بلاگنئون

غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي جو مطالبو

ماحولياتي ڪارڪن طور مشهور گريٽا ٿمبرگ جي تازي اسرائيلي اختيارين جي حراست ۾ ساڻس بدسلوڪيءَ کانپوءِ سندس زوريءَ سويڊن موٽائڻ واري عمل غزه جي ناڪابندي ۽ ان سان لاڳاپيل انساني حقن جي ڀڃڪڙين ڏانهن عالمي برادري جي ڌيان کي ڇڪايو ۽ ڇرڪايو آهي. سندس تجربو، غزه ۾ اسرائيل جي هڪ طرفن حملن جي وسيع تناظر سان گڏ، سيڪيورٽي جي بهاني هيٺ ڪيل ظلمن جي گھرائيءَ سان جاچ جي تقاضا ڪري ٿو. گريٽا ٿمبرگ، اڳوڻي سويڊش ليفٽ پارٽي جي ميمبر لورينا ڊيلگاڊو ورگاس ۽ ٻين سرگرم ڪارڪنن سان گڏ، گلوبل صمود فلوٽيلا جو حصو هئي. صمود فلوٽيلا 40 کان وڌيڪ ٻيڙين جو قافلو آهي ۽ غزه جي اسرائيلي سامونڊي ناڪابندي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندن مشن، جيڪو غزه جي ماڻهن جي اڪيلائي کي چئلينج ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد پهچائڻ بابت هو، بين الاقوامي پاڻين تي اسرائيلي غير قانوني فوجي مداخلت جي ور چڙھي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ کين حراست ۾ ورتو ويو ۽ گريٽا ٿمبرگ موجب ساڻن ريگستان ۾ هڪ اسرائيلي “اذيت گاهه” ۾ سخت بدسلوڪي ڪئي وئي. هي واقعو غزه ۾ مقامي شهرين ۽ گريٽا ٿمبرگ جهڙن ڪارڪنن جي خلاف اسرائيل جي منظم ظلمن کي پڌرو ڪري ٿو، جڏهن ته عالمي برادريءَ کان احتساب ۽ عمل جي اپيل ڪري ٿو. 2007 ۾ حماس جي حڪومت کانپوءِ اسرائيل جي غزه خلاف ناڪابندي دنيا جي بدترين انساني بحرانن مان هڪ کي جنم ڏنو آهي. هيءَ ناڪابندي سامان، ماڻهن ۽ ضروري شين جي چرپر کي محدود ڪري ٿي، جنهن عمل سبب انساني حقن جي تنظيمن، جن ۾ ايمينسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائٽس واچ شامل آهن، غزه کي هڪ “کليل جيل” قرار ڏنو آهي. ويهن لکن کان وڌيڪ فلسطيني غزه ۾ انتھائي محرومي وارين حالتن ۾ رهن ٿا، جتي صاف پاڻي، بجلي، طبي ۽ کاڌي پيتي جي سامان تائين محدود رسائي آهي. گڏيل قومن ڪيئي ڀيرا خبردار ڪيو آهي ته غزه تباهي جي ڪناري تي آهي، ان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انساني امداد تي ڀاڙي ٿي، جيڪا اڪثر اسرائيلي اختيارين طرفان اينگھائي يا روڪي ويندي آهي.

