بلاگ

اچو ته البانيا گهمون (قسط-12)

فارڪا ڍنڍ جي اُداسي

صبح جو رکيل موبائل الارم تي جيئن ئي اک کلي ته وهنجي سهنجي تيار ٿي هوٽل جي ڊائننگ ۾ لڳل ناشتي (Breakfast Buffet) تي پهچي ويس. ٿوري چيز، جيم، سلائيز، انڊي بوائل، آمليٽ ۽ هاٽ ڊاگس سان ناشتو ڪيو. حسب معمول اڄ به ڪارا مرچ نه مليا جو نڪو ويٽر ۽ نڪو ڪائونٽر واري کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. مون به طئه ڪيو ته هاڻي انهن سان وڌيڪ مٿو هڻڻ پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ جي برابر هوندو، سو ماٺ ڀلي آ. هتي جي چانهه پاڻ کي آئڙي ڪونه، سو پنهنجي آندل چانهه جي ساشي ۾ گرم پاڻي ۽ کير کي ملائي چانهه ٺاهي پيتي ۽ هوٽل جي ٻاهر نڪري آيس. ليڊي اڳ ئي هوٽل جي ٻاهران گاڏي کڻي پهچي چڪو هو. ٻاهر هلڪي هلڪي بارش ٿي رهي هئي. جهڙالي موسم سان گڏ ٿڌ به ڪجهه سوائي هئي. شڪر آهي جو هوا بند هئي نه ته سيءُ پاڻ سان اها حالت ڪري ها جو وطن جا وڻ ياد پئجي وڃن ها.

گاڏي ۾ ويهي پاڻ هلي پيا آهيون فارڪا ڍنڍ (Farka Lake) ڏسڻ جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ (Liqeni i Farkes) ڪوٺين. پهاڙن ۾ گهيريل هي هٿراڌو ڍنڍ 1980 واري ڏهاڪي ۾ ٺاهي وئي آهي. ترانا ميونسپالٽي جي حدن ۾ ايندڙ فارڪا ڍنڍ ترانا شهر کان تقريبن 8 ڪلوميٽر پري آهي ۽ اتي پهچڻ لاءِ تقريبن 15 کان 20 منٽ لڳن ٿا. ترانا شهر جي اوڀر ۾ واقع ھن ڍنڍ تي فارڪا نالو به فارڪا ڳوٺ جي پويان رکيل آهي. فارڪا الباني ٻولي جي لفظ Farkater مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لوهار. هن ڍنڍ جي ڊيگهه ٻه ڪلوميٽر، ويڪر 700 ميٽر آهي. 75 هيڪٽر ايريا تي ڦهليل هن صاف سٿري پاڻي جي ڍنڍ ۾ ڪارپ (Carp)، ڪئٽ فش (Cast Fish) ۽ ٻين مڇين جا نسل موجود آهن.

جيتوڻيڪ موسم ۾ سياري جي خنڪي به آهي ۽ هلڪي هلڪي بارش به پئجي رهي آهي. پر روڊن تي زندگي معمول جيان روان دوان آهي، بلڪل ائين جيئن پنهنجي گاڏي ۾ الباني ٻولي جا گانا نان اسٽاپ وڄي رهيا آهن. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ اھي پاڻ کي سمجهه ۾ نٿا اچن. جيئن ماڻهن جو ههڙي سردي ۾ نڪرڻ مقصد کان خالي ناهي هوندو، تيئن موسيقي به بنا مقصد جي ۽ بي معنيٰ نٿي هجي. جيڪا شئي من کي سڪون ۽ سرور پهچائي، اُها ڀلا بي معنيٰ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ روڊن جي ٻنهي پاسن کان اٽالين ۽ اوٽومين طرز تعمير عمارتن سان گڏ جديد ڊزائننگ جون عمارتون به نظر اچن پيون. هتي ترانا شهر جي آبادي گهٽ هئڻ جي ڪري گهڻ ماڙ عمارتون (پلازا) ٺهيل ڪونهي. پاڻ وانگي نه ته جو ڪت خلقت ويائي پئي آهي ۽ ماڻهو گهرن يا فليٽن ۾ بانڊي (گدامن) جي ٻورين جيان سٿيل آهن. ترانا جيتوڻيڪ آبادي جي حساب سان البانيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، پر اُن ۾ پوءِ به جي آبادي جو حساب لڳائجي ته اُها 2021ع ۾ 503000 ۽ 2022 ۾ وڌي 512000 تائين پهتي. يعني هڪ سال ۾ آبادي ۾ واڌارو فقط 9000 ماڻهن جو يعني 1.7 سيڪڙو ٿيو. وري جي ڏسون ٿا پاڻ واري ملڪ کي ته شهرن ۾ هاڻي ته ماڻهن جي رهائش لاءِ زمين به نه بچي آهي. اسان جون حڪومتون ته کڻي نااهل يا ڪرپٽ ۽ پوئتي پيل آهن ۽ اُنھن جي ماڻھن کي صاف سٿري زندگي ۽ سھوليتون ڏيڻ جي ڪا بہ نيت ڪونھي. پر تيز رفتاري سان وڌندڙ آبادي کي پاڻي، گئس، بجلي، ڊرينيج، تعليم، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهوليتون، ان جاءِ تي جي سڌريل ۽ ايماندار حڪومت ھجي تہ شايد اُھا به نہ ڏيئي سگهي. اسان جي ملڪ جي عام ماڻهن کي لوڌ ٻارن جي ڄڻڻ کان اڳ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته پنهنجي آمدني مان پنهنجي فيملي جون ضرورتون ۽ خواهشون پوريون ڪري سگهندئو به يا نه؟ پر سوچڻ وري ڇا جو؟ هنن ته پنهنجو پالنا ۽ پرورش جو سڄو بار رزق ڏيڻ واري تي رکي ڇڏيو آهي ۽ کين وتائي فقير جي اها چوڻي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي اچي ته، ”الله سائين ڏي ٿو، پر کنگهائي کنگهائي پوءِ ڏي ٿو.“ خير بحث کي نٿا وڌايون ڇو جو پنهنجي چوڻ سان ماڻهو ٿوروئي گهٽ ٻار ڄڻڻ شروع ڪندا. سو پاڻ ذڪر ڪريون ٿا اڳتي جي سفر جو.

پاڻ واري ڪار هاڻ ترانا شهر جا رستا ڇڏي رهائشي علائقن مان گذري رهي آهي. جبلن جي لاهين چاڙهين تي اڏيل گهر جيڪي قديم يورپين، اوٽومين ۽ اٽالين آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ تي ٺهيل آهن، منفرد ڏيک ڏين ٿا. صاف سٿرا روڊ، گهٽيون، گهرن جي اڳيان ڇڏيل خلاصو پلاٽ، کليل، هوادار ۽ روشني جي گذر لاءِ گھرن ۾ جوڳو انتظام. فوٽ پاٿن ۽ رستن تي زندگي روان دوان، ڪنهن کي مٿي تي هئٽ پاتل ته ڪنهن کي جسم تي ڪوٽ يا اوور ڪوٽ اوڍيل، جينس، پلين پينٽ شرٽ، فل گائون ۽ هاف گائون پاتل عورتون مرد. ڪن ڇٽي جي ڇپر ڇانوَ ۾ پنهنجو بارش کان بچاءُ ڳولي ورتو آهي ته ڪي ”رم جهم رم جهم پڙي ڦوهار“ گاني جي پس منظر جيان پاڻ ڀڄائيندي پنهنجي منزل ڏانهن نڪري پيا آهن. ڪنهن کي آفيس وڃڻو آهي ته ڪنهن کي دڪان تي ڊيوٽي ڏيڻي آهي. ڪنهن کي اسڪول يا ڪاليج پهچڻو آهي ته ڪو وري ٻوڙ ٻاڙي وٺڻ لاءِ نڪري پيو آهي. هڪ عام ماڻهو جي زندگي به بس ائين ئي آهي. گهر، آفيس، ڪاروبار، روزمره جا ڪم، رشتن ناتن سان نباهه، کاڌ خوراڪ ۽ رات جو گهري ننڊ ۽ پوءِ صبح جو وري ساڳي ڪار، بس اهڙي ئي زندگي جيڪا گهاڻي ۾ گولائي ۾ ڦڙندڙ اٺ جي هوندي آهي. 24 ڪلاڪن جي روزمره جي زندگي ۾ شايد ڪو هڪ ٻه ڪلاڪ ئي اهڙو هجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي لاءِ وقت ڪڍي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ جيئي ٿو. دراصل اهي پل ئي ماڻهو جي زندگي جو حقيقي سرمايو آهن. پر اسان مان گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي اهي پل به وڃايو (ضايع ڪريو) ڇڏين. جنهن کي منهنجي هي ڳالهه ٿوري گهڻي سمجهه ۾ آئي هجي ته اُهو اٿي تيار ٿئي ۽ پنهنجي جيئڻ لاءِ وقت ڪڍي، جو اڃان به ويل وئي ڪانهي. جي توهان اها ويل وڃائي ڇڏي ته پوءِ لطيف سائين اڳي ئي چئي ويو آهي.

