خاصنئون

جسٽس گلزار احمد نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻي ورتو

اڄ صبح جو چيف جسٽس گلزار احمد چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو. پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چيف جسٽس آف پاڪستان کان حلف ورتو. جسٽس گلزار احمد پاڪستان جو 27 هون چيف جسٽس آهي ۽ هو پهرين فيبروري 2022 تائين ان عهدي تي فائز رهندو. جسٽس گلزار احمد 16 نومبر 2009 کان سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا فرض سر انجام ڏيئي رهيو آهي. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سوڌو هٿياربند فوج جي سربراهن، سينيٽ جي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، گورنرن، ججن، وڪيلن سميت وفاقي وزيرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي چيف جسٽس گلزار احمد جي حلف برداري کانپوءِ ٻنهي آئيني باڊيز جي تشڪيل ئي تبديل ٿي وئي. چيف جسٽس گلزار احمد سپريم جڊيشل ڪائونسل جو چيئرمين به ٿي ويو، جسٽس عمر عطا بنديال جڊيشل ڪائونسل جو رڪن، جڏهن ته جسٽس مقبول باقر ججن جي تقرري جڊيشل ڪميشن جو رڪن بڻجي ويو.