پريانڪا چوپڙا آمريڪي ڳائڻي سان مڱڻو ڪري ڇڏيو
خبرن موجب هندستاني اداڪارا آمريڪا جي ڳائڻي نِڪ جونيز سان مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي. خبرن ۾ چيو پيو وڃي ته ٻنهي ڄڻن هڪ هفتو اڳ پريانڪا چوپڙا جي 36 هين سالگره تي مڱڻو ڪري ڇڏيو جنهن خبر جي هن وقت تائين ٻنهي ڄڻن نه ترديد ۽ نه تصديق ڪئي آهي. ياد رهي ته پريانڪا چوپڙا پنهنجي فلمن ۽ ٽي وي ڊرامي جي شوٽنگ لاءِ آمريڪا ۾ ترسيل هئي جتي هن جي ملاقات نِڪ جونيز سان ٻه مهينا اڳ ٿي ۽ انهن جي دوستي شروع ٿي جنهن بعد هاڻي ٻنهي ڄڻن مڱڻو به ڪري ڇڏيو آهي.

