بلاگنئون

سنڌ جو نوجوان ڇا ٿو سوچي؟

سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آھي، جنھن ڪيترن ئي ڏات ڌڻين، انتھائي وڏن ذھين ۽ نالي وارين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. اڄ به ڪجهه اهڙيون شخصيتون آهن، جيڪي نوجوانن جي رهنمائي ڪري انهن کي دور حاضر جي ضرورتن مطابق تيار ڪرڻ ۽ ان سان انهن جو ناتو ڳنڍڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن اهي نوجوان هن بدلجندڙ دنيا ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهن ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو به هڪ اهڙي وڏي شخصيت جو وڏو نالو آھي، ماڻھو ڪا وصف يا ڪنھن لفظ جو مفھوم سمجھڻ جي لاءِ چيٽ جي پي ٽي يا گوگل ٽرانسليشن وغيره جو سھارو وٺندا آھن، پر جڏھن ڊاڪٽر صاحب جو نالو ڪٿي زير بحث ھوندو آھي ته اتي مڪمل طور تي صحيح لفظن ۾ اُھي نوجوان ئي بيان ڪندا آھن، جيڪي نه رڳو شاگرد ھوندا آھن، پر چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو تعداد به تمام گھڻو وسيع ھوندو آھي. ڊاڪٽر صاحب ڪُل ڏھ ڪتاب لکي سنڌي ادب جي جھولي ۾ وڌا آهن. ھن سموري پيار جي پورهئي کي مان سنڌ جو اھو نوجوان ڏئي پيو جيڪو پرڏيهي ملڪ وڃڻ جا خواب ڏينهن ۽ رات ڏسندو رھي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آھي، جڏھن شخصي طور تي اوھان ڏسندئو ته صفا ھڪ وڻندڙ، سادگي پسند، حساس طبيعت ۽ نيت جو لاجواب انسان نظر ايندو، منھنجي سندس يونيورسٽي واري وقت ھفتي ۾ ھڪ ملاقات ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته ھر روز ملاقات سندس آفيس ۾ يا يونيورسٽي جي ڪنھن به موڙ تي پئي ٿيندي ھئي ته جيءَ ۾ جايون ڏيندو ھو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي جو ھڪ استاد ھجڻ سان گڏ ھڪ سٺو موٽيويشنل اسپيڪر، ناليوارو ليکڪ ۽ ڪيريئر ڪائونسلر پڻ آھي.

ڊاڪٽر صاحب جا ڪُل ٻه ڪتاب ھن وقت تائين مون پڙهيا آهن، جنھن ۾ “ڪامياب شاگرد” جيڪو 2021ع ۽ “يورپ ۾ اعلٰي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا” جيڪو 2020ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قمبر طرفان شايع ڪيو ويو. ٽوٽل 143 صفحن تي مشتمل اھو ڪتاب جنھن جو ھرھڪ موضوع تعليم، نوجوان، اسڪالرشپ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان گھڻو تفصيلي خوبصورت ڪتاب لکيو ويو آھي. ھنن ڪتابن ۾ نوجوان جو اونو، اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪجي، تعليم ھن لاءِ ڪيتري ۽ ڪيئن ضروري آھي، پرڏيهي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي، امتحان ۾ فيل ٿيڻ زندگي فيل ٿيڻ ناھي جھڙا ڪيئي سوال اُڀري دماغ ۾ ايندا آھن، جتي ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو جي رھنمائي شاگردن جي لاءِ وڏو اتساهه بڻجي وڃي ٿي. ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو ۽ سندس خاندان ۾ تعليمي شعور، سياسي سماجي ۽ پنھنجي ڌرتي جي مالڪي لاءِ متحرڪ ٿي بيھڻ اھو سڀ ڊاڪٽر صاحب جي خانداني تربيت جي زاويي ۾ اچي ٿو. ڪنھن چيو آھي ته رڳو وڏن ۽ سٺن ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ سان وڏو ماڻھو ناھي پيدا ٿيندو، پر ان سان گڏ سٺي تربيت ڪرڻ ضروري آھي، جنھن سان ناليوارا سماج سڌارڪ پيدا ٿي سگھن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جا سڀئي ڪتاب صرف سنڌي ادب ۾ اضافو ناھن، پر وقت تي جيڪڏهن اھل ڪاميٽي جوڙي وڃي ته اھي اُھي ڪتاب آھن، جيڪي شاگردن کي اڪيڊميا جي حوالي سان ڪورس جي صورت ۾ پڙھائي سگھجن ٿا. ڊاڪٽر شاھمراد ڪنھن اسٽيج تي اھا ڳالهھ ڪئي ته جيڪڏهن اوھان کي پنھنجو آئيڊيل ڏسڻو آھي ته ھن کي ڪتاب ۾ ڳولهيو بجاءِ توھان ھن سان روبرو ملڻ، سيلفيون ڪڍڻ اھو سڀ آئيڊيل سان ملڻ ايئن سمجھو ته آئيڊيل جي موت برابر آھي. پوءِ اھو ساڳيو اوھان جو آئيڊيل نه رھندو پھرين واري سڪ ۽ ڇڪ ختم ٿي ويندي آھي. ھي ڪتاب اڄ جي ھن جديد دور ۾ شاگردن جي لاءِ ھڪ بھترين ڪاوش آھي، اسان وٽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي کوٽ اڪثر ڪري شاگرد پنھنجي شعبي جي صحيح چونڊ نه ڪرڻ جي ڪري اهليت ۽ پسند مطابق حاصل نه ڪري سگھڻ سبب پنھنجي زندگي ۾ آخر تائين مايوسيءَ جو شڪار رھندا آھن.