ناڪابندي جا اثر تمام خطرناڪ آهن. غزه جا ٻار غذائي کوٽ جا شڪار آهن ۽ تباهه ٿيل اسڪولن ۽ وسيلن جي کوٽ سبب تعليم تائين رسائي نٿا رکن. اسپتالون، دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب مفلوج، مريضن جو علاج ڪرڻ ۾ ناڪام آهن، جن مان ڪيتريون ئي اسپتالون اسرائيلي هوائي حملن جا شڪار بڻيون آهن. فلسطيني صحت واري وزارت مطابق، آڪٽوبر 2023 کان غزه ۾ 40,000 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ زخمي آهن، جن مان ڪيترائي ٻار آهن. پاڙن جا پاڙا کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، گھر، اسڪول ۽ اسپتالون انڌي ۽ ڇتي بمباري سبب تباهه ٿي چڪيون آهن. ناڪابندي اڏاوتي سامان جي درآمد کي روڪي انهن حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري خاندان بي گھر ۽ بنيادي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي. اسرائيل ناڪابندي کي حماس کي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري قدم قرار ڏئي ٿو، پر حقيقت ۾ اها انڌي ۽ ڇتي ناڪابندي شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ واري ڪارروائي آهي. بنيادي ضرورتن جي پابندي بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪا قبضي ڪندڙ طاقتن کي شهري آبادي جي ڀلائي کي يقيني بنائڻ جو پابند بڻائي ٿي. ناڪابندي، جنهن ۾ گلوبل صمود فلوٽيلا جهڙن انساني قافلن جي روڪٿام شامل آهي، هڪ وسيع اڳرائيءَ جي نموني کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪي انساني زندگين تي ڪنٽرول کي ترجيح ڏئي ٿي.گريٽا ٿمبرگ جي اسرائيلي اختيارين جي حراست هڪ واضح جھلڪ پيش ڪري ٿي ته ناڪابندي کي چئلينج ڪندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. اڱاري (7 آڪٽوبر 2025) تي ٿمبرگ ۽ سندس ساٿي سرگرم ڪارڪن غزه تائين رسائي جي ڪوشش دوران حراست کانپوءِ سويڊن موٽيا. اسٽاڪ هوم جي سرجلز ٽورگ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي، ٿمبرگ ريگستان ۾ هڪ اسرائيلي “اذيت گاهه” بابت پنهنجي تجربي کي بيان ڪيو، جيڪو هڪ خوفناڪ انڪشاف آهي ۽ ٻين قيدين ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اهڙي ئي رپورٽن سان ٺهڪندڙ آهي. جيتوڻيڪ ٿمبرگ اڃان تائين ساڻس ڪيل سلوڪ جا تفصيل فراهم نه ڪيا آهن، پر سندس “شديد جسماني زيادتي” ۽ “ايذاءُ” جا حوالا اهڙين حالتن ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جيڪي بين الاقوامي معيارن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون.

اسرائيلي پرڏيھي وزارت بدسلوڪيءَ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي، پر اهڙيون ترديدون اسرائيل جي تنقيد کي ٽارڻ جي نموني سان مطابقت رکن ٿيون. تنظيمن جهڙوڪ: اسرائيلي تنظيم “بتسيلم” ۽ يو اين آفيس فار دي ڪوآرڊينيشن آف هيومينيٽرين افيئرز (او سي ايڇ اي) جي رپورٽن اسرائيلي حراستي مرڪزن ۾ منظم زيادتين جا دستاويزي ثبوت پيش ڪيا آهن، جن ۾ جسماني تشدد، نفسياتي ايذاءُ ۽ بنيادي حقن جهڙوڪ: قانوني صلاح يا طبي سهولتن تائين رسائي کان انڪار شامل آهي. خاص طور تي فلسطيني قيدين کي سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن مان ڪيترائي بنا ڪنهن الزام جي انتظامي حراست ۾ رکيا وڃن ٿا. اهڙو عمل جيڪو قانوني عمل جي ڀڃڪڙي آهي. ٿمبرگ جو تجربو، نه صرف هاءِ پروفائيل آهي، پر اسرائيل جي هٿان حراست ۾ ورتل هزارين فلسطينين جي تڪليفن جو هڪ حصو آهي. گلوبل صمود فلوٽيلا، جنهن ۾ ٿمبرگ شامل هئي، جو مقصد امداد پهچائڻ ۽ غزه جي مصيبت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ هو. 40 کان وڌيڪ ٻيڙين تي مشتمل هن قافلي کي بين الاقوامي پاڻين تي اسرائيلي فوجي دستن روڪيو، جيڪو پڻ سامونڊي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سرگرم ڪارڪنن رپورٽ ڪيو ته انهن جي ٻيڙين تي بمن سان حملو ڪيو ويو، جنهن انهن جي جانين کي خطري ۾ وڌو ۽ سندن مشن کي تباهه ڪيو. اها ٿمبرگ جي غزه تائين رسائي جي پهرين ڪوشش نه هئي؛ جون ۾ به کيس اسرائيلي فوجن روڪي ڊي پورٽ ڪيو هو. بي هٿيار انساني مشنن جي خلاف فوجي طاقت جو بار بار استعمال اسرائيل جي ناڪابندي يا غزه جي حالتن جي جاچ ڀيٽ جي اجازت نه ڏيڻ جي ضد کي واضح ڪري ٿو.

