بلاگنئون

ڇا ماتلي ۾ آئيس جي نشي ۽ ڏوهن جي وڌڻ جي ذميداري رڳو پوليس جي آهي؟

ماتلي ۾ آئيس سميت ھر قسم جي منشيات، بينظير انڪم سپورٽ جي امدادي رقمن مان ڪٽوتين ۽ ٻين سماجي برائين ۽ بڇڙائين ۾ سڀ کان وڏو ھٿ پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ ڪجھه ٽولن جو به آھي، جن ھر غلط ڪم تان ڀتن جي وصولي کي روزگار بڻائي ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ پوليس کي به بري قرار نٿو ڏئي سگھجي، جان جي امان گھري معذرت سان ٿو چوڻو پوي ته پوليس لاءِ به ڪافي وصولين ۾ انھن ڪجھه عطائي صحافين جو ڪردار آھي، جن وٽ پوليس ان حوالي سان مجبور نظر ايندي آھي جو اُھي، سوشل ميڊيا تي پوليس خلاف مھمون به ھلائين ٿا ۽ پوليس جي ثنا خواني به ڪن ٿا. پوليس جي ھر ننڍي وڏي قدم تي اُن جي ساراھه جا ڍُڪ به ڀرين ٿا. جيڪڏهن بينظير انڪم سپورٽ جي پئسن تي انھن عطائي صحافين جا ڀتا مقرر نه ھجن ھا ۽ اھي عطائي ھر دفعي ڀتاخوري لاءِ قانون ھٿ ۾ کڻي ڊوائيس ھولڊرن جي پويان نه پون ۽ ھر چڪر تي لکن جون سيٽينگون نه ٿين ته انڪم سپورٽ جي پئسن مان ڪٽوتين جا سلسلا ڪافي حد تائين رڪجي يا گھٽجي سگھن ٿا، ھر دفعي فگرون ۽ نالا سامھون اچن ٿا ته ڪنھن ڪنھن ڪيترو ڀتو ورتو ۽ ڪنھن وٺڻ کان انڪار ڪيو، ان طرح ڀتو وڙھي وٺڻ وارن ۾ اھي به ڪافي شامل ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي بظاھر معزز ماڻھن جي صفن ۾ نظر اچن ٿا ۽ پنھنجو تعارف معزز ماڻھن وارو رکن ٿا، انھن کي شايد اھا خبر ناھي ته ڪجھه  غلط ڏيڻ ۽ وٺڻ جون ڳالھيون فخر سان ورجائبيون آھن، ان ڪري اھي وائيٽ ڪالر ماڻھن ۽ زبانن تي لڪيا نٿا رھن، ھڪ نقلي صحافي اھا ڳالھه رڳو مون سان نه، پر ڏهن ٻين ماڻھن سان ڪري ويٺل آھي ته اُن ڊوائيس ھولڊرن طرفان 5 لک جي آفر کي ٺڪرائي ڇڏيو ھو. ان شخص جو نالو ھن ڳالھه سان ڪافي ماڻھن تي واضح به ٿي ويندو، جيڪي ان نقلي قلمي چھري بابت اھا راءِ رکن ٿا ته اھو اھڙو ماڻھو بلڪل نه آھي جو ايترا پئسا ڇڏي ڏئي، اھو ماڻھو پوليس جي بدنامي جو سبب به آھي ۽ پوءِ به پوليس کي ويجھو نظر اچي ٿو، پوليس جو ته سسٽم ئي ڪجھه اھڙو آھي ان جو اھڙو نظام ڪو نئون نه آھي جو ان تي ڪا ميار ڪجي، پر معاملن کي بگاڙڻ ۽ ھر برائي ۽ بڇڙائي تان جيڪي ڀتا وٺن ٿا اُھي سڄي خراب صورتحال جا اصل ذميدار چيا وڃن ٿا، جيڪڏهن انڪم سپورٽ جي پئسن تان ڀتا خوريون ختم ٿين ته ٻيو نه ته ڪٽوتيون 3000 مان گھٽجي 500 به ٿي سگھن ٿيون، پر اصل حقيقتون ھي آھن ته چور خود چور چور ڪري پاڻ کي بچائين ۽ ڌنڌا ڪن ٿا، پوليس جي ان سڄي سسٽم ۾ خاموشي به ان طرح سمجھه اچي ٿي، منشيات فروشي ۾ به ساڳيا ذڪر ڪيل ھٿ شامل رھيا آھن ڪي ته سڌي طرح منشيات فروشي ڪن پيا، صحافت کي ڪني ڪم لاءِ ڍال بڻائين ٿا انھن مان ڪيترن تي سڌيون ايف آءِ آرون به آھن ته ڪي وري سُڪلن سان گڏ ساوا به انتقامي ڪارروائين ۾ سڙيا آھن، آئيس جي نشي جا ڊيلر واضح آھن. جن خلاف ڪارروائين جون لسٽون به ٺھيون، پر وڏن ھٿن جي مداخلت سبب ان تي عمل رڪجي ويو، بعد ۾ جاڳرتا مھمون ھليون جن جو ڪو به نتيجو سامھون نه اچي سگھيو، رزلٽ اھا ئي نڪرڻي ھئي جيڪا نڪتي آھي، ڪنھن ھڪڙي ايس ايڇ او جو مسئلو بلڪل نه آھي ھي پوري نظام جي خرابي جو مسئلو آھي. ھن وقت تائين آئيس جي ھڪڙي موالي ٻئي جو خون ڪيو آھي، ٻن  ٽن پيئرن جون پٽن خلاف پريس ڪانفرنسون سامھون آيون آھن. آئيس جو ھڪ موالي اروڙي تان بيھوشي واري حالت ۾ پڻ مليو آھي، اھا رڳو شروعات سمجھون ٿا، جڏھن ته پوريون فلمون اڃان پويان آھن، قانون لاڳو نه ٿيو، آئيس جو نشو نه رُڪيو ۽ سوَن جي تعداد ۾ پيدا ٿي ويل موالين جو پراپر علاج نه ٿيو ته ايندڙ ٿوري وقت ۾ ماتلي جي صورتحال انتھا درجي تائين خراب ٿي سگھي ٿي، امن امان جا به سنگين مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا، گھرن ۾ ماڻھن جون عزتون ۽ مال به غير محفوظ ٿي سگھن ٿا، اھڙين صورتن ۾ رڳو ايس ايڇ او بدلي ڪرڻ مسئلي جو حل بلڪل نٿو ٿئي. بلڪه ڪنھن به ايس ايڇ او کي فري ھينڊ ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي جيڪا ضرورت  ھن وقت تائين پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. ماتلي ۾ لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال جو معاملو به ننڍو معاملو نه آھي، جنھن کي رڳو ڳالھين سان نظر انداز ڪري ڇڏي ڏجي، ان مسئلي تان عيد کان اڳ جھيڙن جي شروعات ٿي چڪي آھي جيڪا وڌي سگھي ٿي، پر پوليس ڪافي معاملن کان آزاد ڏسجي ٿي. جڏھن ڪو رڪشا وارو قانون جي وايوليشن ٿو ڪري ۽ ان ۾ کنڀجي ٿو ته وڏن جا فون اچيو وڃن، ھٿ جوڙ ڪري اُن کي ڇڏڻو ٿو پوي.