اليڪشن ۽ دڙي سميت سنڌ جا بنيادي مسئلا!
ھن ملڪ ۾ اونداھي ڪاري ڪڪرن جيان آھي، ھڪ طرف قدرتي مصيبتون ۽ ٻيون ھٿ وٺي پيدا ڪندڙن مسئلن جي ڪنھن تي بہ ڪا معيار ڪونھي! ھٿرادو پيدا ڪيل مصيبتن جي ڀرمار ڪئي پئي وڃي. جمھوريت جي رکوالي ڪندڙ ئي جمھوري عوام کي پنھنجي ھٿن سان لٽي، مارائي، ڦُرائي رھيا آھن. يا تہه ھن جو شايد پيدا ڪندڙ ڪونہه ڪو ھوندو، جو تباھه ٿيندڙن کي وڌيڪ ھٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي. 75 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، پر سنڌ جي ھر ضلعي، ھر تعلقي، ھر شھر ۽ ھر ڳوٺ کي ھٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي! ھڪ طرف ڀوتارن، ٻئي طرف آفيسرن جيڪي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي بہه ڦري لٽي رھيا آھن تہه ٻئي پاسي لاقانونيت، بدامني حد کان وڌي وئي آھي. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي اسٽريٽ لائيٽون منظور ٿيون اھي ڪٿي آھن؟ شھري ۽ ڳوٺاڻا اونداھين ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي ايمرجنسيءَ ۾ ٻاھر نڪرن ٿا تہه بدامني، ڦرلٽ، ڌاڙا، اغوا جو خوف، خون خرابو، جهيڙا جهڳڙا، تہه ٻئي پاسي وري منشيات، جوا، آڪڙا پرچي، چرس، آفيم، ڀنگ، شراب، ٺرو، مين پوري، گٽڪو پوليس جي تعاون سان ھر شھر ۽ ڳوٺ ۾ کلي عام ھلي رھيو آھي. تہه ٻئي طرف وري مھنگائيءَ جو راڄ وڌي رھيو آھي. غريب ھڪ ويلي کائڻ تي مجبور آھي. انھن جا ھي بہه مسئلا آھن، تعليم، صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي، بجليءَ جو نظام، ھن وقت مک ۽ مڇر جو آزار، چوريون، خاص ڪري موٽرسائيڪلن جي چوري تمام گهڻي ٿي رھي آھي، ڄڻ پوليس آھي ئي ڪونہه! ٿاڻا آھن يا نہه؟ ڊي ايس پي آھي يا نہه؟ ايس پي آھي يا نہه؟ آءِ جي، ڊي آءِ جي ھن طرف الائي ڇو توجھه نٿا ڏين؟
اوھان کي اھو بہه ٻڌائيندو ھلان تہ تعلقي ميرپوربٺوري جي 12 يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪروڙين رُپين جا فنڊ اچي رھيا آھن، پر انھن جو ڪوبه وجود ناھي! ترقياتي ڪم جيڪي ٿيا اھي تسلي بخش ناھن. اڃا ڪجھه پڪين گهٽين وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏيل آھي. ناليون، نالا ٻيا ڪافي ضروري ترقياتي ڪم رھيل آھن. ڪروڙين رُپيا فنڊ اچي رھيو آھي، ان جو ڪوبہه وجود ناھي. ڪچن، پڪن ملازمن جا پگهار ۽ جُڳاڙي ڪمن جا ڪوڙا بل ٺاھي، بجيٽ جا پئسا ھڙپ ڪندا رھندا آھن، باقي رقم جو ڪوبه حساب ڪتاب ناھي! ڪوبہه ھنن کان پڇڻ وارو ناھي! نلڪا ورھائڻ، ڪچين گهٽين کي پڪو ڪرڻ، پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ بھاني رقم ڪاغذن ۾ ڏيکاري ھڙپ ڪندا آھن باقي رقم ٽائون آفيسر، سيڪريٽري ۽ ڀوتار ملي ڪاغذن ۾ ترقياتي ڪم ڏيکاري ڇڏيندا آھن. ٽائون آفيسر ۽ سيڪريٽري مھيني جا ٻہه ڏينھن آفيسن ۾ حاضر ھوندا آھن، باقي ڀوتارن جي اوطاقن تي حاضري ڀري غائب ھوندا آھن. دڙو شھر جي ٽائون ڪميٽي، درياھه خان سوھو، مھر شاھه بٺورو، جهوڪ شريف ۽ ٻين يونين ڪائونسلن جا ترقياتي ڪم ڪِٿي ٿيا آھن؟ ڪٿي ڪٿي اڌ ۾ پيل آھن. پيئڻ جي صاف پاڻي، روڊ رستن جي سھولت کان ڳوٺن جا ڳوٺ، شھرن جا شھر محروم آھن. ترقياتي ڪم ڪافي ھنڌن تي رھيل آھن جن ۾ دڙو شھر، جنھن ۾ برسات وقت گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل ھوندو آھي. گهٽيون اڌ ۾ رھيل آھن.
دڙي شھر ۾ واڻين جي دور کان بہه اڳ جي واھي کوھه ٺھيل ھو، جنھن مان سڄو شھر پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندو ھو، ھن وقت ان ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جي ملازمن ھٿان گند ڪچرو وجهي بند ڪرايو ويو آھي. قبضي مافيا پنھنجي وسان ڪونہه گهٽايو آھي. قبضو ڪرڻ چاھي ٿي. اسان اپيل ٿا ڪريون تہه گند ڪچرو ڪڍائي کوھه صاف سٿرو ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ٿي سگهي. اسان جي شھر دڙي جي شاھي بازار کان شيخن جي ھوٽل تائين ۽ جامع مسجد گھٽي، ڀٽا محله، عباسي محلہه، بس اسٽاپ ۽ ٻين ڪافي جاين تائين اڌ ۾ ڪم ڇڏيل آھن ۽ اڳوڻن ڪمن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي.
سائين منھنجا سنڌ جو ھر شھر تباھيءَ طرف وڌي رھيو آھي. خدارا انصاف ڪيو وڃي. سنڌ دشمن ۽ عوام دشمنن کي اقتدار مان تڙي ڪڍيو وڃي. سنڌ ھيئنر ڏکاري آھي، مصيبتن ۾ مبتلا آھي، سنڌ جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته سوچي سمجهي ووٽ جي طاقت امين ماڻھن جي حوالي ڪن. 15 سال عوام ڏکاري رھي آھي، خدارا انصاف ڪريو.