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

مٿان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.

خير پاڻ هاڻ روڊ رستا گهٽيون لتاڙيندا پهچي ويا آهيون فارڪا ڍنڍ. ليڊي ڍنڍ جي ويجهو گاڏي بيهاري ڇڏي آهي ۽ پاڻ لهي آيا آهيون گاڏي مان. هتي هلڪي هلڪي بارش سان گڏ سردي به محسوس ٿئي ٿي. پهاڙن ۾ گهيريل هي ڍنڍ خوبصورت آهي ۽ هن جو شمار البانيا جي وڏين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي زراعت لاءِ استعمال ٿين ٿيون. هن ڍنڍ جي ڀر ۾ فارڪا ڳوٺ جون ائنٽڪ عمارتون ۽ ڦهليل ساوڪ به من کي ڀائيندڙ آهي، هن ڍنڍ جي چوگرد هڪ وڏو رستو (Pedestrian Street) به ٺاهيل آهي، جنهن تي توهان چاهيو ته واڪنگ، جوگنگ يا سائيڪلنگ (سائيڪل يا موٽربائڪ هلائڻ) ڪري سگهو ٿا. ڍنڍ جي پاسن کان ڪٿي ڪٿي ويهڻ لاءِ بينچون به رکيل آهن. صاف ۽ شفاف پاڻي جي هن ڍنڍ کي پوليوشن کان پاڪ ۽ گندگي ڦهلجڻ کان بچائڻ جي لاءِ ترانا ميونسپالٽي هتي ريسٽورنٽس ۽ بار کولڻ جي اجازت نٿي ڏي. ها باقي توهان چاهيو ته پاڻ سان گڏ فوڊ کڻي اچي ڍنڍ جي ڪناري ڇٻر يا بينچن تي ويهي کائي سگهو ٿا. هي ڍنڍ ترانا شهر جي ويجهو هئڻ ڪري بهترين پڪنڪ اسپاٽ آهي. هتي مقامي توڙي پرڏيهي سياح جام اچن ٿا، جيڪي نه صرف هن ڍنڍ کي گهمي ڦري مزو وٺن ٿا، پر سوئيمنگ، فشنگ يا ونجهه واري ٻيڙي جو سير ڪري به لطف ماڻين ٿا. هن وقت جيئن ته ٺيڪ ٺاڪ سردي جي موسم آهي، ان ڪري مقامي توڙي پرڏيهي سياحن جي آمد نه هئڻ جي برابر آهي. جڏهن پاڻ هتي پهتا آهيون ته پاڻ کي به ڪو خيرڪو ماڻهو نظر آيو. مٿان وري هلڪي بارش ۽ سردي جي ڌٻ، سو فارڪا ڍنڍ جي پل ۽ اُن جي آسپاس ٻه چار فوٽو ڪڍي اچي گاڏي ۾ ويٺس.

ڍنڍ ته ڏاڍي حسين هئي پر مونکي الائي ڇو گهري سانت ۾ گم لڳي ۽ شايد اداس به؟ جڏهن فطرت جي سونهن کي ڪو داد ڏيڻ وارو نٿو هجي ته فطرت به پاڻ کي ويڳاڻي (اداس) محسوس ڪري ٿي! ۽ وري ڍنڍ جا اُهي پکي جيڪي هونئن پيا اتي ھر وقت لڏندا، ڪڏندا ۽ ٽپندا آهن، سخت سردي سبب اتان اڏامي کيس اڪيلو ڪري وڃن ته ڀلا هوءِ ڪيئن نه اداس ٿيندي؟ اهي پکي سردي کان بچڻ ۽ پنهنجي لاءِ اجهو ڳولڻ جي تلاش ۾ هن وقت شايد پنهنجي ملڪ ڏي آيل (پهتل) هوندا؟ آئون واپس موٽي انهن پکين کي اهو نياپو ضرور ڏيندس جيڪو مون فارڪا ڍنڍ جي اداس اکين ۾ پڙهيو آهي،”او پکيئڙئو پرديسيئو! وڃو پنهنجي وطن موٽي وڃو، فارڪا ڍنڍ توھان جي لاءِ ٻانھون ڦھلائي اوسيئڙي ۾ ويٺي آھي. هر بي چين روح فقط پنهنجي ڪڙم ۾ ئي قرار ماڻي سگهي ٿو ٻيو ڪٿي به نه…“