4 اپريل 2025 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نرالي انداز ۾ جلسي کي خطاب ڪيو. هن تقريب ۾ سندس والد آصف زرداري ڪورونا سبب ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل هو، جنهن ڪري بلاول اڪيلي سر جلسي کي خطاب ڪيو. هن وقت سڄي سنڌ ڪئنالن واري اشوءَ تي سراپا احتجاج آهي ۽ خود پاڪستان پيپلز پارٽي به عوامي رد عمل کانپوءِ احتجاجن جا ڊرامائي انداز ۾ اعلان ته ڪيا آهن، پر وفاق ۾ ويهي عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. بلاول 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو تي وڌيڪ ڪوبه ڪئنال منظور ناهي، حڪومت وفاق کي نقصان پهچائڻ وارو فيصلو واپس وٺي.
هن چيو ته عوام ڪئنالن خلاف هوندو ته پ پ وفاقي حڪومت سان نه، پر عوام سان هوندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪنن هن علم کي بلند رکيو آهي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا وارث آهيون. هن چيو ته صدر آصف زرداري ڳڙهي خدا بخش سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي. صدر زرداري ان کان اڳ صدارتي ريفرنس ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو. هن چيو ته اسان سياست کي خدمت سمجهيو آهي، اسان سياست کي نفرت ڦهلائڻ، تقسيم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ نه سمجهيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي سبب جيڪو اسان جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان ۾ اسان جو نه، پر توهان جو قصور آهي. مان عالمي دنيا ۽ وفاقي حڪومت جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جو هنن هن منصوبي ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ان منصوبي کي ڪاميابي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. ڇو ته موسميات جي تبديلين جي جنگ، جنهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي جنگ آهي. پاڪستان جي اها جنگ آهي جنهن کي مان عالمي سطح تي وڙهي آيو آهيان. جڏهن مان پرڏيهي وزير هئس، تڏهن عالمي دنيا کي قائل ڪيو هو ته اسان جي درياءِ سنڌ کي بچائڻو آهي، انهن کي چيو ته اچو پاڪستان جو ساٿ ڏيو. هن وقت ۾ “مائيٽي انڊس” (عظيم درياءِ سنڌ) چيو ويندو هو، جنهن کي اسان کي بچائڻو آهي. اسان کي مالياتي طور تي انڊس بيسن کي فعال ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اهڙيءَ طرح درياءِ سنڌ کي بچائڻ ۾ ٽيڪنيڪي طور ساٿ ڏيندا. ڀارت هڪ طرفا فيصلا ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڻي تي ڌاڙو هڻي پيو ته مان ڀارت جو مقابلو ڪري آيو آهيان، اسان دنيا کي ٻڌايو ته پاڻي تي پڇڙي وارن جا حق مڃڻا پوندا.
ڇو ته آئيني ترميم ڪري ماحوليات جي موضوع کي آئين ۾ شامل ڪرايو. سندس بقول حڪومت اسان سان طئي ڪيو هو ته چئني صوبن جا ترقياتي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي گڏجي ٺاهينديون، هاڻ جيڪڏهن اسڪيمون نه مليون ته اسان ڪنهن به بجيٽ کي ووٽ نه ڏينداسين. اسان “پاڪستان کپي” چوڻ وارا آهيون. جڏهن ته اهي دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. شهيد بي بي واعدو ڪيو هو ته مان پاڪستان جو جهنڊو سوات ۾ ڦڙڪائيندس، اهو ڪم پيپلزپارٽي ڪري ڏيکاريو. بلوچستان جي حالتن جو فائدو وٺي جيڪي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، اسان انهن جو رستو روڪينداسين. جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا. انهن کي پڻ پيپلزپارٽي جواب ڏيندي، جيستائين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو سوال آهي ته اسان جي تاريخ توهان جي سامهون آهي، تڪراري ڊيم جي منصوبي کي ڪنهن روڪيو؟ اها شهيد بينظير ڀٽو هئي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي ان منصوبي کي دفن ڪيو، گجر خان جي جيالي راجا پرويز اشرف، وزير پاڻي طور اهو اعلان ڪيو هو ته اهو منصوبو دفن ٿي چڪو آهي. هاڻي ڪينالن جي مخالفت ڪريون ٿا. هزارين سالن کان نسل در نسل اسان جو هڪ ئي ڪم آهي. دريائن سان رهڻ ۽ فصل پوکڻ. هن چيو ته مشرف جا تڪراري فيصلا هجن يا هڪ طرفا ڪينالن جا فيصلا هجن يا عمران خان جا هڪ طرفا فيصلا هجن، پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪنن اها جدوجهد ڪندي پوڙها ٿي ويا “سنڌو تي ڪئنال نامنظور”. ارسا جي رپورٽ پڙهو، جيڪا پنجاب ۾ پاڻي جي قلت بابت ڇا چوي ٿي، جتي پنجاب جي هاري جي شڪايت آهي ته پاڻي جي کوٽ آهي، ڏکڻ پنجاب جي هارين کي نقصان ٿيندو، پيپلزپارٽي ئي ملڪ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ڪيس وڙهي رهي آهي، اي شهباز شريف اسان کي ڇڏي ڏي، هي عوام جو مطالبو آهي.