ٿمبرگ ۽ سندس ساٿي سرگرم ڪارڪنن سان سلوڪ اسرائيل جي غزه ۾ وسيع جبر جي مهم جو هڪ پاسو آهي. ناڪابندي فوجي تشدد، معاشي گھٽتائي ۽ نفسياتي جنگ جي ميلاپ سان لاڳو ڪئي وڃي ٿي. اسرائيلي هوائي حملن، جن کي اڪثر “صحيح” حملن جي طور تي بيان ڪيو ويندو آهي، هزارين شهرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، جيڪي انساني حقن جي گروپن مطابق جنگي ڏوهن جي ليکي ۾ اچن ٿا. گڏيل قومن رپورٽ ڪيو آهي ته غزه ۾ تازين بمبارين ۾ مارجڻ وارن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھو ويڙھاڪ نه هئا، جنهن مان ثابت آهي ته هدف مطابق آپريشنن واريون دعوائون غلط هيون. غزه جا ٻار هن تشدد جو وڏو بار کڻن ٿا. ٿمبرگ انهن کوڙ سارن ٻارن جو ذڪر ڪيو، جيڪي اسڪول نٿا وڃي سگهن، يتيم ٿي ويا آهن يا بمباري جي زخمن سبب معذور ۽ محتاج ٿي پيا آهن. سيو دي چلڊرن مطابق، آڪٽوبر 2023 کان غزه ۾ 25,000 کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن ۽ هزارين طبي سنڀال جي کوٽ ۽ گھڻي آبادي وارن علائقن ۾ ڌماڪيدار هٿيارن جي استعمال سبب عضوا وڃائي چڪا آهن. نفسياتي صدمو به ايترو ئي تباهه ڪندڙ آهي، ٻارن ۾ پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌيل آهي. اسرائيل طرفان شهري بنيادي ڍانچي جي تباهي بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالون، اسڪول ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ڪري غزه جي آبادي ضروري خدمتن کان محروم ٿي وئي آهي. عالمي صحت تنظيم رپورٽ ڪيو آهي ته غزه جي اسپتالن جو صرف هڪ حصو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جيڪي ڪم ڪن ٿيون، اهي انتھائي دٻاءُ هيٺ آهن. ناڪابندي طبي سامان ۽ ٻارڻ جي درآمد کي روڪيو آهي، جنهن ڪري ڊاڪٽرن کي بنا اينسٿيسيا يا بجلي جون سرجريون ڪرڻيون پون ٿيون. اهي حالتون اتفاقي نه، پر هڪ اهڙي پاليسي جو نتيجو آهن، جيڪا وڌ ۾ وڌ تڪليف ۽ ڪنٽرول کي يقيني بڻائي ٿي.

ناڪابندي غزه جي معيشت کي به متاثر ڪيو آهي، جتي بيروزگاري جي شرح 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ غربت جي سطح 80 في سيڪڙي جي ويجهو آهي. ماھيگير، جن کي ساحلي زون تائين محدود ڪيو ويو آهي، اسرائيلي بحري فوجن جي حملن جا شڪار ٿين ٿا، جيڪي انهن جي خاندانن لاءِ روزي ڪمائڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ محدود ڪن ٿا. هاري، جن جون زمينون اڪثر فوجي سرحد جي ويجهو آهن، سنائپر فائر جي خطري هيٺ فصل پوکين ٿا. اهي پابنديون صرف سيڪيورٽي اپاءُ نه، پر اجتماعي سزا جا اوزار آهن، جيڪي جينيوا ڪنوينشنز تحت واضح طور تي منع آهن. ٿمبرگ جي سرجلز ٽورگ تقرير ۾ عالمي حڪومتن تي تنقيد صحيح هئي. هن چيو ته “ڪجهه به اثر نٿو ڪري” ۽ حڪومتون بين الاقوامي قانون تحت پنهنجين ذميوارين جي باوجود عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. عالمي طاقتن، خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي بي عملي، اسرائيل جي ظلمن کي ممڪن بڻائي ٿي. آمريڪا، اسرائيل جو سڀ کان وڏو مالي ۽ فوجي حامي، هر سال اربين ڊالرن جي امداد فراهم ڪري ٿو، جنهن جو گھڻو حصو ناڪابندي کي لاڳو ڪرڻ ۽ غزه کي تباهه ڪرڻ وارين فوجي ڪاررواين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. يورپي حڪومتون، جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن تنقيد ڪن ٿيون، پر اسرائيل تي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙين لاءِ معنيٰ خيز پابنديون عائد ڪرڻ يا جوابده بڻائڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

