بلاگخاصنئون

مصور ڪٿا: افتخار احمد سومرو

ھزارين سال اڳ موئن جي دڙي جي تھذيب، آرٽ، ڊزائين ۽ تعميرات جو ھنر عروج تي ھوندا ھئا جنھن جي ڪري موئن جي دڙي جي تھذيب کي گذريل وقتن جي ترقي يافتا تھذيبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنھن جي ھڪ الڳ سڃاڻپ آھي. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي تاريخ ۾ موئن جي دڙي کي خاص اھميت حاصل آھي ان ئي خاصيت واري سر زمين تي موجود ھاڻوڪي دور جي عروج وارو شھر لاڙڪاڻو به وجود ۾ آيو، جيڪو  ھر لحاظ کان تاريخ سان جڙيل آھي، جنھن جي چيڪي مٽيءَ مٿان ڪيترن ئي شخصيتن جو جنم ٿيو ۽ ڪيترائي ان چيڪي مٽيءَ اندر مدفن ٿي امر ٿيل آھن، جيڪي ان سر زمين جو تقافتي ۽ تاريخي ورثو پڻ آھن. اھڙين شخصيتن وانگر ھڪ شخصيت مصور افتخار احمد سومرو جي به آھي جنھن کي آرٽ موئن جي دڙي مان ورثي ۾ مليل آھي جنھن جي فن مان موئن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي جيڪا موئن جي دڙي جي تھذيب جي اھميت جو احساس ڏياري ٿي، جنھن جي آرٽ ۾ موئن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي رقص جا عڪس نظر اچن ٿا جنھن جي آرٽ جي رنگن ۾ موئن جي دڙي جا سڀئي رنگ ۽ روپ نظر اچن ٿا، جنھن جي خطاطيءَ جي نمونن مان موئن جي دڙي جي سڪن جي آسيس اچي ٿي.

افتخار احمد سومرو لاڙڪاڻي شهر جي شاھ آباد پاڙي ۾ عبدالرئوف سومرو جي گهر 08 مئي 1987ع ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم سرڪاري کاتي ۾ بطور ڪلارڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ھو. افتخار احمد سومرو پرائمري تعليم او سي لاهوري اسڪول مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 2004ع ۾ ۽ انٽر 2006ع ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور ميونسپل هائر سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي. سندس تعلق بنيادي طور تي غريب گھراڻي سان ھو، سندس والد جي پگهار ايتري هئي جو گهر جو گذر سفر ئي مس ٿيندو ھو، ڇھ ڀائر ۽ ٽن ڀينرن جو ٽيون نمبر ڀاءُ ھو، سڀني ڀائرن ڀينرن جو تعليمي خرچ جو پورائو ڪرڻ سندس والد لاءِ مشڪل ھو، والد طرفان ميٽرڪ تائين ئي تعليمي خرچ ملي سگھيو. افتخار سومرو کي اڳتي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو پر، وسيلا تمام گهٽ هئا، جنھن ڪري ڪيترين ئي پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو. سندس آرٽ سان لڳاءُ ان وقت کان ٿيو جڏهن کان سمجهه ۽ شعور پيدا ٿيو، آرٽ ۾ بيحد دلچسپيءَ سبب آرٽ جي باقائده سکيا جي شروعات ميٽرڪ ڪلاس کانپوءِ لاڙڪاڻي جي مشهور پينٽر سمبارا پبلسٽي کان ڪئي. کيس تصويرن ٺاهڻ جو تمام گهڻو شوق هو پر، سمبارا پينٽر دڪان تي صرف بينر ۽ سائن بورڊ لکيا ويندا هئا، جنهن سبب خطاطي سٺي نموني سکي سگھيو. 6 مهينا ڪم ڪرڻ کانپوءِ تصويرون ٺاھڻ واري شوق سبب سمبارا ڇڏي لاڙڪاڻي جي هڪ ٻئي مڪلي آرٽ پينٽر دڪان جي استاد راشد علي وٽ تصويرون ٺاھڻ جي بنيادي سکيا حاصل ڪئي ۽ پينٽنگ ڪرڻ به سکندو رهيو. دڪان تان جيڪا خرچي ملندي هئي اها گڏ ڪري پنهنجن ضرورتن جو پورائو ڪندو ھو ان سان گڏ تعليم تي خرچ ڪري يارهون ۽ ٻارهون درجو پڙهي پاس ڪيائين. سندس مڪلي آرٽس دڪان جو سفر 2 سال جاري رهيو. ان کانپوءِ انڊس آرٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪاريگر جي حيثيت سان سائن بورڊ، بينرز ۽ تصويرون ٺاهڻ لڳو جتي 6 سال ڪم ڪيو انھيءَ دڪان تي ڪافي سينئر فنڪارن سان ملاقات جو موقعو مليس، جن جو آرٽ ڏيھ ۽ پرڏيهه ۾ مشهور ھو، جن جي فن کيس گھڻو متاثر ڪيو، جنھن مان حوصلا افزائي حاصل ٿي، جنھن سبب افتخار سومرو 2010 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ ۽ ڊزائين شعبي ۾ داخلا حاصل ڪئي، جتي زندگي جا سنهري 4 سال ھوائن ۽ پٿريلي پيچرن کي ارپيا، جتي ماھر استادن جي نگراني هيٺ مختلف مھارتن جي سکيا حاصل ڪئي. آرٽ جو سامان مهانگو هجڻ جي ڪري افتخار سومرو لاءِ يونيورسٽي جو خرچ برداشت ڪرڻ تمام ڏکيو ھوندو ھو، جنهن جي ڪري ڄامشوري ۾ به ڪمرشل آرٽ وارو ڪم جاري رکيائين، جتي سائن بورڊ ۽ بينر لکي پنهنجون فيون ڀريندو رھيو. انھيءَ سان گڏ آرٽ جو سامان خريد ڪري پنهنجا فنپارا پڻ تخليق ڪندو رهيو. يونيورسٽي ۾ ڪڏهن بک تي ته ڪڏهن ڍئو تي وقت گذرندو رهيو، موج مستي، عشق مشق ۽ جھيڙن جھٽن کي به منھن ڏيندي پڙھائيءَ جي چار سالن جو نه وسرندڙ سفر مڪمل ڪيو.

