ڪراچي، جيڪو روشنين جو شهر، معاشي مرڪز ۽ ترقيءَ جي علامت سڏبو هو، اڄ بدانتظامي، لاپرواهي، بي حسي، ڪرپشن ۽ حڪمرانن جي ناڪاميءَ جو زنده مثال بڻجي چڪو آهي. هي شهر ملڪ کي اربين رپيا ٽيڪس ڪمائي ڏئي ٿو. صنعتن جو مرڪز ۽ بندرگاهن وسيلي واپار کي زندگي بخشي ٿو. لکين ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ٿو، پر ان جي بدلي ۾ هتي رهندڙ عوام کي فقط محروميون، اذيتون، پريشانيون ۽ مايوسيون ملن ٿيون. ڪراچي جا رهواسي هر صبح نئين تڪليف سان جاڳن ٿا. ڪڏهن پاڻي ناهي، ڪڏهن گيس غائب، ڪڏهن بجلي بند، ڪڏهن گٽرن جو پاڻي گهرن ۾ داخل، ڪڏهن ٽٽل روڊن تي حادثا ۽ ڪڏهن ڏينهن ڏٺي سر عام چوريون ۽ ڦرون. سوال اهو آهي ته ڇا هي سڀ ڪجهه اتفاق آهي يا منظم نااهلي ۽ غلط پاليسين جو نتيجو؟
ميڊيا اڳيان وزير مشير ڪراچي کي پيرس چوندي نٿا ٿڪجن. انھن کي ڪيئن ٻڌائجي ته پاڻي زندگيءَ جي بنيادي ضرورت آهي، پر ڪراچي ۾ اهو خواب بڻجي چڪو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ هفتن ۽ مهينن تائين نلڪا سڪا پيا هوندا آهن. ماڻهو ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪندا آهن. ڇو ته شهرين جو پنهنجو پاڻي غير قانوني هائيڊرنٽس وسيلي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. پاڻي مافيا، سياسي سرپرستي ۽ انتظامي نااهليءَ سبب شهر کي ڄاڻي واڻي پياسو رکيو وڃي ٿو. غريب ماڻهو روز سوچين ٿا ته پاڻي وٺن يا ٻارن لاءِ کاڌو خريد ڪن. ڪيترن ئي گهرن ۾ هڪ بالٽي پاڻي لاءِ جهڳڙا ٿين ٿا. اها ڪهڙي رياست آهي، جتي شهري بنيادي حق لاءِ در بدر ٿين؟
ساڳي حالت گئس ۽ بجليءَ جي آهي. سياري ۾ گئس غائب، اونهاري ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، ڪاروبار تباهه، شاگردن جو مستقبل خطري ۾، مريض اذيت ۾. گهرن ۾ عورتون پريشان، پوڙها بي حال، ٻار مايوس نظر اچن ٿا. بجليءَ جا ٽرانسفارمر سڙن ٿا، وولٽيج گهٽ ٿئي ٿو ۽ شڪايتن جو ڪو ازالو نٿو ٿئي. ننڍا ڪاروباري، دڪاندار ۽ مزدور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. وري برسات پوڻ سان ئي شهر جو حقيقي چهرو سامهون اچي وڃي ٿو. گهٽيون، بازارون، اسڪول، اسپتالون ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا. گٽرن جو گندو پاڻي ماڻهن جي ڪمرن، رانڌڻن، مسجدن ۽ عبادت گاهن کي آلوده ڪري ڇڏي ٿو. بيماريون پکڙجن ٿيون، مڇر وڌن ٿا، ٻار، نوجوان ۽ پوڙها سڀ متاثر ٿين ٿا. هر سال ساڳيا منظر، ساڳيون تقريرون، ساڳيا واعدا، پر عملي قدم نظر نٿا اچن. نيڪاليءَ جي نظام لاءِ ڪروڙين رپيا مختص ٿين ٿا، پر اهي ڪاغذن ۾ ئي ورهائجي وڃن ٿا. وري جي ڳالھه ڪجي ڪراچي جي روڊن ۽ رستن جي هاڻي روڊ ناهن رهيا، پر موت جا ڄار بڻجي چڪا آهن. کڏون، کوهه، ٽٽل پُل، اڌورا منصوبا، ناقص ڪم ۽ ڪرپشن سبب هر روز ماڻهو حادثن جو شڪار ٿين ٿا. موٽرسائيڪل سوار، پيادل ۽ ڊرائيور ڪنهن به وقت جان وڃائي سگهن ٿا. ڪيترائي نوجوان معذور ٿي وڃن ٿا، ڪيترائي پنهنجو مستقبل وڃائين ٿا، ڪيترائي گهر اجڙي وڃن ٿا، پر انتظاميه لاءِ اهي