پراڪسي جنگين ۾ مخالفن کي اڻ سڌي طرح شڪت ڏني ويندي آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهي سڀ جو سڀ پراڪسي جنگيون مسلم ملڪن ۾ اوج تي آهن، جتي ملڪي فوجون طالباني گروهن سان گهرو جنگ ٽائيپ لڙائين ۾ مصروف آهن. مصيبت اها به هوندي آهي ته جيڪي به اتحادي ملڪ هوندا آهن اهي ان ڳالھه جي پڪ ڪندا آهن ته اهي ڌر هوندي به ڌر ناهن هوندا. مثال جيئن فلسطين ۾ حوثي، انصارالله، حماس، حزب الله، وري پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالباني برانڊ جا سڀ گروھ جيڪي مسلم هوندي به مسلم فوجن سان پيا وڙهن ۽ عوام جي لاءِ آزار بڻيا پيا آهن، پر انهن پراڪسي جنگين ۾ مسلم دنيا جا سني ۽ شيعه فرقيوايت وارا ملڪ سعودي ۽ ايران جي مدد سان ائين ئي وڙهندا رهندا آيا آهن، پر تنهن هوندي سعودي ولي عهد شهزادو چاهي ٿو ته ايران وچ اوڀر کي خوشحالي ڏانهن وٺي هلي ۽ ان ڪري سعودي عرب پنهنجي علاقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. سعودي ۽ ايران جي اعليٰ عملدارن جي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ عراق ۾ ڳجهي ڳالھه ٻولھه پڻ ڪندو رهي ٿو.
اها به حقيقت آهي ته سعودي عرب ۽ ايران يمن جي تباهي واري گهرو ويڙھ ۾ مخالف ڌر جي حمايت ڪري رهيا هئا. يمن ۾ اڪثر ڪري سني عرب رياستن جو هڪ سعودي جي اڳواڻي ۾ اتحاد 2015 کان ايران سان لاڳاپيل باغي حوثي تحريڪ جي خلاف جنگ ۾ حڪومت نواز قوتن جي مدد ڪري رهيو هو. ايران انڪار ڪيو ته هن حوثين ڏانهن هٿيار اسمگل ناهن ڪيا، پر حوثين سعودي شهرن ۽ انهن تيل جي بنيادي ڍانچن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا هئا. سعودي عرب ايران تي لبنان ۽ عراق ۾ مداخلت جو الزام پڻ لڳايو هو، جتي ايراني حمايت يافته شيعه گروھ ملوث هئا جن نار ۾ ڪارگو ۽ آئل ٽينڪرز تي حملو ڪيو هو ۽ 2019 ۾ سعودي تيل جي تنصيبات تي ميزائل ۽ ڊرون حملو ڪري 2015 جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جنهن سبب آمريڪا ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪيو هو، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2015 ۾ پابندين کي ختم ڪري ايران تي ٽي سال اڳ لڳل اقتصادي پابنديون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
صدر جوبائيڊن جي انتظاميه سان پڻ اڻ سڌي طرح ڳالهين ڪيون هيون ته ڪيئن پابندين کي بحال ڪيو وڃي. ايران هڪ پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان سڀني جي اميد آهي ته ان سان سٺا لاڳاپا هجن. اسان جو مسئلو ايران جي منفي رويي سان آهي، ان جي ايٽمي پروگرام سان ناهي يا خطي ۾ غير قانوني مليشيا گروھ جي حمايت سان ناهي، يا ان جي بيلسٽڪ ميزائل جي فائرنگ سان به ناهي، ان ڪري اسان انهن مسئلن جو حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجن علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان انهن کي بهتر لاڳاپن جي لاءِ انهن تي ضابطي جي اميد آهي، جيڪو سڀني کي فائدو ڏئي. 2018 ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي، ايڊولف هٽلر جي باري ۾ يمن ۾ جنگ جي تناظر ۾ سوال پڇيو ويو هو، جنهن تي اقوام متحده جو به چوڻ آهي ته اهو دنيا جو بدترين انساني بحران هو، ڪوبه ملڪ پنهنجي سرحدن تي هٿياربند نٿو چاهي. آمريڪا حوثي باغين تي زور ڀريو هو ته، پر سعودي جنگبندي واري تجويز کي رد ڪيو هو، پر ايران ايٽمي معاهدي ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بائيڊن يمن ۾ سعودي جارحيت جي عملن لاءِ آمريڪي حمايت واپس وٺي ڇڏي هئي، سعودي عرب جي ان ڳالهھ جي تصديق ڪئي هئي ته اهي بائيڊن انتظاميه سان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ معاهدي ۾ آهن ۽ انهن مفادن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي.
