شمسي سيل ۾ سنهو سوراخ ڪري انهن کي شفاف بنائڻ ۾ ڪاميابي

ايلسن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (UNIST) جي سائنسدانن شمسي سيل کي شفاف بنائڻ لاءِ هڪ انوکو طريقو دريافت ڪيو آهي. انهن سيلن تي نهايت ئي ويجهو کان ڪيترائي سنها سوراخ ڪيا آهن جن کي پري کان ڏسبو ته سولر سيل لڳ ڀڳ شفاف نظر ايندو. اهڙيءَ ريت آر پار ڏسڻ جهڙي شفاف شمسي سيل جو خواب پورو ٿي ويو، جيڪو عمارتن جي روشني به نه روڪيندو ۽ ان جي تنصيب سان پوري دنيا ۾ زبردست مقدار ۾ توانائي حاصل ڪري سگهبي.