ڪلاسيڪل ڪردار “ڪاڪا پيراڻو ڪنڀار”
ڪنهن به شخصيت تي سندس جهان ڇڏي وڃڻ کانپوء لکڻ کان بهتر آهي ته سندس حياتي ۾ لوڪ سان ڏيٺ ويٺ ڪرائي ڇڏجي ، جهان ڇڏڻ کان پوء ته ڪنهن به شخصيت جي چڱاين وارن پاسن تي گهڻو زور هوندو آھي پر سندس اوڻاين کي نظر انداز ڪري ڇڏبو آهي. “ادا ليکا جيئرن سان هوندا آهن، مئلن سان ڪهڙا مامرا.”
اسان جي تر، فقير جو ڍورو ۾ ھاڻي رڳو چاچو پيراڻو سندس عمر جي حساب سان وڏڙن مان بچيو آھي. جي پڇبس ته چوندو ،ابا ڍوري مان وڏڙا سڀ ويا موڪلائي.
فقير محمد جوڻيجو منهنجو سن ھجي ته ھجي. ڪنڀارن مان عيدو ۽ محمد بچيا آهن. سائيڏنو ڪنڀار به وڏو آهي. مون ۾ ۽ انهن ۾ ٻن ٽن سالن جو فرق ھجي ته ھجي.
ڪاڪا ٽنگڙين مان ڪو وڏڙو آھي؟
ابا رئيس بچو خان گذاري ويو ، ولي ٽنگڙي به ويو گذاري .درسن مان حڪيم، گلو، خميسو به رب کي پرتا. ڀانن ۾ وڏڙن مان ھارون ۽ غلام به ويا، گرگيجن مان رئيس پنهون خان ته آڳاٽو جهان ڇڏي ويو. آٿيلن مان به ڪو وڏڙو ڪون بچيو آھي، سڀ وڃي ڌڻي کي پرتا. چانڊين مان ميرڻ خان ته اڳاٽو سرھو ٿيو. تاج محمد به ويو، صوبيدار غلام رسول جي عمر وڃڻ جي ڪون ھئي پر ويو موڪلائي،احمد وانڍو به رب کي پرتو.
ڪنڀارن مان به پوڙهو ڪنڀار،لطيف ، صديق ۽ پانڌي به آڳاٽا ويا .
اھي سمورا ڪردار اسان جي اصل ڳوٺ فقير جي ڍوري جا آهن ، جن مان ڪي لاڏاڻو ڪري ويا
ته ڪجھ اهي آهن جن جو ذڪر ڪاڪي پيراڻي مٿي ڪيو آهي. ڪاڪا پيراڻي جا اهي سڀ يار ۽ ھم عمر ھئا. جڏهن به انهن جو ذڪر ڪندو آھي ته ڪاڪا پيراڻي جو ھانء ڀرجي ايندو آھي.
ابا بس ھاڻ اسان به ٽڪيٽ وٺيو ويٺا آهيون، الائي ڪڏهن ٿي اسان جي ريل گاڏي اچي، تياري ڪري ڇڏي اٿئون.
ڪاڪا پيراڻي جو ڪردار نه فقط اسان جي تر ۾ هڪ مددگار جو ڪردار رهيو آھي، پر سندس حس مزاح به پوري تر ۾ مشهور آھي.
فقير جي ڍوري جو تڏهن اوج ھوندو ھو. فقير فيض محمد بلالاڻي جي جهان ڇڏڻ وقت فقير شير محمد بلالاڻي اڃا ڇوڪراٽ ھو، ٻنيون ٻارا مال ملڪيتون، اوطاقون ، نوڪر چاڪر واھي پانڌي سب ڪجھ ڇڏي فقير فيض محمد موڪلائي هليو ويو .
انهي وقت جنهن شخص سڄي اسٽيٽ کي سنڀاليو سو ھو اسٽيٽ جو مئنيجر صاحبڏنو ڪوري، مون سدائين کيس ڪپڙن جي اڇي وڳي ۾ ڏٺو، سندس کاٻي ٻانهن ۾ camy گهڙي مونکي اڃا ياد آهي، نيٽ جو سنهو لڪڻ ھٿ ۾ هوندو ھئس.
