ٻاهر کان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ٻاهرئين پئسي جي مدد سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون وٽ خط آهي ۽ اهو ثبوت آهي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ننڍا نه وڏا چور ملڪ کي تباهه ڪندا آهن، اهي چور 30 سالن کان ملڪ جو رت چوسي رهيا آهن، انهن جو پئسو ٻاهر پيو آهي، هي سڄو ڊرامو ٿي رهيو آهي ته عمران خان مشرف وانگر گوڏا کوڙي اين آر او ڏئي، جنرل مشرف هن ملڪ تي ظلم ڪيو ۽ انهن جي دٻاءُ ۾ اچي ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ کين اين آر او ڏنو. هن چيو ته اپوزيشن ماڻهن کي خريد ڪرڻ لاءِ پئسو لڳائي رهي آهي، دعويٰ ٿو ڪريان ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ساڍن ٽن سالن ۾ ڪنهن حڪومت اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري، جيتري اسان ڏيکاري آهي، اسان ڊيزل جي قيمت 10 رپيا گهٽ ڪئي آهي، اسان جي معيشت جي ترقي تي اپوزيشن دنگ رهجي وئي آهي، اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو، ٽيڪسٽائل انڊسٽري رڪارڊ ايڪسپورٽ ڪري رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آزاد پرڏيهي پاليسي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فضل الرحمان، نواز شريف، انهن جي ان وقت جي پارٽين ذوالفقار علي ڀٽو خلاف تحريڪ هلائي ۽ اڄ جيان حالتون پيدا ڪيون ويون ۽ انهن حالتن سبب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ ان ئي ڀٽو جي ناٺي آصف زرداري ۽ ان جي ڏوهٽي ٻنهي ڪرسي جي لالچ ۾ قربانيون وساري ڇڏيون ۽ قاتلن سان گڏ ويٺا آهن ۽ انهن جي وڪالت ڪري رهيا آهن، ٻاهر کان اسان جي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي متاثر ڪيو پيو وڃي، ان سازش جي اسان کي مهينن کان خبر آهي، اڄ جيڪي قاتل ۽ مقتول گڏ ٿي ويا آهن، انهن کي گڏ ڪندڙن جي به اسان کي خبر آهي، هي ذوالفقار علي ڀٽو وارو دور ناهي، وقت مَٽجي ويو آهي.

