بلاگنئون

ٽنڊوالهيار ۾ ڪڻڪ ۾ ريتي ملائڻ وارن واپارين کي سزا  ملڻ گهرجي

هر دين ۾ کاڌي وارين شين ۾ ملاوٽ، ذخيره اندازي، ناجائز اگھن جي  وصولي ۽ تور ۾ فرق وڏا گناهه سمجهيا وڃن ٿا. دنيا جي سڌريل ۽ اڻ سڌريل ملڪن ۾ ھن انسان دشمن گناھ جي جاچ پڙتال ٿيندي رھي ٿي ۽ لالچي واپارين کي هٿيڪو ڪري سزائون ۽ ڏنڍ وڌا وڃن ٿا. ان ڪري سڌريل ملڪن ۾ شيون نج وڪرو ٿين ٿيون ۽ تور ۾ گھٽ وڌائي نٿي ڏسجي. نظام جي بھتري جي ڪري خريدارن جو ڀروسو برقرار رهي ٿو. اھي خريداريءَ وقت مطمئن ھوندا آھن ته کين کاڌ خوراڪ جون شيون نج ۽  تور ۾ برابر ملي رهيون آهن.

سڌريل ملڪن پنھنجي مارڪيٽنگ واري انھيءَ نظام ۾ گراھڪن جو اعتماد بحال رکيو آھي. اهڙن ملڪن ۾ صارف جي جائز شڪايت کي ٻڌو وڃي ٿو ۽ ان تي قدم کڻڻ کي اوليت ڏني وڃي ٿي. اھڙي ڪنٽرول مارڪيٽنگ نظام سبب ملاوٽ يا تور ۾  ڪمي جي شڪايت ڪڏھن ڪا ورلي موصول ٿئي ٿي. جڏهن ته پاڪستان ۾ خاص طور صوبي سنڌ ۾ صورتحال مختلف ۽ ڳڻتي جوڳي ٿيندي وڃي . ڇوجو واسطيدار  ادارا ۽ سندن ڪيترائي عملدار پنھنجو پنهنجو ڪم ڪندي نظر نٿا اچن. نتيجي ۾ صارف کي ملاوٽ واريون کاڌ خوراڪ جون شيون ملن ٿيون. ڇو ته ملاوٽ ڪرڻ وارن کي ڪنهن به اداري جو خوف يا ڊپ ناهي. سنڌ ۾  کاڌ خوراڪ جي شين کان وٺي پيٽروليم مصنوعات ۾ ملاوٽ جون شڪايتون عام جام ٿيڻ لڳيون آھن، پر ملوث ڏوهارين کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي ۽ سزائن کان محفوظ رھڻ سبب عوام پئسا ڏئي گهٽ تور واريون شيون ۽ ملاوٽ وارو کاڌ خوراڪ جو سامان خريد ڪري رهيو آهي.

تازو ٽنڊوالهيار ضلعي مان خبرون رپورٽ ٿيڻ لڳيون آھن جتي ظالم حرامخورن  ڪڻڪ جھڙي بنيادي خوراڪ کي به نه بخشيو آهي ۽ ان ۾ ريتي جي ملاوٽ ڪري وڪرو ڪندا رھيا نيٺ قدرت جو نظام حرڪت ۾ آيو ۽ اھي وحشي گرفتار ٿيا آھن .

پر افسوس ته سنڌ حڪومت طرفان يا ھن انسان دشمن عمل تي وفاق پاران ڪو سخت ايڪشن کڻڻ جو اڃان تائين اطلاع ناهي مليو. ھجڻ ته ايئن گھربو ھو جو ٽنڊوالهيار ۾ ڪڻڪ ۾  ريتي جي ملاوٽ  ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سخت قلمن وارو ڪيس درج ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي ٻين کي اھڙو ڏوھ ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوي. ھن غير تسلي بخش صورتحال ۾ خاص طور ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي  ضلعي ٽنڊوالهيار کي عوام جي ويساھ جو خيال رکندي اميد ڪجي  ٿي ته وائرل ٿيل ھن غير انساني عمل ڪندڙ گروهه خلاف سخت قدم کڻي عوام کي انصاف ڏياريو ويندو. هن ڏس ۾ فوڊ ڊپارٽمينٽ کي به پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي خالص هجڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون نڀائڻ گهرجن.