ڪنهن وڏي ڊگري کان سواء به مون انهي ماڻهو کي سماجي هنر جي سمجھ رکندڙ ۽ پوري اسٽيٽ کي ڪمال مهارت سان سنڀاليندي ڏٺو. زبردست ضابطي جو مالڪ، ٿور ڳالهائو، مجال آھي جو ڪو مينيجر صاحبڏنو سان تڪڙ ڪري ڳالهائي وڃي. وفادار ، ايماندار ،صادق ۽ امين جو لقب ڏجي ته به وڌاء ڪون ٿيندو.
فقير شير محمد سندس اولاد جيڏو هو، پر صاحبڏنو ڪوري جنهن ادب ۽ احترام سان شير محمد سان پيش ايندو هو سو ته سندس وڏو وڙ هو، پر فقير وري انهي وقت جنهن عمر ۾ هو سا عمر ئي الھڙ عمر هئي ، مون فقير شير محمد کي صاحبڏني کي ڏنل مان ۽ عزت ڏٺي اھو وري شير محمد جو وڏو ظرف هو.
بلالاڻي فقير جو ننگر چوويھ ڪلاڪ ھر ڪنهن لاء کليل هوندو هو. تڏهن روڊ رستا ۽ سواريون هيون ڪون.
مسافرن کي به بلالاڻي فقير جو ننگر ۽ رھڻ جو ٺڪاڻو سجهندو هو. ھر ڪنهن لاء ماني ٽڪي ۽ رھڻ جو انتظام عزت ڀريو هوندو ھو. ٻيو ته ٺهيو پر ان وقت لالا پٺاڻ جيڪي پٺن تي پيتيون کڻي زالاڻو سامان پيا وڪڻندا ھئا انهن جو ھيڊ ڪوارٽر به فقير جي ڍوري جي مسجد هوندي ھئي. ماني نگر جي ، نماز ۽ سمهڻ جو ٺڪاڻو مسجد ۾
هوندو هئن.
ڳوٺ جي مولوي جي گهر جي ماني، اسڪول ۾ رھندڙ استادن جي ماني نوڪرن چاڪرن واهين پانڌين ۽
راڄ لاء ننگر عام هوندو هو ، جنهن تان خلق خدا کي پئي صبح کان رات تائين ماني ملندي هئي. اسان جي سانڀر ۾ لطيف ڪنڀار ننگر جو بورچي هوندو هو، غلام ڀان وري سندس مدد ۾ هوندو هو. لطيف ڪنڀار ڏينهن جو يارهين وڳي تندور سنڀاليندو هو ته رات جو ستين وڳي لهندو هو، ۽ اٽي جي پوري ٻوري مانين جي پچائي پوء
اٿندو هو.
مئنيجر صاحب ڏني ، سائين عبدالقادر جوڻيجو، . وارن جي ماني وري فقير شير محمد ۽ ولي محمد بلالاڻي لاء ماني ٺھندي ھئي، اتان ايندي ھئي.عبدلقادر جوڻيجو انهي وقت مڊل اسڪول فضل ڀنڀرو ۾ استاد هو ۽ رهائش جنهاڻ جي بجاء فقير جي ڍوري هئس .فقير شير محمد ، ولي محمد ،سائينداد ساند، علي محمد، ساجن هنڱورجو، اسان سڀ سائين عبدالقادر جوڻيجي جا شاگرد هئاسين. آءُ اڃان به انهي سٿ ۾ فقير شير محمد کان وٺي سائينداد ساند کان چاچا قادر تائين سڏجان لالو.
استاد شفيع خاصخيلي جيڪو وري فقيرن جو مائيٽاڻو ڊرائيور هوندو هو .صبح جو سويري فور ويل ٽويٽا جيپ تيار ڪري بيٺو هوندو هو. اسان سڀ چڙهندا هئاسين ان جيپ ۾، اسڪول جو ٽائيم پورو ٿيو ، موڪل مهل وري منجهند جي ماني ڀنڀرن وٽ تيار هوندي هئي ، ماني کائي ڏينهن ٺاري اچبو هو مڊل اسڪول جي ڪرڪيٽ گراونڊ تي جتي استادن ۾ ساء عبدالقادر ۽ سائين ايوب گرگيز سميت فقيرن ۽ اسان واري اسڪول جي آسي پاسي جا ٻيا ڇوڪرا ڪرڪيٽ راند ڪري شام جو ساڳي جيپ ، اسين ۽ استاد شفيع ڇڏيندو هو اچي فقير جي ڍوري.
