سنڌ ساھه سان سانڍيل سر زمين، صرف زمين جو ٽڪرو نه، پر سڃاڻپ، ثقافت ۽ تهذيب جو تسلسل آهي. هن ڌرتيءَ جي دل، سنڌي ٻولي آهي، اها ٻولي جيڪا ٻار جي ٻالڪپڻ کان وٺي بزرگ جي بيان تائين، هر احساس جي امين آهي، پر اڄ جي شهرن جي شور ۾ اسڪولن جي سرد فضا ۾ ۽ تعليمي ادارن جي تجارتي ترجيحن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ساھه سُڪندو نظر اچي ٿو. لازمي سنڌي مضمون جي سرڪاري حڪمن، سرڪاري هدايتن ۽ سرڪاري همدردين باوجود، حيدرآباد، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي مضمون کي صرف رسمي بڻايو ويو آهي. ستم ظريفي اھا آھي جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جو سنڌي شھري ٻار پنجين درجي جو شاگرد پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جا بنيادي اکر “ڏ،ڱ،ڄ، ڃ” صحيح آواز سان ادا نٿو ڪري سگهي. جڏھن ته غير مادري ٻولي رواني سان پڙھي ٿو. تڏهن اها صرف تعليمي ناڪامي نه، پر تهذيبي تڪليف، ثقافتي سور ۽ قومي نقصان آهي. هيءَ حالت، صرف استادن جي اڻ ڄاڻائي يا شاگردن جي سستي جو نتيجو ناهي، پر هڪ اهڙو نظامي نقص آهي، جنهن ۾ مادري ٻوليءَ جي محبت کي مارڪيٽ جي مفادن تي قربان ڪيو ويو آهي. ڳريون فيون وٺندڙ ادارا، سستي دام سنڌي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪري، نسلن کي پنهنجي جڙن کان جدا ڪري رهيا آهن.
صورتحال جي تصوير: ٻولي ٻڪجي، ٻار بُکيا، لفظ لُڇن، لهجا لُٽجن، حرف حيران، حال هيڻان، تعليم تِکڙي، تهذيب تباھه. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته صرف فڪر نه، پر فوري ۽ فڪري قدم کنيا وڃن.
اصلاحي ۽ عملي تجويزون:
تعليمي توازن ۽ لازمي نفاذ: سنڌ ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي گھرجي ته ان طرف توجهه ڏئي موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي ائين نه ٿئي جو وقت ھٿن مان نڪري وڃي. سنڌي مضمون کي صرف نصاب جو نالو نه، پر نصاب جو نفس بڻايو وڃي. هر پرائيويٽ اسڪول لاءِ لازمي بڻايو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جي تدريس کي باقاعده ڪلاسن، قابل استادن ۽ جديد طريقن سان يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان تعليمي کاتو سخت نگراني ڪري ۽ غفلت ڪندڙ ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ضلعي ۽ تعلقي سطح تي علمي ڪميٽيون: وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هر تعلقي ۾ سنڌي ادب سان وابسته استادن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن تي مشتمل “ٻولي بچاءُ ڪميٽيون” جوڙيون وڃن، جيڪي باقاعده اسڪولن جو دورو ڪري، تدريس جي معيار، شاگردن جي قابليت ۽ استادن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺن.
استاد جي تربيت ۽ تقويت: سنڌي پڙهائڻ لاءِ استاد صرف مقرر ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن جي تربيت به ضروري آهي. جديد تدريس، صوتياتي اصولن ۽ ٻوليءَ جي جماليات تي مشتمل ٽريننگ پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ته جيئن استاد شاگردن ۾ ٻوليءَ لاءِ محبت پيدا ڪري سگهن.
ٻارن لاءِ دلچسپ ۽ جديد مواد: روايتي ڪتابن سان گڏ، جديد دور جي ضرورتن مطابق رنگين، دلچسپ ۽ تخليقي مواد تيار ڪيو وڃي. ڪارٽون، ڪهاڻيون، آڊيو وڊيو سبق ۽ موبائل ايپس ذريعي ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ سان جوڙيو وڃي ته جيئن سکيا سادي ۽ سرس بڻجي.
والدين جي واهر ۽ آگاھي مھم: ٻولي بچاءُ ھفتو ملھائي واڪ جو اھتمام ڪيو وڃي ۽ والدين کي به آگاهي ڏني وڃي ته مادري ٻوليءَ جي اهميت ڇا آهي. گهر ۾ سنڌي ڳالهائڻ، ٻارن کي سنڌي ڪتاب پڙهڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ اسڪولن کان سنڌي تدريس بابت سوال ڪرڻ، والدين جي ذميواري بڻائي وڃي.
انعامي اسڪيمون ۽ مقابلا: شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ تعلقي سطح تي مضمون نويسي، تقرير، پڙهڻ ۽ املا جا مقابلا منعقد ڪيا وڃن. بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ استادن کي انعام ڏنا وڃن ته جيئن ٻوليءَ سان لڳاءُ وڌي.
سخت احتساب ۽ شفاف سزا: جيڪڏهن ڪو اسڪول مسلسل سنڌي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪري ته ان جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ، ڏنڊ لڳائڻ يا هيڊ آف انسٽيٽيوٽ خلاف ڊسپلنري ايڪشن کڻڻ جهڙا قدم کنيا وڃن. احتساب جو عمل شفاف، تيز ۽ بي لاگ هجڻ گهرجي.
ميڊيا ۽ سوشل پليٽ فارمز جو استعمال: ٽي وي، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت بابت مهم هلائي وڃي. مشهور شخصيتن، اديبن ۽ استادن کي اڳيان آڻي، ٻوليءَ جي بقا لاءِ شعور پيدا ڪيو وڃي.
سنڌي ٻولي، صرف ڳالهائڻ جو وسيلو نه، پر سڃاڻپ جو ستون، ثقافت جو سرمايو ۽ تاريخ جو تسلسل آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن کي هن ٻوليءَ کان پري ڪنداسين ته اسان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان رشتو ٽوڙي، مستقبل کي بي بنياد بڻائينداسين.