هن وقت پوري پاڪستان ۾ ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مالي سهڪار سان اهڙا پروگرام هلي رهيا آهن، جنهن جو نعرو آهي “اسپتال اچو، چيڪ اپ ڪرايو، ٻار کي محفوظ بڻايو ۽ مالي سهڪار حاصل ڪريو.” پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي حمل دوران يا ويم وقت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب ڪيتريون ئي عورتون پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿيون. بلوچستان جي جاگرافي سبب مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين صحت جون سهولتون اڃان تائين مهيا نه ٿي سگهيون آهن، پر اهو مسئلو صرف بلوچستان جو نه، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جو به آهي. سنڌ جا ڪيترائي علائقا بنيادي سهولتون، جن ۾ ٻارن لاءِ اسڪول، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ اڃان تائين ماڻهن لاءِ خواب بڻيل آهن. ان ڪري هينئر حاملا عورتن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت وٽ پيپلز هيلٿ سپورٽ پروگرام ۾ مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام هلي رهيو آهي. ان پروگرام ۾ حاملا عورت کي حمل جي شروعاتي چيڪ اپ کان وٺي ٻار جي پيدائش ۽ پوءِ حفاظتي ٽڪن جي مرحلي تائين مجموعي طور تي 15 کان 20 هزار رپيا مالي مدد ڏني وڃي ٿي،
ان جو وڏو حصو ان وقت ملندو جڏهن ٻار جي پيدائش گهر بدران سرڪاري صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽر جي نگراني ۾ ٿئي. پنجاب ۾ اهو ساڳيو پروگرام آغوش جي نالي سان پنجاب هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ پراجيڪٽ تحت هلي رهيو آهي. اتي به حاملا عورتن کي هيلٿ سينٽر تي اچي رجسٽريشن، طبي معائني، محفوظ پيدائش ۽ ٻار جي پيدائش جو رڪارڊ نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ تي مرحليوار 17 هزار رپيا مدد ڏني پئي وڃي. ڪي پي ڪي ۾ هي پروگرام “صحت ڪارڊ پلس” جڏهن ته بلوچستان جهڙي وسيع ايراضي واري صوبي ۾ صوبائي حڪومت وفاق جي “بينظير نشو نما پروگرام” سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، جتي حاملا عورتن کي اسپتال تائين پهچائڻ، پيدائش جي عمل کي محفوظ بنائڻ لاءِ ايمبوليس لاءِ سفري الائونس ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڏورانهن ڳوٺن مان عورتون اسپتال پهچي سگهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي پروگرام پوري پاڪستان ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ هڪ انتهائي اهم ۽ بنيادي پروگرام آهي، جنهن کي مشروط طريقي سان به هلايو پيو وڃي ۽ گهڻو ڪري انهن مائرن کي هن پروگرام ۾ مالي مدد ڏني پئي وڃي، جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ آهن يا انهن مائرن کي فائدو ملي رهيو آهي جيڪي پنهنجي غربت سبب ٻار جي پيدائش جو خرچ نٿيون ڀري سگهن. هن پروگرام ۾ مثبت ۽ منفي ٻئي پهلو موجود آهن. هي پروگرام هڪ ڊگهي مدي جي بدران ننڍي مدي وارو پراجيڪٽ آهي، جنهن کي هڪ ڊگهي مدي واري صحت جي پاليسيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صحت پروگرام کان وڌيڪ پارٽين لاءِ ووٽ وٺڻ جو سياسي پروگرام آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ان قسم جي پروگرام هلائڻ سان جتي عورتن جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ٻارن ۽ ماءُ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مدد ملي رهي آهي، اتي انهن خاندانن ۾ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي پڻ ٿي رهي آهي. جنهن سان پاڪستان ۾ پيدائشي شرح تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. حقيقت ۾ هن پروگرام اندر هڪ لڪيل مقصد عورتن کي اسپتالن تائين آڻڻ آهي ته جيئن عورت اسپتال اچي ٿي ته ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ڊاڪٽر کيس ٻئي ٻار جي پيدائش ۾ وقفي جا طريقا ۽ فائدا سمجهائي سگهن. هن پروگرام کي سڌو سنئون روڪ رقم ورهائڻ بدران سرڪاري اسپتالن اندر نظام کي مضبوط، جديد ۽ پائيدار بنائڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي ها، جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي ٽريننگ، انهن جو 24 ڪلاڪن تائين اسپتالن ۾ موجود رهڻ، نرسن جي بين الاقوامي معيار تي تربيت هجڻ کپي. ان کان علاوه بي آءِ ايس پي جي ڇٽيءَ هيٺ اهڙيون ٽيمون تشڪيل ڏنيون وڃن جيڪي حاملا عورتن جو باقائده رڪارڊ رکن انهن کي مفت خوراڪي سپليمينٽ مهيا ڪري سگهن ۽ پيدائش تي ڪنٽرول ڪرڻ جا فائدا ٻڌائي سگهن.