بين الاقوامي برادري جا ٻٽا معيار واضح آهن، جتي ٻين حالتن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي فوري مذمت ڪئي ويندي آهي، اتي ڪيتريون ئي اولهه جون قومون اسرائيل جي عملن تي خاموش رهن ٿيون يا نرم رد عمل ڏيکارين ٿيون. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، آمريڪا جي ويٽو سبب مفلوج، غزه جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ قراردادون منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هي سازش اسرائيل کي بنا ڪنهن سفارتي نتيجن جي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي. ٿمبرگ جو “نسل ڪشي، قبضي ۽ ناانصافي” کي ختم ڪرڻ جو مطالبو هڪ وڌندڙ عالمي تحريڪ سان گونجي ٿو، جيڪا احتساب جو مطالبو ڪري رهي آهي. اسرائيل ۾ جاري “نسل ڪشي” کي پڻ آمريڪا توڙي يورپي منافقاڻه طور تي تڪراري قرار ڏين ٿا، پر ان اصطلاح جو گريٽا ٿمبرگ جهڙن سرگرم ڪارڪنن پاران استعمال صورتحال جي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. بين الاقوامي عدالت انصاف (آءِ سي جي) في الحال اسرائيل جي خلاف نسل ڪشي جي الزامن جي تحقيقات ڪري رهي آهي، جيڪو ڏکڻ آفريڪا پاران داخل ڪيل هڪ مقدمو آهي، جيڪو ناڪابندي ۽ فوجي عملن کي فلسطيني آبادي کي تباهه ڪرڻ جي نيت جي ثبوت طور پيش ڪري ٿو. جيتوڻيڪ قانوني نتيجو اڃان تائين وچ ۾ ٽنگيو پيو آهي، پر هي مقدمو اسرائيل جي عملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاڳر ڪري ٿو.

خطرن جي باوجود، گلوبل صمود فلوٽيلا ثابت قدم آهي. لورينا ڊيلگاڊو ورگاس، ٿمبرگ سان ڳالهائيندي، تصديق ڪئي ته وڌيڪ ٻيڙيون غزه ڏانهن روانيون ٿي چڪيون آهن. هي عزم فلسطيني همدردي واري تحريڪن جي وسيع ثابت قدمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي اسرائيل جي وڌندڙ تشدد جي جواب ۾ وڌيون آهن. ٿمبرگ جهڙا سرگرم ڪارڪن پنهنجي سلامتي کي خطري ۾ وجهن ٿا ته جيئن ناڪابندي کي چئلينج ڪن، ڄاڻندي ته انهن جا عمل حراست، ڊيپورٽيشن يا ان کان به بدتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا. انهن جي همت عالمي اڳواڻن جي بي عملي جي مقابلي ۾ واضح فرق ڏيکاري ٿي. غزه ۾ ظلم ۽ ٿمبرگ جهڙن سرگرم ڪارڪنن سان سلوڪ هڪ ليکي چوکي جي تقاضا ڪري ٿو. اسرائيل جا عمل جهڙوڪ: شهري آبادي جي ناڪابندي، بنيادي ڍانچي تي بمباري، ۽ انساني ڪارڪنن جي حراست وغيره بين الاقوامي انساني ۽ انساني حقن جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.

عام سطح جون تحريڪون، جهڙوڪ: گلوبل صمود فلوٽيلا، موجوده صورتحال کي چئلينج ڪرڻ جاري رکنديون، پر سندن ڪوششون اڪيلي سر ناڪابندي کي ختم ڪرڻ يا قبضي کي ختم نٿيون ڪري سگهن. حڪومتن کي بين الاقوامي قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن ته جيئن شهري آبادي جي حفاظت ۽ جنگي ڏوهن جي احتساب کي يقيني بڻائي سگهجي. غزه جي تڪليفن جي آڏو عالمي طاقتن جي خاموشي غير جانبداري نه، پر ڳٺ جوڙ آهي. ٿمبرگ جي مصيبت فلسطين ۾ انصاف جي وسيع جدوجهد جو هڪ ننڍڙو عڪس آهي. دنيا کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو انهن جي پڪار تي ڌيان ڏين يا اسان جي وقت جي وڏي انساني بحرانن مان هڪ کي نظرانداز ڪرڻ جاري رکن. ٿمبرگ ۽ غزه جي ماڻهن جي ثابت قدمي عمل، احتساب ۽ اسرائيل جي قبضي zي ختم ڪرڻ وارن ظلمن جي خاتمي کان گھٽ ڪنهن شيءِ جي تقاضا نٿي ڪري.