صرف انگ اکر آهن، جن جو ڪوبه احساس ناهي. انهن سڀني مسئلن سان گڏ بدامني ڪراچي جو سڀ کان وڏو زخم بڻجي چڪي آهي. موبائل ڦر، موٽرسائيڪل چوري، گهرن ۾ ڌاڙا، بازارن ۾ ڦرون هاڻي روز مرهه جو معمول آهن. ماڻهو بازارن ۾، آفيس ويندي، ٻارن کي اسڪول موڪلڻ وقت پريشانيءَ جو شڪار رهن ٿا. هاڻي نه رڳو عام ماڻهو، پر علم، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل شخصيتون به محفوظ ناهن. تازو نامياري شاعر ۽ اديب پي ٽي وي پروڊيوسر گلوڪار فنڪار سائين بيدل مسرور جي گھر مان چوري ۽ وري پوئين ھفتي پراڻي شاعر فنڪار ممتاز مولائي جي گهر مان ٿيل چوري مان اهو واضح پيغام ملي ٿو ته ڪراچي ۾ ڪوبه محفوظ ناهي. جڏهن سماج جا فڪري رهبر به چورن کان محفوظ نه هجن، ته عام ماڻهوءَ جي حالت جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.
پوليس ۽ انتظاميه جو ڪردار به انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. واقعي کانپوءِ دير سان پهچڻ، رپورٽ لکڻ ۾ ٽال مٽول، جواب دهيءَ جي کوٽ، ۽ ڪرپشن جون شڪايتون عام آهن. سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا وڏا دعوٰي ڪيا وڃن ٿا، پر گهڻا خراب پيل آهن. گشت جا اعلان ٿين ٿا، پر عملي طور گهٽ نظر اچن ٿا. جنھن ڪري عوام رستن تي تڙپندو رهي ٿو. صفائي، صحت ۽ تعليم جا شعبا به زوال پذير آهن. گندگيءَ جا ڍير، نالين ۾ بيٺل پاڻي، مڇر ۽ بيماريون عام آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي گهٽتائي ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي. ڪيترائي مريض خانگي اسپتالن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، جتي غريبن لاءِ علاج ممڪن ناهي. اسڪولن جون عمارتون خراب، استاد گهٽ ۽ شاگرد مايوس آهن. هي سڀ ڪجهه مستقبل جي تباهيءَ جو اعلان آهي. سياسي جماعتون ۽ حڪمران هر اليڪشن کان اڳ وڏا واعدا ڪن ٿا. ڪراچي کي جديد شهر بڻائڻ، مسئلا حل ڪرڻ، روزگار ڏيڻ جا نعرا هڻن ٿا، پر چونڊن کانپوءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا. عوام کي شهري نه، پر ووٽ بئنڪ سمجهيو وڃي ٿو. هر نئين حڪومت پهرين حڪومت تي الزام وجهي هلي ويندي آهي ۽ مسئلا جيئن جو تيئن رهجي ويندا آهن.
حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ جي تباهي ۾ صوبائي حڪومت، مڪاني ادارا، وفاق، پوليس، سڀ ذميوار آهن، پر ڪوبه ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ادارن جو فائدو ٿئي ٿو ۽ جڏهن ته نقصان صرف عوام کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هي شهر، جيڪو ملڪ جي معيشت جو ڍانچو آهي، اڄ خود بيوس بڻجي ويو آهي. ان باوجود، اڃان به اميد جي روشني موجود آهي. ھاڻوڪي حڪومت بئريسٽر مرتضيٰ وھاب ميئر ڪراچي سٺا ڪم پڻ ڪري رھيو آھي، پر ھن جي ھر سٺي ڪم کي نظرانداز پڻ ڪيو پيو وڃي. ھي پھريون ڀيرو آهي جو پيپلزپارٽيءَ جو ڪراچيءَ جو ميئر ڪراچيءَ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته هو پوئين سالن کان ڪجھه نه ڪجھه بھتر نتيجا ڏيئي ويندو.