ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: بدلو

سفر ڪيڏو به آرامده هجي، سفر آخر سفر آهي ۽ انسان کي ٿَڪائي ٿو. سو جيئن ئي وڏي گهر پهتس ته چاچيءَ ۽ سئوٽ شاهنواز سان ملي وڃي ڪمري ۾ آرامي ٿيس. جهٽ ۾ ننڊ کڻي وئي. شام جو جڏهن اَکِ کُلي ته ٻاهر اڳڻ ۾ آيس. ڏسان ته چاچي چانهه جا ٿرماس ڀرايو تيار بيٺي هئي. نوڪرياڻي کي چيائين “وڃي ڏس گاڏي آئي آهي ته هي ٿرماس کڻائي گاڏيءِ ۾ رکُ”. مان پڇيومانس “چاچي، ڪيڏانهن پيا وڃو هي ٿرماس کڻي؟” ڪنڌ ورائي مون کي ڏسي چيائين ته “پُٽَ، وڏو صاحب گذاري ويو. ان ڪري وڏي صاحب جي بنگلي تي چانهه ٿي کڻي وڃان. تنهنجي چاچي فون ڪيو آهي ته چانهه به موڪِل ۽ پاڻ به اچي جهٽ وڏي سانئڻ سان ڏک ونڊ، ان ڪري اوڏانهن پئي وڃان.”
مون سوچيو ته شهر ۽ ماڻهن جا حال ڪي اهڙا سٺا ته نٿا لڳن جو چاچي وارا هن صاحب جا ايڏا مريد لڳا پيا آهن. هن ڪهڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي؟ جڏهن شاهنواز چاچيءَ کي وٺڻ اندر آيو ته مان به ساڻس هلڻ لاءِ چيو ۽ جلدي ڪپڙا مٽائي هنن سان گڏ بنگلي تي پهتس.
بنگلو ته نه هو ڪو محل چئجي. گيٽ جي اندر ٿيڻ سان ٻنهي پاسن ساوا باغ هئا. وچ ۾ وري پڪو رستو جيڪو اڳتي هلي ٻنھي پاسن ڦِريو ٿي. تنهن کانپوءِ وري هڪ دالو هو ۽ پوءِ اندر وري هال ۽ ڪمرا نظر آيا پئي. عمارت اڇي ماربل سان ٺهيل جڙيل هئي. ساڄي پاسي واري لان ۾ اوطاق واري حصي اڳيان شاميانا لڳل هئا جتي مرد ويٺا هئا. گهڻا وري بنگلي جي ٻاهران به بيٺا هئا. موٽر سائيڪلون، ڪاريون ۽ پوليس موبائيلون به بيٺون هيون.
شاھنواز چيو ته تون اندر هلي ويھُ ته مان ڪم ڪار ڏسي اچان ٿو سو مان مَردن واري جاءِ تي وڃي ويٺس. ڀرسان هڪ چاچو اچي ويٺو. سنڌي ٽوپي، اڇو وڳو ۽ ساڄي ھٿ جي ويڙهينءَ ۾ گولڊن واچ پھريل هئس. لڳو ٿي ته ڪنهن چڱي عھدي تي هوندو. بنا منهنجي ڪنهن سوال ڪرڻ جي وڏي صاحب جا قصيدا شروع ڪري ڏنائين.
“وڏي صاحب جهڙو ڪو ماڻهو نه هوندو. اهڙا شينهن صدين ۾ ٿيون مائرون ڄڻين”.
”ها چاچا” مان جواب ڏنو.
“پارٽي جو ادنيٰ ورڪر هو صاحب، پارٽي لاءِ جيل ڪاٽيائين، اوجاڳا ڪيائين، ڏينهن رات هڪ ڪندو هو اليڪشن ۾… ان جو اجورو مليس.”
“ڪيئن ڀلا، چاچا؟”
“ابا، هي ماڻهو ڪڍ چريا لڳا پيا اٿس ڏسين ٿو. هي جيڪي جوان ڏسين ٿو اُڀا بيٺا آهن مهمانن جي خدمت ۾ انهن سڀني کي نوڪريون سائين ئي ته وٺي ڏنيون. ڪنهن کي واپڊا ۾، ڪنهن کي ريلوي ۾، ڪنهن کي پي آءِ اي ۾ نه ته هنن ڇوڪرن ۾ ڪو حال هو ڇا؟”
“اڇا!”
“هائو ابا، هي بنگلو گاڏيون، زمينون صاحب جي چڱائين جو بدلو آهن. اسان جون دعائون آهن صاحب لاءِ.”
