جنگ جي معتبر صحافي انصار عباسي خبر ڏني آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي پيش ڪيل ڳالهين ٻولهين جي آڇ کي قبول ڪيو آهي ۽ ڳالهين تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. 12 مئي 2025 سومر جي ڏينهن اڊيالا جيل ۾ ملاقات لاءِ آيل پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان کي عمران خان ڳالهين ٻولهين کي اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني آهي، پر ان سان گڏ اها هدايت به ڪئي آهي ته مذاڪرات ٽي وي ڪئمرائن جي اکين کان پري هجڻ کپن ته جيئن اهي ڳالهيون مستقبل لاءِ ڪو نتيجو ڪڍي سگهن.
پي ٽي آءِ جي اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي هاڻي باقائده طور تي حڪومت سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندي ۽ ڊائيلاگ کي اڳتي وڌايو ويندو. پي ٽي آءِ جو خيال آهي ته ماضيءَ ۾ ڳالهين ٻولهين جي وچ ۾ ميڊيا جي بيجا مداخلت سبب ڳالهيون ٻولهيون ناڪام ويون، تنهنڪري هن ڀيري وڌيڪ احتياط سان ڳالهين ٻولهين کي شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان دي نيوز سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي پيشڪش عمران خان تائين پهچائي وئي آهي ۽ هن اها تصديق ڪئي ته مذاڪرات جي لاءِ عمران خان طرفان هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن، پر هن تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته اها پيش رفت وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تازي تقرير کانپوءِ سامهون آئي آهي. خطاب دوران وزيراعظم پي ٽي آءِ کي قومي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ ان وقت بئريسٽر گوهر علي خان ان تجويز کي ڀليڪاريو هو. پارٽي حلقن واضح ڪيو ته عمران خان جي واضح رضامنديءَ کان بغير ڪا به اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي. پي ٽي آءِ ذريعن جو اهو به انڪشاف آهي ته عمران خان چاهي ٿو ته مذاڪرات کي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هجي. اسان کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم بار بار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هن وقت جو چيف آف آرمي اسٽاف ساڻس ڳالهيون ڪري، ڇو ته هو سمجهي ٿو ته اصل طاقت جو محور اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ چونڊجي آيل پارٽين کي جيڪڏهن اتان کان قبوليت حاصل ناهي ته اهي چونڊيل پارٽيون ڪاميابيءَ سان پنهنجو مدو به پورو نٿيون ڪري سگهن ۽ نه ئي حڪومت سازي ۾ انهن کي ڪا ڪاميابي ملي سگهي ٿي. ان ڪري بظاهر عمران خان اسٽيبلشمينٽ مٿان تنقيد به ڪري ٿو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان عمل کي آسان بنائڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي به رضامندي ڏيکاري آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي ڪنهن نمائندي سان ملاقات جي لاءِ به تيار آهي.
هن وقت جڏهن پاڪ ڀارت جنگ جي ماحول کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي مفاهمت کي وڌائڻ جي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي به جيل کان ٻاهر ڪڍڻ جي گهر سندس پارٽيءَ جي عهديدارن کان علاوه سندس حمايت ڪندڙن طرفان ٿيندي رهي ٿي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پردي پويان ٿيندڙ ڳالهيون ڪيئن منظر عام تي ٿيون اچن ۽ ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا. پي ٽي آءِ جو سڀني کان وڏو مسئلو ته سندس پنهنجو بيانيو آهي جنهن ۾ هو سڀني پارٽين جي رهنمائن کي ڪرپٽ ڄاڻائي چڪو آهي ۽ هو انهن سان ڳالهين ٻولهين جي لاءِ ڪڏهن به ويهڻ جي لاءِ راضي نه ٿيو آهي. ڇا هاڻي اهو مستقبل ۾ ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيل مان نڪرڻ لاءِ قانون جو سهارو وٺڻ بجاءِ حڪومت سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري ۽ خاص ڪري ان پارٽيءَ جي وزيراعظم سان ڳالهيون ڪري جنهن جي مٿان هو ڪيترائي الزام مڙهي چڪو آهي. جيڪڏهن هو وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهيون ٻولهين ڪرڻ تي راضي ٿي وڃي ٿو ۽ وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ اچڻ کان انڪار ڪري ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ جي مستقبل تي هڪ سواليه نشان ضرور لڳي ويندو.