ايڊيٽوريلنئون

پنجاب ۾ مقامي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مرڪزي واپاري ضلعه ٺاهڻ جو فيصلو

            پنجاب پاڪستان جو آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي نه صرف ايترو، پر پنجاب کي قدرت سٺي جاگرافيائي جاءِ ڏئي به مهربان رهي آهي. جيئن ته پنجاب ڪشمير کان ويجهو آهي، ان ڪري اتي گهڻيون برساتون به پون ٿيون، اها پنجاب جي خوشقسمتي آهي. ان کان علاوه ڀارت کان سنڌو درياءَ جڏهن وهي هيٺ اچي ٿو ته پهريائين ڪي پي ڪي ۽ پوءِ پنجاب مان لنگهي ٿو، جنهن جي ڪري پنجاب کي ٻين صوبن جي نسبت پاڻيءَ تي وڌيڪ اختيار ملي وڃي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته پنجاب پنهنجو آئين کان وڌيڪ پاڻيءَ جو حصو کڻي ٿو.

             ان کان علاوه انگريزن جي دور ۾ پنجاب جي رئيسن ۽ اتان جي سياستدانن جو انگريزن سان سٺو لاڳاپو هجڻ جي ڪري اتي تمام گهڻا ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ سٺا سٺا اسڪول جوڙيا ويا جنهن جي ڪري پنجاب پاڪستان جي ٻين صوبن جي نسبت وڌيڪ ترقي يافته، تعليم يافته ۽ معاشي طور تي مضبوط ۽ سياسي طور تي طاقتور صوبو آهي. پنجاب جي هر گهر ۾ لڳ ڀڳ هڪ يا ٻه ماڻهو فوج يا پاڪستان جي ڪنهن ٻي فورس سان تعلق رکن ٿا. ان ڪري هن صوبي کي معاشي ۽ سياسي طور تي هڪ طاقتور صوبو به چئي سگهجي ٿو.

            ان کان علاوه بنگال جي عليحدگي کانپوءِ آئين جي ذريعي پنجاب پنهنجي آباديءَ جي حساب سان قومي آمدني جو سڀ کان وڏو حصو حاصل ڪري وٺي ٿو، جيڪا حقيقت ۾ ته زيادتي آهي، پر ان جي لاءِ ٻين صوبن کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ پنهنجا حق ۽ پنهنجن صوبن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ شايد هڪ دفعو ٻيهر آئين ۾ تبديليون ڪرڻيون پونديون. هن وقت پنجاب جي وزيراعليٰ مسلم ليگ (ن) جي مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ پنجاب تمام تيزيءَ سان مثبت تبديلين طرف روان دوان آهي. جنهن ۾ شهر جي صفائي سٿرائي، شاگردن کي اسڪالرشپن جو ملڻ، روڊن ۽ رستن جو ڄار پکيڙڻ شامل آهي، ان سان گڏوگڏ مريم نواز پنهنجي صوبي کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون قدم به کڻڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽس (مرڪزي واپاري ضلعه) ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

             صوبي جي هر ضلعي ۾ هڪ اهڙو ڪاروباري مرڪز ٺاهيو ويندو جيڪو مقامي معيشت، روزگار، سرمائيڪاري ۽ شهري ترقيءَ جا دروازا کولي ڇڏيندو. سٺو قدم پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ کنيو وڃي، ان جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان جي وزيراعليٰ کي ان جو داد ڏيڻ ضروري آهي. اسان چاهيون ٿا ته پورو پاڪستان تيزيءَ سان هڪ جهڙي انداز ۾ ترقي ڪري، پر ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا ڪافي معاملن ۾ با اختيار آهن ۽ اهي پنهنجا اندروني معاملا ڪيئن ٿا نبيرين، اهو حق کين آئين ڏئي ٿو. هن وقت هڪ عورت وزيراعليٰ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ته پنجاب جي وزير اعليٰ تمام بهتر قدم کڻي پنجاب کي تمام تيزي سان معاشي طور تي مستحڪم ڪري رهي آهي. هي منصوبو پنجاب حڪومت پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ (PMU) سان گڏجي شروع ڪيو ويو آهي. سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽس جي چيف آپريٽنگ آفيسر منصور جنجوعه ٻڌايو ته اها ڪوشش عوام جي بهتر مستقبل جي لاءِ ٿي رهي آهي.

            پنجاب حڪومت چاهي ٿي ته هر سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ علائقي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ته جيئن مقامي واپار وڌي ويجهي سگهن ۽ ان مان عام ماڻهن کي فائدو رسي سگهي. پنجاب حڪومت ان منصوبي تحت جديد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽس ٺاهڻ جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. منصوبي تحت هر ضلعي ۾ هڪ اهڙو ڪاروباري مرڪز ٺاهيو ويندو جيڪو نه صرف مقامي معيشت کي مضبوط ڪندو، پر روزگار، سرمائيڪاري ۽ شهري ترقي جا دروازا به کولي ڇڏيندو. سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽس پنجاب انهن منصوبن ۾ پنهنجي مڪمل ٽيڪنيڪل مهارت فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ انهن جڳهين جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جتي زمين جو موثر استعمال ڪري جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. يقينن اها هڪ نئين واپاري تبديلي هوندي جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به صوبي کان شروع ٿيندي ۽ اميد اها ٿي ڪجي ته پاڪستان جا ٻيا ٽي صوبا به ان کي ڏسندا ۽ ان طرز جو ڪو ماڊل پنهنجن صوبن جي ماڻهن جي لاءِ کڻي ايندا.

            يقينن معاشي ترقيءَ جو دارومدار اتان جي مقامي هنرن، دستڪارين ۽ ننڍين گهريلو صنعتن تي هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت جي سرپرستي ۾ مقامي هنرمندن کي ۽ واپار ڪرڻ وارن کي وڏي مارڪيٽ ملي ٿي وڃي ته پاڪستان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهندو، جنهن کانپوءِ شايد اسان کي ٻئي ڪنهن پرڏيهي ملڪ جي قرض جي به ضرورت نه پوندي، جنهن سان غربت جو خاتمو ٿيندو ۽ جڏهن غربت جو خاتمو ٿيندو ته ان سان گڏوگڏ ٻين ڪيترين ئي برائين جو به ازخود خاتمو ٿي ويندو ۽ پوءِ اهو خواب جيڪو هر نوجوان جي اک ۾ پلجي ٿو ته هو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي ۽ معاشي طور تي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪري سگهي ان جي تعبير حاصل ٿي سگهندي.