ڪهاڻيوننئون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه (ڪهاڻي-حصو آخري)

منافقي جي حوالي سان ڪو اسان وارو سماج اڪيلو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سماج هئا جن ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڪا ڇوڪري وڻي ويندي هئي ۽ هو ان کي منع ڪندي هئي ته اهو همراهه ان ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس پيءُ کي چاندي جا ٽيهه ٽڪرا ڏئي پاڻ سان وٺي ويندو هو ۽ پو ان ڇوڪري جا کٽن ڀاڳ ان جو پيءُ يا ڀائرن سان ڪوبه واسطو ڪونه رهندو هو. اهڙا سماج به هئا جن ۾ عبادتگاهن اندر عورتن کي ڳالهائڻ جي اجازت به ڪونه هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪا عورت اهڙين ريتن رسمن کان بغاوت ڪرڻ جو سوچيندي هئي ته ان کي ڏائڻ سڏي جيئري ساڙيو ويندو هو. سچ اهو آهي ته انساني تاريخ جي هر دور ۾ عورت مرد جي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندي رهي آهي، پر انهن سماجن گهڻو اڳ پنهنجي منافقي کي سڃاڻي ورتو ۽ اهو ڄاڻي ورتو ته مهذب دنيا ۾ رهڻ لا انهن سڀني اجاين ريتن رسمن مان جان ڇڏائڻي پوندي ۽ انهن جان ڇڏائي به ورتي. اڄ اهي ئي سماج هر قسم جي ترقي ڪري رهيا آهن، پر هڪڙو اسان جو ئي سماج آهي جنهن کي سماجي قدر ۽ اجائي اخلاقيات ترقي ڪرڻ جي اجازت ئي نٿا ڏين. ڪنهن جوان ڇوڪري جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائي ان سان ڏاڍائي ڪري پو کيس چڪلي تي وڪڻڻ جي ته هي منافق سماج اجازت ڏئي ٿو، پر ڪنهن ڇوڪري جي آزادي سان زندگي گذارڻ جي ڪري هن منافق سماج جي اخلاقي قدرن کي وڏو ڇيهو رسي ٿو. هن منافق سماج جي نشاندهي ننڍي کنڊ جي عظيم ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو واهه جي ڪئي آهي، هن هڪ هنڌ لکيو آهي: ”سڀني کي پنهنجا هنڌ گرم ڪرڻ لا عورت گهرجي، پر ڪوبه ڌي پيدا ڪرڻ نٿو گهري.“
اسان سڀئي اهڙي منافق سماج جا رکوالا آهيون. سچ به اسان کي ڌيئرون نه گهرجن ۽ اهڙين واهيات اخلاقي قدرن جي حفاظت اسين چوڙي ڇاتي سان ڪندا آهيون ۽ ٽوپي نرڙ تي رکي مڇون وٽي گهمندا وتندا آهيون. اسين ڪنهن لوسي ڪتي جيان هر وقت اها لوس لوس ڪندا وتندا آهيون ته ڏسون ڪهڙو اهڙو مڙس ماڻهو پيدا ٿيو آهي جيڪو اسان جي سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي خلاف ٿو بيهي جيئن هن تي ڀونڪي ڀونڪي کيس ڊيڄاري سگهون. سچ ته اهو آهي ته هي سماج هن ايڪهين صدي جي مهذب دنيا ۾ رهڻ جي لائق ئي نه آهي، اسان جو هي منافق سماج ايڪهين صدي جي هن مهذب ۽ سائنسي ترقي واري دور تي هڪ بدنما داغ آهي، ان کان به وڌيڪ اسان جو هي منافق سماج ڪڏهن نه ڇٽندڙ ڦٽ مثل بڻجي چڪو آهي، هڪ اهڙو بدبودار ڦٽ جيڪو هاڻي لاعلاج ۽ ناسور بڻجي چڪو آهي. اسان جو هي منافق سماج ”سنو وائيٽ اينڊ سيون ڊارفس“ نالي ٻاراڻي آکاڻي جي ان ظالم راڻي مثل آهي جيڪا جادوئي آرسي اڳيان بيهي چوندي آهي:
“Mirror… Mirror on the wall who is the fairest of them all?”
اها ظالم راڻي ان جادوئي آرسي اڳيان بيهي حقيقت ڏسڻ نه چاهيندي آهي. هو ته بس ان جادوئي آرسي ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي دلي راحت حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ جڏهن حقيقت هن جي سامهون ايندي آهي ته هو ان خوبصورت ڇوڪري تي ڏمرجي پوندي آهي. هو ان خوبصورت ڇوڪري کي ايذا ڏئي ان مان راحت حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي بدصورتي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. اسان جو هي منافق سماج به پنهنجي بدصورتي لڪائڻ لا ٻين کي ايذائي ان مان sadistic pleasure حاصل ڪندو آهي.
منهنجي پياري ڌي!
