانيو ته ڳوٺان منهنجي محبوبا جي ڳولها لاءِ وراڙو نڪتو آهي، مون کي ويجهو پُهچي ته ٻڌايان منهنجي محبوبا ته چنڊ تي پهچي وئي آهي ۽ مون سان ڳالهائي به رهي آهي، اُن وقت ته آئون ٻه لڙڪ به هاري ويهندس، جنهن وقت چوندس ته هوءَ چنڊ تي ڇا پُهتي مون مٿان ٺٺوليون پئي ڪري، هو چنڊ کي ڏسندو ئي رهيو، ڪجهه منٽن کانپوءِ جڏهن چنڊ مان اک هٽيس ته وراڙو هن کي پڳو ئي ڪونه ۽ وراڙو ٻيو پاسو وٺي وڃي چڪو هو.
“بيگي يار هاڻي لهي آ چنڊ تان” هن ايلاز ڪيو.
“مون کي چنڊ سان پيار ٿي ويو آهي.” بيگي جواب ڏنو.
هن سوچيو ته:
“عورتون جڏهن وفاداريءَ تي اچن ته جبل جهاڳينديون آهن ۽ دريائن کي لتاڙينديون آهن، بي وفائيءَ تي لهي اچن ته مرد جي هٿ وس کان پري ٿي وينديون آهن.”
هاڻي ته رات به پوئين پهرن ۾ داخل ٿي چڪي هئي، چنڊ هن جي بيگيءَ کي کڻي لهي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ربو کي لڳو ته جڏهن چنڊ لهي ويو ته منهنجي بيگيءَ به اُن سان گڏ هلي ويندي ۽ سڄو ڏينهن وري مون کي ڏسڻ ۾ نه ايندي، جيڪڏهن سڀاڻي رات جو چنڊ منهنجي بيگيءَ کي گڏ وٺي آيو ته آئون ملاقات ڪري سگهندس، جيڪڏهن نه وٺي آيو ته پوءِ منهنجو ڪو به هيلو ڪونه هلندو.
اُن ڪري ربو چنڊ جي پويان سڄي لاڙ جون ساريون لتاڙيندو وڌي رهيو هو، هُن نه ڏٺو ٻنين کي، نه ٻارن کي، نه هن کي ڪنهن روڪيو ۽ نه ئي هن واپس ورڻ جي ڪئي.
سارين جي وچ ۾ پپر جو گهاٽو وڻ بيٺو هو، جنهن جا پن هن کي ڪارا نظر اچي رهيا هئا، هن وري چنڊ کي ڏٺو، جتي سندس محبوبا بيگي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي، ربو کي دل ۾ ڏاڍو ارمان ٿيو.
“بيگي تون اچي منهنجي دل تي هٿ رک، جيڪا ڪيڏي نه تيز ڌڙڪي رهي آهي، تون وري ٽهڪ پئي ڏِين.”
بيگي هن کي رُکو جواب ڏيندي چيو:
“ربو تون منهنجي پويان نه اچ”
“ڇو بيگي…؟!” ربو وراڻيو.
“مان چنڊ جي چاهه ۾ چري ٿي وئي آهيان.”
“ائين نه ڪر مٺي…!” هن ايلاز واري انداز ۾ بيگيءَ کي چيو.
هاڻي ربو ٿڪجي پيو هو، پنهنجي سارين جي فصل کان الائي ڪيترو پري اچي نڪتو هو ۽ هاڻي ته رات به پوري ٿيڻ واري هئي، پر هن کي چنڊ جي لهي وڃڻ جو وڏو خوف هو.
ربو جي چنڊ ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي محبوبا بيگيءَ جي اڳيان هڪ به نه هلي رهي هئي، اڃان به چنڊ پويان پير ڪري وڃي رهيو هو ۽ سندس محبوبا کي کڻي ويندي هُن کي ربو تي ڪو به رحم نه پئي آيو، هِن کي چنڊ کان وڌيڪ پنهنجي بيگيءَ تي ڏک ٿي رهيو هو.
هن کي ياد آيو جڏهن سارين جي وِهِرِ ٿيندي هئي ته پاڻ ۽ بيگي پانچا مٿي کڻي پاڻيءَ ۾ سارين جو ٻج پوکيندا هئا، مقابلو ڪندا هئا ۽ شام تائين ٻه ايڪڙ کن ساريون پوکي ويندا هئا، هڪٻئي کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻندا هئا ۽ ڳالهه ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئا.
هن وقت ربو بيوس هلي رهيو هو، هن واپس مُڙي ڏسڻ ئي نٿي چاهيو، هن هڪ منٽ به چنڊ مان نظر چورائڻ نٿي چاهي.
صُبح ٿي چڪو هو، رات پنهنجا کنڀ بند ڪري چُڪي هئي، ڏينهن اُڀريو هو، چنڊ ٿُوڻيءَ جي ماپ تي اچي بيٺو هو، هن ڀانيو هاڻي آئون چنڊ کي جهلي وٺندس ۽ بيگيءَ کي آزاد ڪرائي وٺندس، پر ربو چنڊ تائين پُهچڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو هو، چنڊ لهي چُڪو هو ۽ هن جي محبوبا بيگي وڃائجي چڪي هئي.
هِن پويان ڏٺو ته سارين جي وچ ۾ هن جي پيرن جا نشان لڳل هئا، سارين ۾ پاڻيءَ ۽ گپ هئڻ ڪري پيرن سان ننڍا ننڍا کڏا ٿي ويا هئا، پري تائين ڏٺو هُئائين ته سندس پيرن جا نشان اڻ کٽندڙ هئا. هن جڏهن پيرن جي نشانن واري ڊگهي ۽ نه کٽندڙ قطار کي ڏٺو هو ته هن کي اُنهن پيرن جي نشانن تي هلندي ڪو ماڻهو نظر آيو.