بلاگنئون

مھانگائيءَ جو طوفان ۽ عوام جي بيوسي

پاڪستان ھن وقت جن سنگين مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي، تن مان سڀ کان وڏو ۽ ٻرندڙ اشو مھانگائي آھي. روزانو وڌندڙ اگھن عام ماڻھوءَ جي زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو آھي. اٽو، کنڊ، گيھه، ڀاڄيون، دوائون ۽ پيٽرول ھر شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالھيون ڪري رھي آھي. نتيجي ۾ غريب ته پري، ھاڻي وچولي طبقي جو گذر سفر به مشڪل بڻجي ويو آھي.

مھانگائي صرف انگن اکرن جو نالو ناھي، پر اھو ھر گھر جي چلھه سان جڙيل سوال آھي. جڏھن مزدور کي سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ بعد به ٻارن لاءِ  مڪمل راشن خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، جڏھن سرڪاري ملازم جي پگھار مھيني جي پندرھن تاريخ کان اڳ ختم ٿيو وڃي، تڏھن سماج اندر بيچيني وڌي ٿي. ماڻھو قرضن، اوڌرن ۽ مايوسيءَ جي چڪر ۾ ڦاسي وڃن ٿا.

حڪومتن طرفان وقت بوقت مھانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جا اعلان ٿيندا رھيا آھن. سبسڊي، ريليف پيڪيج ۽ مارڪيٽن جي چيڪنگ جون  دعوائون به ڪيون وڃن ٿيون، پر عملي طور تي عوام کي ڪو خاص فرق محسوس نٿو ٿئي. انتظامي نااھلي، ذخيرہ اندوزي ۽ منافعي خوري به حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو آھي. جيڪڏھن مارڪيٽن ۾ صحيح نگراني ھجي ۽ قانون تي سختي سان عمل ٿئي ته قيمتن ۾ استحڪام آڻي سگھجي ٿو.

مھانگائي جو ھڪ وڏو سبب معيشت جي ڪمزوري ۽ بيروزگاري پڻ آھي. جڏھن پيداوار گھٽ ۽ درآمد وڌيڪ ھجي، جڏھن مقامي صنعتون زوال جو شڪار ٿين، تڏھن ملڪ پرڏيھي قرضن تي ڀاڙي ٿو. نتيجي ۾ ڪرنسي جو  قدر گھٽجي ٿو  ۽ شيون وڌيڪ مھانگيون ٿي  وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري آھي ته زرعي ۽ صنعتي شعبن کي ھٿي ڏني وڃي، نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ  آسان قرض فراھم ڪيا وڃن.

مھانگائي رڳو معاشي مسئلو ناھي، پر سماجي اثرات به پيدا ڪري ٿي. ڏوھن ۾ اضافو، نفسياتي دٻاءُ ۽ خانداني تڪرار گھڻو ڪري مالي تنگيءَ جو نتيجو ھوندا آھن. جڏھن ماڻھو بنيادي ضرورتن کان محروم ٿين ٿا ته سماج جو توازن به بگڙي ٿو.

اڄ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته حڪومت، واپاري برادري ۽ عام شھري گڏجي ذميواريءَ جو مظاھرو ڪن. شفاف پاليسيون، ايمانداري سان عملدرآمد ۽ قومي سطح تي معاشي استحڪام لاءِ سنجيده قدم ئي ھن بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو آھن. جيڪڏھن مھانگائيءَ جي طوفان کي نه روڪيو ويو ته عوام جي بيوسي مايوسيءَ ۾ بدلجي سگھي ٿي ۽ مايوسي ڪنھن به قوم لاءِ سٺو سنئوڻ ناھي ھوندي. وقت جو تقاضا اھا آھي ته نعرا نه، پر نتيجا ڏنا وڃن. ڇاڪاڻ ته خالي واعدن سان نه پيٽ ڀرڀو آھي، نه ئي مستقبل محفوظ ٿيندو آھي.