صفحي نمبر 30 تي اسڪالرشپ جي اھميت بابت ٻڌائيندي لکيو آهي ته، اسڪالرشپ شاگرد جي تعليم حاصل ڪرڻ جو ھڪ سھارو بڻجي ٿي، جيڪڏهن اسڪالرشپ جي بنياد تي ڪو شاگرد پرڏيهه وڃي ٿو ته ھن کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ دنيا جا حسين ملڪ ڏسڻ جو ھڪڙو زبردست موقعو ملي ٿو ۽ اھو ھڪڙو يادگار تجربو بڻجي وڃي ٿو. اسڪالرشپ بابت تمام گھڻو تفصيلي ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ھن ڪتاب ۾ لکيو آهي جتي اسڪالرشپ ميرٽ جي بنياد تي، موقعا، مھيا ڪندڙ، اھميت، طريقيڪار ۽ قابليت وغيره تي سٺي روشني وڌي آهي. شاگرد ھن مان گھڻو لاڀ حاصل ڪري سگھن ٿا.

صفحي نمبر 37 تي پرڏيهي تعليم بابت لکيو آهي ته ھي ڌرتي جو گولو اصل ۾ انساني سماج کي گنڍڻ جو سبب آھي، جيڪڏهن اسان پنھنجو پاڻ کي ڳوٺن ۽ شھرن تائين محدود رکنداسين ته ڪڏھن به ترقي نه ڪري سگھنداسين، ڪوشش ڪجي اسان کي ذات پرستي مان نڪري پنھنجي سماج ۾ ڪجھه بھتر ۽ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪجي جيئن اھي سڀاڻي اوھان کي اھڙو رھنما سمجھن جيڪو ھر ھڪ اڳيان اوھان جو نالو وٺي سگهي. ڊاڪٽر صاحب مون کي سر فرانسس بيڪن جي ڪھاوت جو اھو حقيقي روپ ٿو لڳي، هن چيو ته ڏاھپ کي مون ھميشه جھوپڙي مان نڪرندي ڏٺو آھي.

صفحي نمبر 42 تي يورپ کنڊ بابت تفصيلي معلومات ڏيندي ٻڌائي ٿو ته يورپ دنيا جو سڀ کان خوشحال کنڊ آھي، جتي ڪوبه ملڪ غربت جي لڪير کان ھيٺ نه آھي. آبادي جي لحاظ کان آفريڪا ۽ ايشيا کان ٽيون نمبر وڏو کنڊ آھي، جتي آبادي 74 ڪروڙ جي قريب آهي. پوري يورپ کنڊ ۾ 44 ملڪ آھن. سڀ ڳالھيون ڀرپور ڄاڻ واريون آھن جيڪي سڀ ھتي نٿيون لکجي سگھجن.

ھن ڪتاب ۾ يورپ جي 44 ملڪن بابت تفصيل سان معلومات ڏنل آهي ته جيئن اوھان ڪنھن به ملڪ جي لاءِ اسڪالرشپ ڪيئن حاصل ڪجي، ڄاڻ حاصل ڪري سگھو. ساڳئي وقت توھان پارٽ ٽائيم نوڪري ڪري پڙھائي سان گڏ سٺا پئسا ڪمائڻ جا هنر به حاصل ڪري سگھو ٿا. ھي ٽيڪنيڪل شين جو دور آھي، جتي اوھان کي ٽيڪنڪل تعليم لازمي سکڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته ھاڻي سڀ شيون سافٽ فارم ۾ ھڪڙي سمارٽ فون جي حيثيت سان ھر وقت ۽ ھر ماڻھو وٽ محفوظ ۽ موجود آهن. سڀني پڙھندڙن کي دل سان اھو ٻڌائجي ٿو ته سائين ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيي جا سمورا ڪتاب توھان جي خوابن جي تعبير بڻجي سگهن ٿا. هنن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ شاگردن ۽ نوجوانن کي دنيا ۽ ترقي يافته ملڪن بابت سٺي ڄاڻ ملندي ۽ سڀ علم جي راھ جا مسافر بڻجي پنھنجي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.