بلاگنئون

آمريڪا اسرائيل جي حمايت ڇو ٿو ڪري؟

آمريڪا جي اسرائيل نواز پاليسي کي جڏهن مسلمان دنيا ڏسي ٿي ته اڪثر هن کي صرف مذهبي عقيدي واري عينڪ سان ڏسي ٿي. ڪي سادڙا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته دنيا نيڪي، بدي ۽ انصاف جي ڪنهن آسماني اشاري تي هلي رهي آهي، جتي هر فيصلو عقيدت يا دشمنيءَ جي بنياد تي ٿئي ٿو، پر اصل دنيا نه ايتري سادي آهي ۽ نه ايتري سچي. دنيا طاقت، مفاد، تاريخ، نفسيات ۽ جاگرافي جي گڏيل ميز تي ٺهيل آهي، جتي فيصلا صرف ان بنياد تي ٿين ٿا ته ڪير ڪيترو فائدو ڏئي سگهي ٿو ۽ ڪنهن جي پٺيان لڳي ڪري عالمي طاقت جو توازن بهتر سنڀالي سگهجي ٿو. آمريڪا جي اسرائيل سان محبت ڪنهن مقدس آيت يا آسماني واعدي سبب ناهي، بلڪه هڪ ڏکي تاريخ، مضبوط مفادن، اندرين سياسي دٻائن، پرڏيهي حڪمت عملين ۽ مذهبي لابين جي ميل جول کان جنم وٺي ٿي.

اصل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جو تعلق محض هڪ عام اتحاد ناهي، بلڪه تهذيبي تصور، مذهبي انتظار، جنگي معاهدو ۽ نفسياتي سبب جو هڪ اهڙو مرڪب آهي، جيڪو عالمي سياست جي سڀ کان ڏکيئي ۽ جذباتي باب جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ اهو اهڙو رشتو آهي جيڪو نه صرف واشنگٽن جي پاليسين کي متاثر ڪري سگهي ٿو، بلڪه آمريڪي ضمير، عيسائي روحانيت، يهودي تاريخ ۽ عرب جاگرافي کي هڪ اهڙي طريقي سان متاثر ڪري ٿو، جنهن کي سمجهڻ جي لاءِ صرف پرڏيهي پاليسي نه بلڪه تاريخ، مذهب، نفسيات ۽ معشيت جو گڏيل سڏيل چشمو پائڻ جي ضرورت آهي.

ان تعلق جي شرعات 1948ع ۾ نه، بلڪه ان جو خواب ان وقت ڏٺو ويو، جڏهن ٻي جنگ عظيم جا زخم اڃان تازا هئا ۽ هولو ڪاسٽ جو الميو يورپي ذهن ۾ هڪ ناقابل شرمساري جي صورت ۾ لامارا ڏئي رهيو هو، 60 لک يهودين جي قتل عام اولهه کي ان احساس واري ڏوهه ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا قوم هڪ الڳ رياست جي لائق آهي ته اهي يهودي آهن، پر اها رياست محض جذباتي نه هئي، پر هڪ اهڙي نظرياتي چوڪي به هئي جنهن کي اولهه وچ ايشيا ۾ پنهنجي اثر جي تسلسل جي لاءِ وڏي حڪمت عملي سان جوڙيو.

آمريڪا جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ صرف هڪ انساني همدردي جو مظاهرو نه هو، پر اها هڪ سفارتي شطرنج جي پهرين چال هئي. سرد جنگ جي ۾ وچ ايشيا ۾ ڪا اهڙي حڪومت گهربل هئي، جيڪا سوويت يونين جي مقابلي ۾ مغربي مفادن جي نگهبان بڻجي. عرب دنيا ۾ قومپرستي ۽ کاٻي ڌر جي لاڙن جي خلاف هڪ اهڙي رياست جي موجودگي ضروري سمجهي وئي، جيڪا جمهوريت، سرمائيداري ۽ فوجي اتحاد جي نمائنده هجي، اسرائيل انهيءَ ڪردار ۾ بلڪل فٽ هو.

مگر ان سموري سياسي راند جي پٺيان هڪ مذهبي وهڪرو به آهي جيڪو حقيقت ۾ عيسايت جي شڪل ۾ آمريڪا جي عوامي شعور ۾ ڳوڙهائي تائين لهي چڪو آهي، يعني اهو اهڙو عقيدو، جيڪو بائيبل جي هڪ خاص تشريح تحت سمجهي ٿو ته جڏهن سمورا يهودي يروشلم واپس اچي ويندا ته قيامت جي شروعات ٿيندي ۽ حضرت عيسيٰ ٻيهر نازل ٿيندو. اهو عقيدو صرف پادرين تائين محدود ناهي، پر آمريڪي سينيٽ، ڪانگريس ۽ ايستائين جو صدارت جي عهدي تائين پنهنجو اثر رکي ٿو، جيڪو سياستدان انهن ڌرين جي حمايت کان محروم ٿي وڃي اهو پنهنجي ڪيريئر کي الوداع چوڻ جي تياري ڪري سگهي ٿو.

