ماحولياتي ڪارڪن طور مشهور گريٽا ٿمبرگ جي تازي اسرائيلي اختيارين جي حراست ۾ ساڻس بدسلوڪيءَ کانپوءِ سندس زوريءَ سويڊن موٽائڻ واري عمل غزه جي ناڪابندي ۽ ان سان لاڳاپيل انساني حقن جي ڀڃڪڙين ڏانهن عالمي برادري جي ڌيان کي ڇڪايو ۽ ڇرڪايو آهي. سندس تجربو، غزه ۾ اسرائيل جي هڪ طرفن حملن جي وسيع تناظر سان گڏ، سيڪيورٽي جي بهاني هيٺ ڪيل ظلمن جي گھرائيءَ سان جاچ جي تقاضا ڪري ٿو. گريٽا ٿمبرگ، اڳوڻي سويڊش ليفٽ پارٽي جي ميمبر لورينا ڊيلگاڊو ورگاس ۽ ٻين سرگرم ڪارڪنن سان گڏ، گلوبل صمود فلوٽيلا جو حصو هئي. صمود فلوٽيلا 40 کان وڌيڪ ٻيڙين جو قافلو آهي ۽ غزه جي اسرائيلي سامونڊي ناڪابندي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندن مشن، جيڪو غزه جي ماڻهن جي اڪيلائي کي چئلينج ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد پهچائڻ بابت هو، بين الاقوامي پاڻين تي اسرائيلي غير قانوني فوجي مداخلت جي ور چڙھي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ کين حراست ۾ ورتو ويو ۽ گريٽا ٿمبرگ موجب ساڻن ريگستان ۾ هڪ اسرائيلي “اذيت گاهه” ۾ سخت بدسلوڪي ڪئي وئي. هي واقعو غزه ۾ مقامي شهرين ۽ گريٽا ٿمبرگ جهڙن ڪارڪنن جي خلاف اسرائيل جي منظم ظلمن کي پڌرو ڪري ٿو، جڏهن ته عالمي برادريءَ کان احتساب ۽ عمل جي اپيل ڪري ٿو. 2007 ۾ حماس جي حڪومت کانپوءِ اسرائيل جي غزه خلاف ناڪابندي دنيا جي بدترين انساني بحرانن مان هڪ کي جنم ڏنو آهي. هيءَ ناڪابندي سامان، ماڻهن ۽ ضروري شين جي چرپر کي محدود ڪري ٿي، جنهن عمل سبب انساني حقن جي تنظيمن، جن ۾ ايمينسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائٽس واچ شامل آهن، غزه کي هڪ “کليل جيل” قرار ڏنو آهي. ويهن لکن کان وڌيڪ فلسطيني غزه ۾ انتھائي محرومي وارين حالتن ۾ رهن ٿا، جتي صاف پاڻي، بجلي، طبي ۽ کاڌي پيتي جي سامان تائين محدود رسائي آهي. گڏيل قومن ڪيئي ڀيرا خبردار ڪيو آهي ته غزه تباهي جي ڪناري تي آهي، ان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انساني امداد تي ڀاڙي ٿي، جيڪا اڪثر اسرائيلي اختيارين طرفان اينگھائي يا روڪي ويندي آهي.