خاص

ڪوهستان جي سرڪاري زمينن ۾ ڦيرڦار جي جاچ شروع، نيب جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪوٽڙي ۾ ڪراچي نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رميش ڪمار جي اڳواڻي ۾ نيب ٽيم ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پهچي وئي، نيب ٽيم پاران ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي يونين ڪائونسل مول جي 2008 کان 2023 تائين جي سموري رڪارڊ جا تفصيل ورتا ۽ انهي سان گڏ نيب پاران تعلقي ٿاڻي بولاخان جي روينيو عملي جي مقرري جا پڻ تفصيل گهري ورتا.

هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب چار ڏينهن اڳ نيب ڪراچي مول ديهه جو سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. تعلقي ٿاڻي بولاخان جي ڪوهستان واري پٽي ۾ بااثر بروڪرن ۽ بلڊرن توڙي جڙتو روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ ڪامورن جي پڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. جاچ بابت مليل ڄاڻ موجب نوري آباد ايم نائين موٽري ڀرسان ديهه مول ۽ ٻين علائقن جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ واري شڪايت تي روينيو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، نيب ٽيم ٿاڻو بولا خان جي زمينن جو روينيو رڪارڊ چيڪ ڪري گهربل رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي. نيب ٽيم 2008ع کان 2023ع تائين جي سرڪاري زمين جو 15 سالن جو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي.