توشاخانه ڪيس عمران خان جي زال بشريٰ بيبي نيب ۾ طلب
نيب جي ٽيم بشريٰ بيبي کي نوٽيس ڏيڻ زمان پارڪ پهچي وئي. عمران خان جي زال بشريٰ بي بي کي 21 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ توشه خانه ڪيس جي تحقيق لاءِ قومي احتساب بيورو عمران خان ۽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي کي 9 مارچ تي راولپنڊي آفيس ۾ طلب ڪيو هو.طلبي جو نوٽيس عمران خان جي رهائش گاهه بني گالا ۽ چڪ شهزاد اسلام آباد جي گهر اماڻيو ويو هو. نوٽيس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) عمران خان تي الزام عائد ڪيو ته هنن پنهنجي دور ۾ ملندڙ تحفن کي فروخت ڪيو، جن ۾ 4 روليڪس گهڙيون هڪ آئي فون جيڪا کيس 2018 ۾ قطر جي آرمڊ فورس طرفان ڏني وئي هئي ۽ ٻيا ڪيترائي تحفا شامل آهن، جيڪي هن قانون جي برخلاف وڪڻي ڇڏيا.