2011 تائين ايران ۽ سعودي عرب پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائڻ لاءِ خاص طور تي شام، بحرين ۽ يمن ۾ انهن بغاوتن جو فائدو ورتو. ايران جي نقادن جو چوڻ آهي ته هو سڄي خطي ۾ پاڻ کي يا پنهنجي پراڪسيز کي قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ايران کان ميڊيٽرينين تائين پکڙيل هڪ لينڊ ڪوريڊور جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، پر اسٽريٽيجڪ دشمني تيز ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ايران ڪيترن ئي طريقن سان علاقائي جدوجهد کي فتح ڪري رهيو آهي. شام ۾ ايراني (۽ روسي) صدر بشارالاسد جي حمايت پنهنجي قوتن کي وڏي حد تائين سعودي عرب جي حمايت سان باغي گروهن کي ختم ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو ۽ سعودي عرب وڌندڙ ايراني اثر رسوخ تي ضابطو آڻڻ جي شدت سان ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پرجوش ولي عهد محمد بن سلمان جو ملٽري ايڊونچرزم، ملڪ جو حقيقي حڪمران ۽ علائقائي تڪرار کي وڌائي رهيو آهي. محمد بن سلمان يمن ۾ باغي حوثي تحريڪ جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، جزوي طور تي سمجهي سگهجي ٿو، اتي ايراني اثر رسوخ آهي، ڪجھه سالن کانپوءِ اهو هڪ مهانگو ثابت ٿيندو، پر ايران انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو حوثين کي هٿيارن جي اسمگلنگ ڪري ٿو، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي ماهرن جي پينل ۽ مسلسل رپورٽن تهران کي حوثين لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ هٿيار جي فراهمي ظاهر ڪيو آهي. ان کان علاوه لبنان ۾ ايران جو اتحادي، شيعه مليشيا گروپ حزب الله، سياسي طور تي طاقتور بلاڪ جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ هڪ وڏي هٿياربند جنگي قوت کي سنڀالي ٿو. ڪيترن ئي مبصرن جو خيال آهي ته سعودين لبنان جي وزيراعظم سعد حريري کي مجبور ڪيو، جنهن اها پٺڀرائي ڪري 2017 ۾ علاقائي تڪرارن ۾ حزب الله جي شموليت بعد ۾ لبنان موٽي آيو ۽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
اسرائيل ۽ سعودي عرب اهي ٻه ملڪ هئا جن 2015 ۾ ايران جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن سان ايران جي ايٽمي پروگرام تي پابنديون لڳيون. سعودي حامي ڪيمپ ۾ نار ۾ ٻيا وڏا سني ملڪ آهن، ايراني ڪيمپ ۾ شام جو صدر بشارالاسد آهي، جيڪو هڪ هيٽروڊڪس شيعه فرقي جو ميمبر آهي، جيڪو گهڻو ڪري سني باغي گروپن سان وڙهڻ لاءِ لبنان جي بنياد تي حزب الله سميت ايران نواز شيعه مليشيا گروپن تي ڀروسو ڪري ٿو. عراق جي شيعه تسلط واري حڪومت پڻ ايران جي ويجهو اتحادي آهي، جيتوڻيڪ متضاد طور تي اهو آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکي ٿو، جنهن تي هن نام نهاد اسلامي رياست جي خلاف جدوجهد ۾ مدد لاءِ انحصار ڪيو. سعودي ايراني دشمني ڪيترن ئي طريقن سان سرد جنگ جي برابر آهي، جنهن ڪيترن ئي سالن تائين