جيڪڏهن عوام واهن جي خلاف آهي ته پيپلز پارٽي عوام سان گڏ هوندي، جيڪڏهن ڀائر گڏ رهڻ چاهين ٿا ته تڪراري منصوبو واپس وٺڻو پوندو. پنڊال ۾ عوام پاران بلاول جي تقرير دوران مسلسل وفاق خلاف نعرا لڳندا رهيا، پر بلاول عوام جي هڪ به نه ٻڌي ۽ وفاق کي هر حال ۾ بچائڻ جو چوندو رهيو. جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي ڪئنالن جي مخالف آهي ته پوءِ هن وقت عوام ڪئنالن خلاف ٽن مهينن کان مسلسل رستن تي دانهون ۽ ڪوڪون پيو ڪري پوءِ بلاول ۽ سندس پارٽي وفاق سان گڏ ڇو ويٺي آهي ۽ خود ڪئنالن جي سمريءَ تي سندس والد صحيح ڪري منظوري ڏني آهي، پوءِ هيءَ ڪهڙو ڊرامو آهي، جنهن جي منظوري به پاڻ ڏين ۽ مخالفت به پاڻ ڪن. جيڪڏهن واقعي به بلاول کي سنڌ ۽ سنڌوءَ جو درد آهي ته پوءِ وفاق سان احتجاج رڳو زباني نه بلڪه عملي طور ڪرڻو پوندو يا هڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني اجلاس گهرائي ان منصوبي جي خاتمي جو اعلان ڪرڻو پوندو، باقي عوام کي دوکي ۾ رکي سکڻا جلسا ڪري وقت جو ذيان ڪرڻ برابر آهي. عوام کي به اهڙي دوکي مڪاري ۽ ٺڳيءَ جي منطقي سياست کي سمجهڻ گهرجي جڏهن عوام توهان کان وفاق کان عليحدگي اختيار ڪرڻ ۽ جهيڙي ڪرڻ جو مطالبو ٿو ڪري ته انهن خلاف تقرير ڪري عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، اها جمهوريت نه پر مارشل لا آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي نالي ۾ جمهوري پارٽي آهي ۽ جمهوريت جي وڏي ۾ وڏي دعويدار پارٽي آهي ته پوءِ عوام جي راءِ جو احترام ڇو نه ڪيو وڃي. انفرادي مفادن لاءِ اجتماعي معاملن کي قربان ڇو ٿا ڪريو. هن وقت توهان کي جلسا ڪرڻ جڳائين نٿا، ڇو ته سنڌ جو عوام توهان کي هن سازش ۾ وفاق ۽ شهباز جو ساٿاري ٿو سمجهي.
هاڻي ڀلي توهان هزار جلسا ڪريو، پر هن ڏوهه کان ڇوٽڪارو نٿا حاصل ڪري سگهو. ڀلي توهان مفاهمت جا بادشاهه هجو، پر سنڌي قوم توهان جي چالن کان خوب واقف ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ڀلو نٿا سوچيو ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪريو. هي سنڌو درياءِ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، ان کي بچائڻ سنڌين جي اولين ذميواريءَ ۾ شامل آهي، ان لاءِ جيڪا به قرباني ڏيڻي پئي هر سنڌي ڏيڻ لاءِ تيار هوندو. ڇو ته وفاق ۽ پنجاب ھميشه سنڌ جي پاڻي تي راتاھا ھنيا آھن، سنڌ کي پھرين زبردستي ڌاڙو ھڻي کنيل پاڻي جو حساب ڏنو وڃي. جيستائين هڪ به سنڌيءَ کي سسيءَ ۾ ساھه آھي، تيستائين درياءَ تي ڪوبه قاتل منصوبو جوڙڻ نه ڏينداسين.