افتخار سومرو يونيورسٽيءَ جي سڀني محترم استادن جو احترم نياز ۽ نوڙت سان ڪندو ھو پر، سڀني کان وڌيڪ جنهن جي فن ۽ طبيعت مان متاثر ٿي وڌيڪ سکيا حاصل ڪئي انهن مان سرفهرست نجيب الله راشدي صاحب، محمد علي ڀٽي صاحب ھئا جنهن جي ذاتي اسٽوڊيو تي پڙهائي دوران 2 سال آرٽ ورڪ ڪيو ۽ پورٽريٽ پينٽنگ جون مھارتون حاصل ڪيون. نادر علي جمالي، قاسم خاصخيلي جي ڪم به کيس گھڻو متاثر ڪيو. انهن جي فن مان متاثر ڪندڙ معلومات حاصل ڪئي. يونيورسٽي جي آخري سال ۾ ٿيسز جو عنوان لاڙڪاڻي شهر جي ننڍپڻ جي يادگيرين تي ھو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي پراڻين عمارتن کي پينٽ ڪيو.  2013ع ۾ فائن آرٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڄامشورو کي الوداع چئي، ڪجھ ئي وقت کانپوءِ 2014ع ۾ ڪراچيءَ جي گڏاپ پبلڪ اسڪول ۾ آرٽ ٽيچر جي حيثيت سان نوڪري حاصل ڪئي، جتي اڄ تائين آرٽ جون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو آھي. انھيءَ سان گڏ ملڪي توڙي غير ملڪي آرٽ جي نمائشن ۾ پڻ حصو وٺندو رھيو آھي. 2011 کان وٺي اڄ تائين مختلف نمائشن، آرٽ مقابلن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو ايندو رھندو آھي. 2023 ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي طرفان آرٽ شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي سالياني بيسٽ ٽيچر ايوارڊ سان نوازيو ويو. آرٽ ۾ سندس پسنديده مضمون پورٽريٽ آھي، جنھن کي ھو ڪمال مھارتن سان ڏسڻ وارن لاءِ پيش ڪندو آھي.

افتخار سومرو مصوري ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪتاب پڙهڻ سان تمام گهڻي دلچسپي رکندو آھي، جيڪو بحيثيت مصور تخليق جي دنيا سان جڙيل ھجڻ جو سبب آھي، جنھن جو ثبوت ان جي ذاتي جمع ڪيل 2000 جي لڳ ڀڳ مختلف موضوعن جي ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھي، جن مان سندس دوست، مٽ مائٽ علم ۾ اضافو ڪندا رھندا آھن. ڪتاب پڙھڻ جي لڳاءُ سبب مستقبل ۾ پنهنجي لائبريري ۽ آرٽ گيلري جي قيام جي منصوبابندي پڻ ڪري رھيو آھي.

جون 2017 ۾ لاڙڪاڻي جي پڙهيل لکيل بڙدي گھراڻي جي سلجهيل ڇوڪري سان ازدواجي رشتو قائم ڪيو، کيس ٻه نياڻيون هڪ پٽ آهي. افتخار سومرو ڄام، ڏيپر، صفدر قريشي، استاد نظير سمون جن جو شڪرگذار رھندو آھي جن جي علم مھارتن مان سکيا حاصل ڪري فائدو حاصل ڪيو. افتخار سومرو زندگيءَ جي ھر شعبي سان وابسته نوجوان نسل کي اڪثر اھو باور ڪرائيندو رھندو آهي ته نيچر سان محبت ڪندا ڪيو. ڇو جو انھيءَ سان آرٽ سان لڳائو ٿيندو، جنھن سان آرٽ کي سمجهڻ جي سگھ حاصل ٿيندي، جنھن سان توهان جي اندر انتهاپسندي ۽ وحشت ختم ٿيندي. توهان هڪ پر امن ماحول تخليق ڪري سگهندا. افختار سومرو اڄڪلھ پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچيءَ ۾ بطور آرٽ ٽيچر، ۽ اڪيڊمڪ ڪوآرڊينيٽر خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو آھي، جتي ايندڙ نسل جي معمارن کي آرٽ جون مھارتون منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪتابن سان دوستي ڪرڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪري رھيو آھي.

***