آمريڪا کي سوويت يونين جي خلاف سخت فوجي موقف رکيو. ايران ۽ سعودي عرب سڌو سنئون نه وڙهندا آهن، پر اهي مختلف قسم جي پراڪسي جنگين ۾ مصروف رهندا آيا آهن. وري يمن ڪيترن ئي جنگي ميدانن مان هڪ آهي، جيڪو ايران سعودي تڪرار کي تيز ڪري رهيو آهي، جنهن جو شام ملڪ هڪ واضح مثال آهي، جڏهن ته يمن ۾ سعودي عرب ايران تي الزام لڳايو ته هو باغي حوثي تحريڪ طرفان سعودي سرزمين تي فائر ڪيل بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪري ٿو. ايران تي اهو به الزام آهي ته هو خليج جي اسٽريٽيجڪ واٽر ويز ۾ پنهنجا پَرَ ڦهلائي رهيو آهي، جنهن ذريعي سعودي عرب مان تيل موڪليو وڃي ٿو. آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران اتي غير ملڪي ٽينڪرز تي تازو حملن جي پويان هو. سعودي عرب جي انفرااسٽرڪچر خلاف حوثي حملن ناگزير طور تي ايران ۽ سعوديءَ جي وچ ۾ محاذ آرائي ۾ هڪ نئون محاذ شامل ڪيو آهي. جيئن خليج ۾ جتي ايران ۽ سعودي سامونڊي سرحد تي هڪٻئي کي منهن ڏئي رهيا آهن، آمريڪا ۽ ٻين مغربي طاقتن لاءِ نار ۾ نيويگيشن جي آزادي ضروري آهي ۽ ڪوبه تڪرار جيڪو پاڻي جي رستي کي بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪو بين الاقوامي شپنگ ۽ تيل جي فراهمي لاءِ اهم آهي. هڪ ڊگهي وقت تائين آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ايران کي وچ اوڀر ۾ هڪ غير مستحڪم قوت طور ڏسندا رهيا آهن. سعودي قيادت تيزي سان ايران کي هڪ وجودي خطري جي طور تي ڏسي ٿو ۽ ايران جي وڌندڙ اثر رسوخ کي منهن ڏيڻ لاءِ جتي به ضروري سمجھي ٿو اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو.
سعودي عرب ۽ ايران ٻه طاقتور پاڙيسري ملڪ آهن. انهن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان پراڻي دشمني مذهبي اختلافن جي ڪري وڌي وئي هئي، جيڪا هاڻي جهڪي آهي. اهي اسلام جي ٻن مکيه شاخن جي پيروي ڪندڙ آهن. ايران گهڻو ۽ اڪثريت وارو شيعه مسلمان ملڪ آهي، جڏهن ته سعودي عرب پاڻ کي سني مسلم طاقت جي اڳواڻي طور ڏسي ٿو. اهو مذهبي فرقو وچ اوڀر جي وسيع نقشي ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جتي ٻين ملڪن ۾ شيعه يا سني اڪثريت آهي، جن مان ڪجھه ايران يا سعودي عرب جي حمايت يا هدايت تي عمل پيرا نظر اچن ٿا. بهرحال 1979 ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ذريعي ان کي چيلينج ڪيو ويو هو، جنهن خطي ۾ هڪ نئين قسم جي رياست پيدا ڪئي، هڪ قسم جي انقلابي نظريات، جنهن جو واضح مقصد هو ته ان نظريي کي پنهنجي سرحدن کان ٻاهر برآمد ڪري. خاص طور تي گذريل 15 سالن ۾ سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ اختلاف ڪيترن ئي واقعن جي ڪري تيز ٿيندا رهيا آهن. 2003 ۾ آمريڪا صدام حسين جو تختو اونڌو ڪيو، جيڪو سني عرب جو وڏو ايراني مخالف هو. هن ايران لاءِ هڪ اهم فوجي جوابي توازن گهٽائي ڇڏيو ۽ بغداد ۾ شيعه فرقي لاءِ رستو کولي ڇڏيو ۽ تڏهن کان عراق ۾ ايراني اثر وڌي رهيو آهي.