ان کان علاوه بيسڪ هيلٿ يونٽ آبادين جي ويجهو تعمير ڪيا وڃن ۽ انهن ۾ حاملا عورت ۽ نئين ڄاول ٻار کي بنيادي سهولتون لازمي ملڻ گهرجن. ايمبولينس سروس کي حاملا عورت جي لاءِ فري فراهم ڪيو وڃي، مالي مدد ڪرڻ وارو ماڊل هن وقت تائين ڪي خاص نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي، پر آگاهي مهم جي دوران ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي باري ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ هيلٿ يونٽ انهن آبادين جي ويجهو ٺاهڻ ۽ انهن آبادين ۾عورتن جي درن تائين صحت جون سهولتون پهچائڻ وڌيڪ اهم نتيجا ڏئي سگهي ٿو. نظام ۾ اڳ ۾ ئي ليڊي هيلٿ ورڪر جو هڪ منظم نيٽورڪ موجود آهي، پر احتساب ۽ فنڊن جي کوٽ سبب اهو نظام ڪم نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن پئسا ڪنهن جي کيسي ۾ وڃڻ بدران هيلٿ سسٽم جي ڍانچي تي خرچ ٿيندا ته اهو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي طرفان ڪنهن حاملا عورت لاءِ تحفو نه، بلڪه رياست جو هڪ پائيدار نظام بڻجي ويندو. هن وقت اسان جون پاليسيون ريزڪي نظام تي هلي رهيون آهن، جنهن سبب بحران ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. هن پروگرام کي ننڍي مدي جي پاليسين مان هٽائي ڊگهي مدي جي پاليسين تحت هلائڻ سان مشروط ڪيو وڃي، جنهن ۾ اسپتالن جو جديد طرز ۽ سهولتن سان تعمير ٿيڻ، عورتن ۽ ٻارن لاءِ بين الاقوامي سطح تي سهولتن جي فراهمي، والدين کي وڌ ۾ وڌ ٽن ٻارن تائين ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ سرڪاري سهولتون فراهم ڪرڻ، چوٿين ٻار تي مالي بار خاندان خود برداشت ڪري ته جيئن آباديءَ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. هر نئين ڄاول ٻار جي ڊيٽا محفوظ ٿيڻ گهرجي ۽ اسڪول جي عمر تي پهچڻ وقت والدين سان رابطو ڪرڻ سرڪار جي ذميداري هجڻ گهرجي، پر جيئن ته اهي سڀ شيون ڊگهي مدي وارين پاليسين ۾ اچن ٿيون ۽ حڪومتون هن وقت ڊگهي مدي وارا پروگرام هلائڻ جي موڊ ۾ نظر نٿيون اچن. انهن کي ننڍي مدي وارا پروگرام وڌيڪ سياسي فائدو پهچائين ٿا.