بلاگنئون خوابَ پٺيان خوابُ آهي زندگي! ناول هائپر سومنيا تي راءِ July 5, 2025 Zahida Abro سنڌي ناول جو سفر دلچسپ ٿيندو پيو وڃي. ايڪيھين صديءَ جي هن ٽئين ڏهاڪي تائين پھچندي پھچندي ناول جي لکجڻ ۾ تِکَ به آئي آهي ته گهڻ رنگي به. اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻ ناول سرس لکيو پيو وڃي ۽ اهڙا ماڻهو به لکي رهيا آهن جن هڪ ڪھاڻي به ناهي لکي.اسان جي فڪشن جي پِڙَ ۾ گهڻو تڻو حقيقت نگاري جي هاڪَ ۽ ڌاڪَ رهي آهي، پر ماضيءَ ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ آواز اوس هئا جن حقيقت نگاري کان پرڀرو بيھي پنھنجا جوهر ڏيکاريا هئا. ماڻڪ انهن ۾ سڀني کان سگهارو نانءُ آهي. ان کان علاوه لال پشپ، مشتاق شورو، ايشور چندر، حليم بروهي به آهن. هن صديءَ جي پھرئين چوٿَ تائين ايندي ايندي ان ۾ ٻيا نالا به شامل ٿيا آهن.اسان جو مجيب اوٺو جڏهن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ اڀريو تڏهن سندس ڪھاڻين جو سواد نيارو هو. ٻولي، موضوع، پُڄاڻي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه اَڇھيو، نئون نڪور هئس. هاڻ سندس ناول آيو آهي، “هائپر سومنيا” جي ڏکئي نالي سان. جي ناول جو اهو نالو نه هجي ها ته اڃان وڌيڪ مزو اچي ها، ڇو ته پوءِ هرڪو ناول جي ٿيمَ کي سمجهڻ جي اڃان وڌيڪ هورا کورا رکي ها.چون ٿا ته هائپر سومنيا هڪ بيماري آهي، جنھن ۾ ماڻهوءَ کي ننڊ گهڻي ايندي آهي. هن ناول ۾ عبدالرحيم اهڙو ڪردار آهي جنھن جي ڪٿا اسان کي گهوماٽيون ڏيندي رهي ٿي. هڪ اهڙو شخص جيڪو هڪ ئي وقت ٻه ٻه، ٽي ٽي زندگيون جي رهيو آهي. اسان کي پڙهندي سُڌَ نٿي پوي ته عبدالرحيم ڪھڙي مھل ننڊ يا سپني ۾ آهي ۽ ڪھڙي مھل حقيقت يا جاڳ ۾؟مون کي برنارڊ پي هارٽ جو ڪتاب “چريائپ جي نفسيات” ياد ٿو اچي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو ته ڪن انسانن کي هڪ اگهائي لڳندي آهي، جنھن ۾ سندس دماغ ٺيڪ ٻن پُورَ وڇوٽ ڀاڱن ۾ ورهائجي ويندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جي دماغ جو هڪ حصو جڏهن ڪم ڪرڻ لڳندو آهي ته ٻيو وري بلڪل بند ٿي ويندو آهي. نارمل حصي جي ڪم ڪرڻ وقت هو عام ماڻهوءَ ئي هوندو آهي، پر ٻئي ڀاڱي جي کلڻ مھل هو قتل به ڪري سگهي ٿو ۽ وري ان جي بند ٿي وڃڻ جي ڪري کيس ياد به نه هوندو ته هن ڪو قتل ڪيو آهي. By partiality of mind نالي اها اگهائي هِن ڪردار ۾ ته ڪونهي، پر گهاري ٻه جيون ٿو. عبدالرحيم جي لاءِ حقيقت ۽ خواب پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي هڪ ٿي ويا آهن.هن پوسٽ ماڊرن دور ۾ اسان سڀئي اهڙو ئي جيون گهاري رهيا آهيون، جنھن ۾ اسان کي سُڌَ نٿي پوي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي؟ يا خيال ڇا آهي ۽ سچائي ڇا آهي؟ هيءُ سماج، پوءِ اهو سماج اولھه جو هجي يا اوڀر جو، هاڻ خيال حقيقت مٿان حڪمران آهي ۽ هڪ عبدالرحيم ئي نه، پر اسان سڀ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا. مارڪيٽ اڪاناميءَ واري دنيا ۾، هائپر ريئلٽي واري دنيا ۾ اسان کي ڪنزيومر (گراهڪ) تصور ڪري اُهو سڀ ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي، جيڪو اسان جي حقيقتن سان ٺھڪندڙ ناهي. اسان جون زندگيون پاڻ سپنو بڻجي ويون آهن، اهڙو سپنو جيڪو پورو نٿو ٿئي، ساڀيان ۾ تبديل نٿو ٿئي ۽ اسين اهو ڏک کڻي ڊگهي ننڊ ۾ ئي ته جي رهيا آهيون. مجيب اوٺي جو هيءُ ناول ٻن ٻين مامرن جي ڪري به نيارو آهي. هڪ ته توهان کي هِن ۾ ڪو وڏو مقصد، سنيهو يا پيغام نظر نه ايندو، جنھن جي ڳولها اسان جي ادبي تربيت جو حصو آهي، پر ڇا اهو سچ ناهي ته اسان جي گهڻائيءَ جون زندگيون ائين ئي بنا ڪنھن وڏي مقصد جي گذري رهيون آهن، جانورن وانگر جبلتن جي پوئيواري ڪندي. اجتماعي طور تي جڏهن سڄو سماج (سنڌي) ئي پنھنجي ڏَسا وڃائي رهيو آهي، تڏهن اتي فرد جي حالت ڇا بيھندي؟ ان جي ورندي هيءُ ناول آهي. هيءُ ناول اسان جي اهڙي اجاين زندگين جي تصوير پيش ڪري ٿو. اهو عبدالرحيم هڪ ناهي، پر هزارين پاڻ جھڙن جي نمائندگي ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هڪ ته نيارپ اها اٿس ته منجهس بظاهر ڪو وڏو مقصد نظر نٿو اچي، پر ڪٿي مشتاق احمد شوري لکيو هو، “اڄ سرجندڙ ساھت جو نه ڪو مقصد آهي، نه ئي معنيٰ اهو نصيحت نٿو ڪري، راھ نٿو ڏَسي، پرچاري ناهي. اَيبزرڊ ساهت ۾ انسان جي بيوسي، ڇِت ڪُتائي، فطرت/قدرت جي بي رحمي، نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفسياتي ڏوھ، جيڪي بي جوڙ ڪائنات، بي مقصد انساني هستيءَ جي تخليق جي خلاف انصاف ڀريو احتجاج آهن ۽ آئيندي جي ڀيانڪتا کي مختلف روپن ۾ اظھار ڏنو ويو آهي.”هن ناول بابت رڳو ايترو چئي سگهان ٿو ته هي ايبزرڊ جيون جو عڪس آهي. ٻي نيارپ هيءَ اٿس ته مجيب نئون لکڻ جو جتن ڪيو آهي. هلندڙ دڳ کان پري ٿي جهنگ مان پيچرو ٺاهڻ جو جتن ڪيو اٿس. سنڌي ناول ۾ وڏو انگ انهن ناولن جو آهي جيڪي “ڪيمپس ناول” آهن. انهن ۾ به اڪثر فڪري گھرائي کان خالي آهن. مون ڪجهہ سال اڳ انڊين ليکڪا دليپ ڪور ٽِواڻي جو ڪيمپس ناول پڙهيو هو، “زمين پڇي آسمان” جالنڌر يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل پيار ڪھاڻي، پر ان ۾ هندستان جي ٻن رياستن پنجاب ۽ هرياڻي سميت دهليءَ جي مذهبي تضادن (هندو ۽ سِک)، طبقاتي تضادن (هندو، سک مٿئين ڪلاس ۽ هندو سِک وچين ۽ هيٺئين ڪلاس جا)، سياسي فڪري تضادن (پُراڻ پسند سِک هندو ڌرمي ڌارا ۽ ترقي پسند، سيڪيولر ڌارا) سميت يونيورسٽيءَ جي يونيني سياست سان گڏوگڏ اندرا گانڌيءَ جي قتل کانپوءِ سِک شاگردن جي کنڀجي وڃڻ جا مامرا به سندس موضوع جو ڀاڱو هئا يا اُدَي پرڪاش جو هندي ناول “پيلي ڇَٽيءَ واري ڇوڪري” به جن پڙهيو هوندو، سي اها شاهدي ڏئي سگهن ٿا ته ڪيمپس ناول جو ڪينواس ڪيڏو نه وشال ٿي سگهي ٿو. سو مجيب انهيءَ ڪيمپس ناول جي گَهڻ مان ٻاهر نڪري الڳ دڳ تي راهي ٿيو آهي. سندس موضوع، ٻولي، ٽريٽمينٽ، ڪرافٽ، سڀ توهان کي اڳ وَرتايَلَ نه لڳندا، جي لڳندا ته بس مجيب جي ئي ڪھاڻين ۾.*** Post Views: 276