سائين عبدالقادر جوڻيجو ۽ فقير شير محمد وري ڪرڪيٽ جا صفا شوقين. جڏهن ڪرڪيٽ جا عالمي مقابلا ٿيندا هئا ته ٻئي ڄڻا پيا ريڊيو ڪنن تي رکي ڪرڪيٽ جيون ڪمينٽريون ٻڌندا هئا.مون کي ياد آهي ته انهي وقت هڪڙي ڪا ڪرڪيٽ ميچ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿي ھئي جيڪا چاچي عبدالقادر ، فقير شير محمد ۽ ولي محمد اها ميچ ڳوٺان هلي اچي حيدرآباد ۾ ڏٺي هئن.
فقير جي اوطاق اڳيان شام جو ڇٽڪار ٿيندي ھئي. ڏهاڪو کن کٽون لڳي وينديون هيون. درسن، آٿيلن چانڊين، ڪنڀارن ڀانن ٽنگڙين . گرگيزن، جا وڏڙا، قاضي ، ڪمدار ڏينهن سڄي جا ڪم ڪار ڪري ڏينهن جو ٿڪ اچي شام واري ڪچھري ۾ لاھيندا ھئا. سڄي منظرنامي ۾ شام جو مئنيجر صاحب ڏنو معمول مطابق، ڪچهري ۾ موجود هوندو هو.
ڪچهري ۾ جي ڪوبه وڏي سڏ يا مينيجر صاحبڏنو سان ھجت ۾ ڳالھ ڪرڻ وارو هوندو هو ته فقط ڪاڪو پيراڻو ھو. يا ڪاڪو بچو ٽنگڙي هوندو هو، چرچي گهٻي ڪرڻ جي به چاڇي پيراڻي کانسواء ٻي ڪنهن جي ھمٿ ڪانه هوندي ھئي.البت ڪاڪي ولي ٽنگڙي کي اڻ اعلانيا رعايت هوندي هئي ته ڪاڪي پيراڻي سان چرچي گهٻي ۾ وارو وٺرائي. گلو ماڇيء به ڪڏهن وارو وٺرائيندو هئن،
چرچو ميدان تي آيو، هلڪڙا ٽهڪڙا مچي ويندا هئا پر مجال آھي جو مئينيجر صاحبڏنو ڪوري کلي. بس ڳالھ وڻيس ته هلڪي مسڪراھٽ چپن تي ايندي ھئس ۽ پيو مشڪندو هو.اسان ڪڏهن به کيس ٽهڪ ڏيندي ڪون ڏٺو.
ڪاڪو پيراڻو فقير جي ڍوري جو سدا بهار ڪردار ھوندو ھو ۽ هر ڪنهن جي سڏ سان گڏ حاضر هوندو هو.
اوڻيھ سو ٽيھتر چوھتر ۾ انهن سڄي راڄ ۾ ٻه ريزڪي دوڪان هوندا هئا .هڪڙو ڪاڪي عارب ڀان جو ۽ ٻيو دوڪان هو ڪاڪي پيراڻي جو.
انهي وقت ڪاڪا پيراڻي جو ريزڪي دوڪان به هو، ففٽي موٽر سائيڪل به هيس. جڏهن انهي تر ۾ ڪا ورلي ڪنهن وٽ موٽر سائيڪل هئي ته مطلب سکيو ستابو ٿيو.
ڪاڪو پيراڻو الائي ڪٿان ننڍي هوندي ڪنهن ڊاڪٽر وٽان انجيڪشن هڻڻ سکيو هو.سو تر ۽ آس پاس ڪاڪو پيراڻو ڊاڪٽري به ڪندو هو.
رات ھجي، آڌي مانجهي ، گرمي ، سردي ، ڪنهن کي بخار، ٿيو. پيٽ ۾ سور ٿيو، مٿي ۾ سور، ڪاڪا پيراڻو نه ڏسندو هو ٽيم نه ٽاڻو، آيل همراه سان گڏيو ويندو هو.
انهي وقت ٻهراڙين ۾ ڊاڪٽر هوندا ڪون هئا ،بس الله جو آسرو ڪاڪا پيراڻي جو آسرو، مريضن لاء ڄڻ وڏو ڏڍ هو. گاسليٽ وارو اسٽوپ پيو ٻرندو ھو گرم پاڻي ۾ سرنجون اوٻاري ٿيلهي ۾ وجهي ، ڪڏهن ڀانن ۾ ڪڏهن آٿلن ۾ درسن ۾ گرگيجن جي ڳوٺ، ڪڏهن گشڪورين يا چانڊين جي ڳوٺ ، مطلب ته سندس خدمتون هر وقت ڳوٺ وارن لاء حاضر هونديون هيون.