تون جڏهن هن سماج ۾ نڪرندين ته توکي پنهنجي ساڄي هٿ تي رنگا رنگي پڳون ٻڌل واڳون نظر ايندي ۽ وري کاٻي هٿ ڏانهن نظر ڦيرائيندين ته توکي ڳاڙهي چڍي وارا واڳون نظر ايندا. اهي واڳون هر وک تي توکي منهنجي غيرت ۽ عزت جو طعنو ڏيندا رهندا، پر مان تنهنجي خوشي ۽ آزادي لا هن منافق سماج اڳيان بيعزتو ۽ بي غيرت ٿيڻ لا به تيار آهيان. مان توکي پنهنجي ڪوڙي غيرت ۽ عزت جي ڀرم مان آزاد ڪريان ٿو. تنهنجي ڪنهن به عمل جي ڪري منهنجي غيرت يا عزت تي ڪوبه فرق ڪونه پوندو. مان توکي اف به ڪونه چوندس. مون کي توتي پورو ڀروسو آهي. تون جيڪو به ڪندين اهو سوچي سمجهي ئي ڪندين. ها، پر جيڪڏهن پنهنجي زندگي جي اهم معاملن بابت مون کي آگاهه ڪندين ته مون کي خوشي ٿيندي، پر پو به ان حوالي سان توتي منهنجي طرفان ڪابه پابندي نه آهي. تون پوري طرح آزاد آهين.
منهنجي پياري ڌي!
ڪڏهن به هن منافق سماج کي خوش ڪرڻ لا پنهنجي جسم کي ڪنهن ڪاري، نيري، پيلي، يا سائي بُرقعي ۾ قيد نه ڪجانءِ. جيڪڏهن تو هن منافق سماج جي ڀئو کان يا ان کي خوش ڪرڻ لا ايئن ڪيو ته اها اسان ٻنهي جي سڀ کان وڏي ناڪامي هوندي. هي منافق سماج هر هر توکي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ۾ رهندو ته ڇوڪري هجڻ جي ناتي توکي پنهنجون نظرون جهڪائي گهمڻ گهرجي. پر منهنجي خواهش اها هوندي ته تون هن منافق سماج جي ناپاڪ اکين ۾ اکيون وجهي اڳيان وڌئين.
ڪجهه سالن ۾ جڏهن وڌيڪ پڙهڻ لا تون يونيورسٽي ويندئين، تڏهن ٿي سگهي ٿو ته توکي هاسٽل ۾ رهڻو پوي. پنهنجي هن پيءُ تي رڳو هڪڙو احسان ڪجان: ڀلي ڇا به ٿي پئي، پر هاسٽل جي ڪمري ۾ ڦاهو کائي يا زهر پي پنهنجو انت نه آڻجانءِ. هن منافق سماج ۾ پنهنجي هن پيءُ کي اهڙي نموني اڪيلو نه ڪري وڃجانءِ. ڀلي ڇا به ٿي پئي توکان ڪيتري به وڏي غلطي ڇو نه ٿي وڃي ۽ ان غلطي جي ڪري هي منافق سماج توکي پنهنجي پيءُ جي عزت ۽ غيرت ياد ڏياري ته ان اجائي ياد کي هڪدم ذهن مان تڙي ڪڍي ڇڏجانءِ ۽ رڳو اهو ياد رکجانءِ ته تون سدائين پنهنجي پيءُ جي پياري ڌي ئي رهندين. تنهنجي ڪابه غلطي ايڏي وڏي نه آهي جو ان لا توکان جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏجي. سدائين ياد رکجانءِ هر غلطي کانپو تنهنجو پيءُ توکي ايئن ئي پنهنجائيندو جيئن توکي ڄمڻ واري ڏينهن ان اسپتال جي ڪمري ۾ پنهنجايو هو. توکي سدائين هن پيءُ وٽان پيار ئي ملندو ۽ هو ڪڏهن به تنهنجي عزت نفس ۽ خود اعتمادي کي فنا ٿيڻ ڪونه ڏيندو. تون سدائين پنهنجي هن پيءُ لا ڪنهن پري جيان معصوم ئي رهندئين. ڀلي هي سمورو سماج توتي پنهنجا در بند ڪري ڇڏي، پر تنهنجو هي پيءُ سدائين تنهنجي انتظار ۾ رهندو ۽ تنهنجي آڌرڀا لا ٻانهون کولي در ٻاهران بيٺل هوندو. جڏهن هن منافق سماج ۾ توکي ڪابه پناهه جي جا نه ملي ته پنهنجي هن پيءُ جي ڪلهن کي ياد ڪجانءِ ۽ بنا ڪنهن هٻڪ، ڀئو يا شرمساري جي اچي هنن ڪلهن تي ڪنڌ رکجانءِ. تنهنجو هي پيءُ تنهنجي لا هن منافق سماج جي ٺيڪيدارن کي ته ڇا، پر سندن خدائن کي به پٺي ڏئي بيهي رهندو ۽ تنهنجي سار ايئن لهندو جيئن مندر ۾ ڪنهن ديوي جي مورت جي سار لهبي آهي. تون سدائين پنهنجي هن پيءُ لا گيتا جي شلوڪ جيان پوئتر رهندئين.
منهنجي پياري ڌي!
توکي تنهنجو 16 هون جنم ڏينهن مبارڪ هجي! …(ختم)…