انهي نظرياتي ماحول ۾ آمريڪن اسرائيل پبلڪ افيئرز ڪميٽي (AIPAC) جهڙيون اسرائيلي لابيون وڌن ٿيون جيڪي صرف قانون سازي تي اثرانداز نٿيون ٿين، پر سياسي صورت به جوڙين ٿيون، اهي لابيون چونڊن وارين مهمن جي لاءِ ناڻو ميسر ڪن ٿيون، پاليسيون ٺاهيندڙن کي تربيت ڏين ٿيون، ميڊيا کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ڪنهن به تنقيد کي “يهود دشمني” جي الزام جي چادر ۾ ويڙهي ڪري دفن ڪري ڇڏين ٿيون. ان لابي جو اثر انهيءَ حد تائين آهي ته جيڪڏهن ڪو آمريڪي ڪانگريسي ميمبر فلسطينين جي حمايت ۾ آواز بلند ڪري ته ايندڙ اليڪشن ۾ ان جي شڪست يقيني ٿي وڃي ٿي.

اسرائيل جي حمايت آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو لازمي حصو ان لاءِ به آهي ته اها رياست خطي ۾ آمريڪي مفادن جي لاءِ هڪ فوجي ۽ انٽيليجنس  مرڪز جي طور تي ڪم ڪري ٿي. عراق، شام، لبنان، ايران ۽ خليجي رياستن جي وچ ۾ واقعي اسرائيل اصل ۾ آمريڪا جي نگاهه آهي، جيڪا سموري وچ اوڀر تي ڇانيل آهي. ان جي بدلي آمريڪا اسرائيل کي ساليانو اربين ڊالرن جي امداد ڏئي ٿو، جيڪا نه صرف دفاعي سامان ٺاهڻ ۾ استعمال ٿئي ٿي، پر آمريڪي هٿيار ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي لاءِ نفعي وارو سودو پڻ آهي.

هولو ڪاسٽ جي ياد به آمريڪي ضمير کي مسلسل جهنجوڙيندي رهي آهي ۽ اسرائيل جي لاءِ هڪ اخلاقي سبب پيدا ڪري ٿي، پر اهوئي اخلاقي بار فلسطينين جي ڏک ۽ انهن جي حق خود اراديت کي دٻائڻ جو هٿيار پڻ بڻجي چڪو آهي. اسرائلي بمباري دفاع سڏجي ٿي ۽ فلسطيني مزاحمت دهشتگردي، ميڊيا، بالي وڊ ۽ تعليمي ادارا هڪ اهڙي صورت کي واڌ ڏين ٿا، جنهن ۾ اسرائيل سدائين مظلوم نظر اچي ٿو ۽ فلسطيني سدائين ظالم. اهڙي صورت ۾ هڪ سادو سوال به گستاخي بڻجي وڃي ٿو.

اهو تصور صرف اسرائيل جي حمايت نه، پر آمريڪي سڃاڻپ جو حصو بڻجي چڪو آهي. اسرائيل کي ڇڏي ڏيڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي تهذيب کان پاڻ بغاوت ڪرڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته ڊيموڪريٽ هجي يا ريپبلڪن ٻنهي پارٽين ۾ اسرائيل جي حمايت اٽڪل مذهبي فرض جيان سمجهي وڃي ٿي. اهوئي اهڙو نقطو آهي جيڪو ان تعلق کي سياسي اتحاد کان وڌائي مذهبي عقيدو بڻائي ڇڏي ٿو.

اسرائيل سان آمريڪا جو تعلق اصل ۾ هڪ تهذيبي معاهدو آهي، جنهن ۾ مذهب، سياست، ناڻو ۽ اخلاق سڀ ڪجھه شامل آهن. ان تعلق جون پاڙون هولو ڪاسٽ جي رک ۾ آهن ۽ ٽاريون سياسي لابين، دفاعي معاهدن، ميڊيا بيانن ۽ جاگرافيائي حڪمت عملين ۾ پکڙيل آهن. هتي سوال به اجازت سان پڇيا ويندا آهن ۽ حقيقتون به پاليسي جي عينڪ سان ڏٺيون وينديون آهن. جيڪڏهن ڪڏهن ڪو آمريڪي صدر اسرائيل جي کليل مخالفت ڪري ته اهو صرف هڪ ملڪ سان نه بلڪه پنهنجي ئي تاريخ، پنهنجي ئي ووٽر، پنهنجي ئي عقيدي ۽ پنهنجي ئي تهذيب سان هٿ چراند ڪرڻ جي برابر ٿيندو ۽ اهوئي سبب آهي ته آمريڪا اسرائيل جو وڪيل به آهي، محافظ به ۽ ڪنهن وقت ترجمان پڻ. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ سفارتي تعلق ناهي، پر هڪ تاريخي خواب آهي، جيڪو اڄ به آمريڪا جي اک ۾ ڪنهن مقدس حقيقت جي صورت ۾ چمڪي رهيو آهي.