“چاچا، توهان ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آهيو؟”
“ابا مان تعليم کاتي ۾”
“اتي ڪهڙي عهدي تي؟”
“مان هيڊ ڪلارڪ آهيان.”
دل ۾ چيم هي “ٺٺ ٺانگر هيڊ ڪلارڪ جا؟”
“چاچا، صاحب کي آخر ٿيو ڇا ڀلا؟”
“ابا، صاحب جا گردا فيل ٿي ويا، (Dialysis) تي هو، مهينن کان پلنگ تي هو. بس جڏهن سڏ اچي.”
ايتري ۾ آواز ٿيو “وضو ڪري وٺو،جنازي نماز جو ٽائيم ٿي ويو آهي.”
سڀئي اٿيا ۽ وضو خاني ڏانهن وڌيا. مان به اتان فارغ ٿي ٻاهر آيس. ڏٺم ته اندران ھڪ عورت نڪتي جنهن جو منهن ماسڪ ۾ ۽ اکيون ڪاري عينڪ سان ڍڪيل هيون. لباس مان ڪافي امير عورت ٿي لڳي، دالي اڳيان بيٺل هڪ ڪاري رنگ جي وڏي گاڏي ۾ ويٺي گيٽ مان نڪتي هلي وئي. ڪافي رش هئي، گيٽ وٽ اهڙن موقعن تي گهڻ ڳالهائڻ وارن جي ڀرسان ماٺ ڪري بيهجي ته ڪافي ڳالهيون خبر پئجي وڃن ٿيون. ٻه همراهه پاڻ ۾ ڳالهائين پيا، خبر پئي ته جيڪا عورت نڪتي هلي وئي اها صاحب جي گهر واري هئي جيڪا واپس ڪراچي هلي وئي. ٻي خبر پئي ته سندس پٽ به نه آيا هئا، هڪ آمريڪا اٿس ته ٻيو دبُئي. عجب ماجرو آهي، نه زال بيٺي نه ٻار آيا. وڏو صاحب، پراون جي ڪلهن تي مُقام پهتو.
مَيت کي هيٺ لاهڻ ئي وارا هئا ته ٻه عورتون پريان ڊُڪنديون آيون. هنن جي پريان “بيهو بيهو” جي آواز تي سڀ اوڏانهن متوجهه ٿيا. جيئن ئي ويجهو پهتيون ته چيائون “مَيت جو منهن کوليو، اسان کي منهن ڏسڻو آهي.”
سڀني مولوي صاحب ڏانهن ڏٺو، مولوي صاحب پڇين “اوهان ڪير آهيو؟ غير محرم ته نه آهيو؟”
انهن مان هڪ عورت ڏاڍي بردبار آواز ۽ سخت لهجي ۾ چيو “مولوي صاحب هي وقت انهن سوالن جو نه آهي جلدي منهن تان چادر هٽايو اسان پري کان آيا آهيون”
اتي جيڪو وڏي صاحب جو واٺو بيٺو هو ڏهه ڏهه ڳوڙها روئي رهيو هو. جذباتي انداز ۾ چيائين “ڏسڻ ڏيو مولوي صاحب، اسان جو صاحب کوڙ چڱايون ڪندو هو، ماڻهو ڪٿان ڪٿان صاحب جو منهن ڏسڻ آيا آهن. الله اڪبر” اھو چئي اوڇنگارون ھڻي روئڻ لڳو.
مولوي بحث ڪرڻ بجاءِ سندن ڳالهه مڃڻ غنيمت سمجهي. جيئن ئي ميت جي منهن تان پردو هٽيو ته ٻن عورتن مان هڪ جنهن اڳ ۾ به ڳالهايو هو، پنهنجي منهن تان پردو هٽايائين ۽ ميت کي مخاطب ٿي چيائين “بھرام خان، اسان کي بيواهه ۽ اسان جي ٻچن کي يتيم ڪري، اسان جو مال ملڪيت به پاڻ سان گڏ کڻي ٿو وڃين، بدلي لاءِ تيار رهجانءِ.”
عورتون اهي لفظ چئي هليون ويون، عوام خاموشيءَ سان هڪ ٻئي ڏي نهاريو. پوءِ چپڙي ڪري وڏي صاحب کي دفنائي سڀ هليا ويا. دنيا رهجي وئي وڏو صاحب هليو ويو، بدلو ته حياتيءَ ۾ ئي شروع ٿي چڪو!
***