اڄ جي ڏينهن 16 مئي 1948 تي آمريڪا اسرائيل جي ناپاڪ وجود کي تسليم ڪري دنيا جي مسلمانن جي پيٽ ۾ خنجر هنيو هو، اسرائيل هڪ ڪينسر آهي، جيڪو سڄي خطي کي تڪليف ڏيئي رهيو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي پوري دنيا ۾ يوم مرده باد آمريڪا ۽ اسرائيل ملهايو پيو وڃي ۽ مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري آمريڪا اسرائيل ۽ سندن حامين جو اصل چهرو دنيا کي ڏيکاريو پيو وڃي. آمريڪا ۽ اسرائيل پوري دنيا ۾ دهشتگرديءَ هي علامت بڻيل آهن. ڪشمير ۽ فلسطين ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي ظلم ۽ بربريت ناقابل قبول آهي، آمريڪا جي عالمي استعمار فلسطين جي هزارين سالن جي تاريخ کي ختم ڪري اسرائيل کي جنم ڏنو، جنهن هن وقت تائين دهشتگردي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. انسانيت تي ظلم ۽ ڏاڍ ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ڪشميري ۽ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. دنيا جو ڪوبه باعزت ۽ باغيرت شخص اسرائيل جي وجود کي قبول نٿو ڪري سگهي، اڄ اسلامي رياستن سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جو سرچشمو آمريڪا ۽ اسرائيل آهن، پر افسوس عرب ملڪ آمريڪا کي پنهنجو خدا سمجهي پوڄي رهيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي ناجائز وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ عرب رياستن جو دورو ڪري رهيو آهي. سعودي عرب پاران اربين ڊالرن جي هٿيارن جا معاهدا ڪيا ويا. عرب رياست قطر پاران فلسطينن جو قتل عام ڪرائيندڙ ٽرمپ کي 40 ڪروڙ ڊالر جو جهاز گفٽ ڪيو ويو آهي.