ايران جي جوهري پروگرام تي آمريڪا جي حملن بابت مختلف دعوائن پوري دنيا جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرائي ورتو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن حملن ايران جون جوهري تنصيبات مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته آمريڪي ڳجهن ادارن جون رپورٽون ان دعويٰ جي نفي ڪن ٿيون. هي تڪرار نه فقط ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪليفن جو سبب بڻيو آهي، پر عالمي سياست ۾ به هڪ اهم موڙ طور سامهون اچي رهيو آهي. آمريڪا 21 ۽ 22 جون 2025 جي وچ واري رات ايران جي ٽن اهم جوهري تنصيبات فورڊو، نطنز ۽ اصفهان تي وڏا فضائي حملا ڪيا. انهن حملن ۾ 75 ميزائيل ۽ بم استعمال ڪيا ويا، جن مان 24 کان وڌيڪ ٽوماهاڪ ميزائيل ۽ 14 GBU-57 بنڪر بسٽر بم هئا. اهي بنڪر بسٽر بم 13,000 ڪلو گرام وزني هئا، جيڪي 18 ميٽر ڪنڪريٽ يا 61 ميٽر زمين اندر تائين پھچي سگهن ٿا. انهن هٿيارن جو مقصد ايران جي زمين هيٺان جوهري ڍانچن کي نشانو بڻائڻ هو، پر ڇا اهي واقعي ڪامياب ٿي سگهيا؟
صدر ٽرمپ انهن حملن کي “تاريخ جي سڀ کان ڪامياب فوجي ڪارروائي” قرار ڏيندي چيو ته ايران جون جوهري تنصيبات “پوريءَ طرح تباهه” ٿي چڪيون آهن. هن خاص طور فورڊو تنصيب بابت دعويٰ ڪئي ته اها مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ گڏوگڏ ميڊيا تي “جعلي خبرون” هلائڻ جو الزام پڻ هنيو، پر آمريڪي ڳجهن ادارن، خاص طور تي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي (DIA) جي رپورٽ بلڪل مختلف تصوير پيش ڪري ٿي. رپورٽ موجب اهي حملا ايران جي جوهري پروگرام کي صرف “چند مهينا، وڌ ۾ وڌ” لاءِ پوئتي ڌڪي سگهن ٿا. افزوده يورينيم جو ذخيرو تباهه نه ٿيو، ۽ گهڻا سينٽريفيوجز محفوظ رهيا. فورڊو، جيڪا 80 کان 90 ميٽر گھرائيءَ تي واقع آهي، گهڻي حد تائين محفوظ رهي. هي تضاد هن معاملي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو. آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران به خاموش نه رهيو. ايران، قطر ۾ واقع آمريڪي فوجي اڏي العديد تي ميزائل فائر ڪيا، پر قطري اختيارين موجب اهي فضا ۾ ئي تباهه ٿي ويا. ايران ڌمڪي ڏني ته هو علائقي ۾ آمريڪي فوجي اثاثن کي نشانو بڻائيندو ۽ هرمز خليج کي بند ڪري ڇڏيندو، جتان دنيا جو 30 سيڪڙو تيل برآمد ٿيندو آهي. ان جو عالمي معيشت تي وڏو اثر پڻ پئجي پئي سگهيو، پر سيز فائر ٿيڻ کان اڳ ايران جا ڪجھه اھم فيصلا جن دنيا کي ڏندين آڱريون پڻ ڏنيون ھيون.
بين الاقوامي سطح تي، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي انهن حملن کي “اقوام متحده جي چارٽر، بين الاقوامي قانون، ۽ اين پي ٽي جي شديد ڀڃڪڙي” قرار ڏنو. عالمي ايٽمي ايجنسي (IAEA) به تصديق ڪئي ته حملن کانپوءِ ريڊيو ايڪٽو سطح ۾ ڪا به خاص تبديلي نه آئي آهي، جيڪا اهو سوال اٿاري ٿي ته ڇا اهي حملا واقعي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا؟ يقينن جواب هوندو نه. آمريڪي قانون تحت، صدر ٽرمپ کي انهن حملن لاءِ آمريڪي ڪانگريس جي منظوري جي ضرورت نه هئي، ڇو ته هو ڪمانڊر ان چيف طور قومي سلامتي جو حوالو ڏئي سگهي ٿو، جيئن 2017 ۾ شام تي حملن دوران ٿيو. بهرحال ڪجهه آمريڪي قانونساز ٽرمپ جي جنگي اختيارن کي محدود ڪرڻ چاهين ٿا، پر اڃان تائين انهن جي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. اهو مامرو آمريڪي سياست ۾ به تيزي سان بحث هيٺ آهي. موجوده حالتن کي ڏسندي، اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي حملا ايران جي جوهري پروگرام کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڳجهن ادارن جون رپورٽون ۽ ٽرمپ جون دعوائون هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ آهن، جنهن ڪري هي معاملو وڌيڪ منجهي پيو آهي. ايران جي جوابي ڪارروائي ۽ عالمي رد عمل ان کي هڪ عالمي تڪرار جي صورت ڏئي ڇڏي آهي.
ايران جي جوهري تنصيبات تي آمريڪي حملن جو هي معاملو عالمي سياست ۽ امن لاءِ هڪ اهم موڙ بڻجي سگهي ٿو. متضاد دعوائن ۽ لاڳاپيل تڪرارن هن معاملي کي هڪ پيچيده معمو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جو حل رڳو بين الاقوامي تحقيق ۽ نگراني سان ئي ممڪن آهي. هي واقعو نه صرف ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، پر عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به هڪ چئلينج بڻجي ويو آهي.