ڪمال وري اهو جو بيماريءَ جي سڃاڻپ اصل منڊي تي ٽڪ هوندي ھئس. قصو کائنس زور هوندو هو ته چوندو هو بابا خبرون خير جيون، همراه کي کڻو، هلو جهڏي ڊاڪٽر ڀيمراج وٽ. يا وري ميرپور خاص ڊاڪٽر ڊريگو وٽ.
اهو ڄڻ سندس ڊيوٽي ۾ شامل هوندو هو ته پنهجن مريضن سان جهڏي، ميرپور کان حيدرآباد تائين گڏ هوندو هو. انهي جو خاص سبب اهو هوندو هو ته ويچارا ٻهراڙي جا ماڻهو شهرن ۾ منجهي پوندا، کين دڳ لائي اسپتال ۾ ھٿيڪو ڪري يا ڊاڪٽر کان تپاسارائي دوا درمل ڪرائي مريض ۽ مريض جي مالڪن سان گڏ مطمئن ٿي موٽندو هو. سو اهو هو سندس تر ۽ آس پاس جي راڄن ڀاڳن جي خدمت ڪرڻ جو اتساھ.
مون ڪاڪا پيراڻي کي انهي ڀيري انتهائي ڏکويل ڏٺو جڏهن سندس يار بچو خان ٽنگڙي گزاري ويو هو. بس ابا بچو ڪير سڏائي بچي جهڙا رڄ اشراف ڪٿي.
ڇورا نماز ٻماز پڙهو ٿا يا نه ؟ڪاڪو پيراڻو هڪل ڪندو ، ماما مڙئي جمعي چانڊاڻي . متان پڙهجا ، متان گناه نه ٿي پوي. ڇورا شرم ڪريو شرم. نماز پڙهو ڪجھ سڌرو.
اسي وريھن جو هوندي بہ نماز ڪون ڇڏي ۽ تاڪيد ڪندو رهندو آهي.ابا نماز ڪم ايندي باقي سڀ اتي پيو هوندو. ڪفن کي کيسا ڪون هوندا آهن . ڪڏهن ڏٺان ته مرڻ کانپوء قبر ۾ ڪفن کان سواء ڪجھ ڪير کڻي ويو. مال ملڪيتون اتي پيون ڌوڙ پائينديون.
ٻه سال اڳ عمرو ڪري آيو غالب ۽ آئون وياسين مبارڪ ڏيڻ. خبرون چارون ڪندي ٻڌايائين بابا قانون برابر اتي آهي. مجال آهي جو گاڏيء سگنل به ٽوڙي وڃي. ايمانداري آهي. چوري چڪاري ڪونهي. امن آھي .باقي عربن وٽ ملڪيت جام آهي ، سو پيٽ ڀريل اٿن .اسان پاڪستانين جي عزت عربن وٽ پوري ساري آهي.
ڇاچا ڪم ته ڪي چڱا ڪون آهن عربن جا. ابا چيم نه
پيٽ ڀريل اٿن .پئسو جام اٿن. انهي ڪري مڳي اٿن.
روايتي انداز ۾ چيم ڪاڪا دعا ڪجو.اسان به اهو در ڏسي اچون. کلندي چيائين ، ابا دعا ته ڪريان ٿو پر اوهان ۾ لڇڻ ڪون ٿو ڏسجي جو ڀلو پار ڏسي اچو.
ڏاڏهين سڄي عمر مسجد سنڀالي ڪو روزو ڪا نماز ڪون ڇڏيئن باقي اوهان جي مرضي.
پر اهو ٻڌايان ٿو، الله پاڪ جا فرض ته پورا ڪرڻا آهن، اهو معاملو آهي ته بندي ۽ رب جي وچ ۾ . ڪمي ڪوتاھي قابل معافي ٿي سگهي پر ڪنهن غريب غربي جو حق کاڌان ، پاڙي اوڙي وارن جو خيال نه ڪيان ته انهي جي معافي ڪون اٿان.
خالد پرويز

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

